• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ بئنڪ، ايم ڪيو ايم

دوستو هي هڪ انتهائي افسوسناڪ ۽‌سنڌ دشمني تي مبني خبر آهي۔​

خبر هي آهي ته سنڌ ۽ سنڌين سان پراڻي دشمني ۽ وير کي وائکو ڪندي ايم ڪيو ايم سنڌ بئنڪ جي قيام جي مخالف ڪري ڇڏي آهي۔۔
آخر ڇو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟؟
هن بئنڪ جو نالو سنڌ بئنڪ آهي ۽ هن جي هيڊ آفيس ڪراچي ۾ تيار ٿيڻ واري آهي

ٻيو؛ هن بئنڪ ذريعي غريب سنڌي ماڻهن کي بزنس، (ڪاروباري) لون، هائوس بلڊنگ ( گهر جي تعمير جي لا لون) ۽ ٻيون گهڻيون سهولتون ملي سگهڻيون آهن

ٽيون ؛ هن بئنڪ جي ڪاغذي اڪائونٽ فارم تي سنڌي ٻولي لکيل هوندي۔۔۔۔


جنهن وڻ هيٺ پناهه وٺڻ ان جون ئي پاڙون ڪٽڻ

افسوس سد افسوس

۔
۔
۔
۔
۔
۔
۔
 
جواب: سنڌ بئنڪ، ايم ڪيو ايم

پهرين ڪهڙو ايم ڪيو ايم وارا سنڌين تي ٺري رهيا آهن جو هاڻ انن مان ڪجهه اميد ڪجي بس پي پي پي پي وارن کي دعا ڪن جو هنن ايم ڪيو ايم وارن کي دل ۾ جاء ڏني دعا ڪن زرداري صاحب کي جو سنڌ اسيمبلي ۾ ويهاريو سنڌين سان نه انصافي ڪري پاڻ کي تيس مار کان سمجهن ٿا
 
جواب: سنڌ بئنڪ، ايم ڪيو ايم

مطلب ته هاڻ اها بئنڪ نه ٺهندي ۽ سنڌ جا مالڪ چوندا ته اسين ته ڪجهه ڪرڻ لا هٿ پير هڻون ٿا پر ايم ڪيو ايم وارا ۔۔۔۔؟؟؟؟؟ اهي ڊراما اصل ۾ ڪيستائين هلندا سا ته خبر ناهي پر ۔۔۔ اسان سنڌي ماڻهن جي حالت به ان ماڻهون جيئان آهي جنهن پنهنجي سموري دولت هڪ ٻرڙ ۾ اڇلائي ان جي منهن تي نانگَ ويهاري ڇڏيا هجن ۔۔۔ هاڻ ڪير به ان مان ڪا به شئي ڪڍندو ته نانگ جو ڏنگ ۔۔۔

سو سنڌ جي دولت ۽ مال تي نانگن جو قبضو آهي ۔۔۔

قوم کي ننڊ ڪرڻ ڏيو ۔۔۔ ڏسجي ته ڪڏهن ٿي جاڳي ۔۔۔؟؟؟
 
جواب: سنڌ بئنڪ، ايم ڪيو ايم

اها تمام غلط ڳالهه آهي جيڪڏهن سنڌ بئنڪ ٺهي ٿئي ته ايم ڪيو وارن کي ڪهڙو نقصان ٿيندو
افسوس آهي

انهن جي اهڙي فيصلي تي

.................
 
جواب: سنڌ بئنڪ، ايم ڪيو ايم

ڪاوش ۾ آيل خبر جو عڪس


ايم ڪيو ايم سنڌ بئنڪ تي اعتراض واري ڇڏيا​
ڪراچي (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم سنڌ بئنڪ قائم ٿيڻ تي اعتراض ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ متحده جي پارلياماني اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سيد سردار احمد وڏي وزير کي خط لکي سنڌ بئنڪ جي قيام تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.”ڪاوش“ پاران رابطو ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ سيد سردار احمد ٻڌايو ته هن سنڌ بئنڪ جي قائم ڪرڻ وارين ڳالهين کانپوءِ وڏي وزير ڏانهن نومبر 2010ع ۾ هڪ خط لکيو هو جنهن ۾ هن ڄاڻايو هو ته پنجاب بئنڪ ۽ خيبر پختونخوا بئنڪ مڪمل طور ناڪام ٿي ويون آهن ۽ سنڌ بئنڪ جي قيام سان وڏيرا قرض حاصل ڪندا جنهن کان پوءِ اهي واپس موٽائي نه ڏيندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي جيڪڏهن هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي قرض ڏيڻو ئي آهي ته پوءِ مائڪرو فنانس بئنڪاري ڪئي وڃي ته جيئن مقصد حاصل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي خط لکڻ کانپوءِ وڏي وزير پاران کيس ڪوبه جواب نه مليو آهي. جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اها ڄاڻ ڏني وئي ته سنڌ بئنڪ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڪابينا جي اجلاس ۾ ان جي منظوري ورتي وئي، هوڏانھن سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ميڊيا ڪو آرڊينيٽر تاج حيدر چيو آهي ته سنڌ بئنڪ باقاعده ھڪ قانون تحت قائم ٿي چڪي آھي، ھاڻ ان کي مضبوط ڪرڻو آھي ۽ اڳتي وٺي وڃڻو آھي، ٻيون بئنڪون اميرن لاءِ ڪم ڪري رھيون آھن، سنڌ بئنڪ ننڍن آبادگارن ۽ وچولي طبقي لاءِ آھي، ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالھائيندي تاج حيدر چيو ته ايم ڪيو ايم پاران سنڌ بئنڪ جي مخالفت ڪرڻ ان جو مسئلو آھي، اھا بئنڪ غريبن لاءِ آھي ۽ اھا غريبن لاءِ ڪيتري اھم آھي ان تي غور ڪرڻو آھي.​
 
جواب: سنڌ بئنڪ، ايم ڪيو ايم

ايم ڪيو ايم جي اهڙي حرڪتن مان خبر پوي ٿي ته اها ڪڏهن به سنڌ سان سچي نه ٿي سگهندي
 
Back
Top