اوبنٽو آپريٽنگ سسٽم جو سنڌي ترجمو

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏2 فيبروري 2011۔

  1. نظاماڻي

    نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2010
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    پيارا دوستو،
    ڪجھ‌عرصو اڳ اسان جي پياري استاد محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب اوبنٽو جو سنڌي ترجمو ڪرڻ‌ لا هڪ ٽيم جوڙي۔ ان ٽيم ۾‌ سائين مون کي به شامل ڪيو۔

    هن وقت آئون صرف انهي ٽيم جي ڪارڪردگي ۽‌ موجوده پيش رفت بابت ٻڌائڻ چاهيان ٿو۔

    اوبنٽو هڪ کليل پروگرام آهي جنهن کي ڪوبه پنهنجي مرضي آهر تبديل ڪري سگهي ٿو۔ ساڳي طرح‌ ڪوبه فرد يا افراد انهي کي پنهنجي ٻولي ۾‌ ترجمو پڻ‌ ڪري سگهن ٿا۔

    هن وقت اسان جي ڪوششن سان سنڌي لوڪيل فائل (جنهن ۾‌ سنڌي جي انگن، تاريخ جي لکڻي، اکرن جي ترتيب وغِيره شامل هوندي آهي) اوبنٽو ۾‌شامل ٿي چڪي آهي۔ سنڌي ڪيبورڊ پڻ‌ اوبنٽو ۾‌ جمع ڪرايو ويو آهي جيڪو پڻ‌ ڪنهن آئندي اشاعت ۾ شامل ڪيو ويندو۔ جڏهن ته ترجمي جو ڪم پڻ جاري آهي۔

    ڪنهن به دوست کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾‌ سنڌي ۾‌ اوبنٽو ڀرڻو هجي ته ضرور ٻڌائيندا۔ آئون خوشي‌ سان سهڪار ڪندس۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اوبنٽو آپريٽنگ سسٽم جو سنڌي ترجمو

    تمام بهترين ڪوشش آهي ادا سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جي ۽ سندس ٽيم جي سندس سنڌي جي حوالي سان ڪيل خدمتون ساراه جوڳيون آهن

    ادا توهان اهو طريقو فورم تي شيئر ڪري ڇڏيو جنهن به دوست کي ضرورت محسوس ٿيندي اها انسٽال ڪري وٺندو

    بهترين ڪوششون آهن ادا

    سدائين گڏ
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: اوبنٽو آپريٽنگ سسٽم جو سنڌي ترجمو

    ادا نظاماڻي ڀاء توهان جي مهرباني جو اوهان معلومات وارو ٿريڊ شيئر ڪيو جناب سائين عبدالماجد صاحب جن سان جنوري ۾ ملاقات ٿي پاڻ به اهڙو ذڪر فرمايائون سائين عبدالوحيد ڦلپوٽي جي ڳالهه وانگر اوهان اهو مڪمل طريقو هن سنڌ سلامت فورم تي شيئر ڪيو ته جيئن سڀني سنڌي ڀائرن لاء ڀلائي ٿي پوي.
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اوبنٽو آپريٽنگ سسٽم جو سنڌي ترجمو

    ادا تمام بهترين ڪوشش آهي ادا .
     
  5. نظاماڻي

    نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2010
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اوبنٽو آپريٽنگ سسٽم جو سنڌي ترجمو

    سڀ کان پهرين ته هڪ تصوير اوهان سان شيئر ڪريان ٿو جيئن اوهان کي سنڌي ۾‌ ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ‌ جو اندازو ٿئي۔
    [​IMG]

    هن تصوير ۾‌ اوهان ڏسي سگھو ٿا ته اوبنٽو جو ڊيسڪٽاپ انگريزي جي برخلاف ساڄي کان کاٻي آهي، اهڙي طرح‌ پروگرامن جا مينيو پڻ‌ ساڄي کان کاٻي طرف آهن۔

    جيتوڻيڪ سمورو اوبنٽو سنڌيڪارڻ‌ هڪ تمام وڏي جاکوڙ‌ آهي جنهن لا ڪيترن ئي دوستن کي محنت ڪرڻِ‌ پوندي۔ پر جيڪڏهن اسان صرف بنيادي شيون ترجمو ڪنداسين ته هڪ عام سنڌي پڙهيل ماڻھو به ڪمپيوٽر کي بآساني استعمال ڪري سگھندو۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اوبنٽو آپريٽنگ سسٽم جو سنڌي ترجمو

    ادا نظاماڻي ۔۔۔ اوهان سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جي جاکوڙي ٽيم جا هڪ ميمبر آهيو اهو ڄاڻي ڏاڍي خوشي ٿي۔۔ اُبنٽو جي باري ۾ توهان جي ڳالهين سان اسان جي معلومات ۾ اضافو ٿيو۔۔۔
    اوهان کي گذارش‌آهي ته هنن تصويرن کي نئين موضوع جي لحاظ کان پوسٽ ڪيو۔۔۔
     
  7. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: اوبنٽو آپريٽنگ سسٽم جو سنڌي ترجمو

    هڪ بهترين ڪاوش آهي
    ادا رهنمائي ڪندا ته هن آپريٽنگ سسٽم کي ونڊو سان گڏ انسٽال ڪري سگجهي ٿو ؟
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: اوبنٽو آپريٽنگ سسٽم جو سنڌي ترجمو

    ادا نظاماڻي جيڪڏهن ڪوئي دوست انهي ٽيم جو حصو بڻجڻ چاهي ته انهي جو ڇا طريقي ڪار آهي۔۔۔۔
     
  9. عدنان ڪٽپر

    عدنان ڪٽپر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    107
    ورتل پسنديدگيون:
    40
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Larkana
    جواب: اوبنٽو آپريٽنگ سسٽم جو سنڌي ترجمو

    ادا تمام بهترين ڪاوش آهي،مان ابنتو ته استعمال نه ڪيو آهي ڪڏهن پر ميڪنٽوش سنو لپرڊ استعمال ڪيو آهي جنهن جو وري استعمال ڪرڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو