• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خساري وارين ريل گاڏين سميت ننڍين لائينن تي هلندڙ 20 ٽرينون بند ڪرڻ جو پلان تيار

علي حسين

سينيئر رڪن
روزاني ڪاوش

لاهور(بيورو رپورٽ) پاڪستان ريلوي قومي لائين تي ٽرينن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي هلائڻ لاءِ خساري ۾ ويندڙ ٽرينن سميت ننڍين لائينن تي هلندڙ 20 ريل گاڏين کي بند ڪرڻ جو هنگامي پلان تيار ڪري ڇڏيو آهي . ان فيصلي تي عمل ڪندي اوڪاڙا سيڪشن تي هلندڙ هڪ ٽرين کي ڪالهه بند ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ان ٽرين جا مسافر لاهور اسٽيشن پهتا ۽ کين ٽرين بند ٿيڻ جو ٻڌايو ويو ته انهن شديد احتجاج ڪيو ۽ ان وقت اسٽيشن تي راولپنڊي کان ڪوئيٽا لاءِ ويندڙ ٽرين کي روڪي ڇڏيو، ٽن ڪلاڪن تائين ٽرين کي روڪي رکڻ بعد انتظاميا اوڪاڙا سيڪشن تي ويندڙ ٽرين کي بند ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو، جنهن بعد مسافرن ڪوئيٽا ويندڙ ٽرين کي وڃڻ ڏنو. فيصلي مطابق جن ٽرينن کي هنگامي حالتن جي پيش نظر بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي انهن ۾ لاهور اوڪاڙا، لاهور پاڪپتن ، لاهور شورڪوٽ، لاهور پشاور، روهڙي ڪوٽڙي، سماسٽا خانيوال ، خانيوال ملتان ، ملتان ڪراچي، پنڊي اٽڪ ۽ سکر خانپور اپ ڊائون شامل آهن. ريلوي اهو فيصلو اداري جي خساري ۾ وڃڻ ۽ گذريل ڪجهه وقت کان جاري تيل جي بحران کي نظر ۾ رکي ڪيو آهي، فيصلي مطابق مٿي ڄاڻايل ٽرينن مان ڪنهن به ٽرين کي بند ڪرڻ جي ضرورت پوڻ تي نئين فيصلي يا ان جي منظوري جي ضرورت نه پوندي پر موجوده فيصلي جي روشني ۾ ريلوي هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکي انهن ٽرينن مان به ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ يا وري سمورين ٽرينن کي بند ڪري سگهي ٿي،
 
جواب: خساري وارين ريل گاڏين سميت ننڍين لائينن تي هلندڙ 20 ٽرينون بند ڪرڻ جو پلان تيار

سائين الله ڪري جيڪو صبح جي ٽائيم انجن گذرندو آهي ان کي بند ضرور ڪن پوري علائقو دوهون ڪري ويندو آهي اهو به ايترو ڪارو جو وڃي خير ٿين
 
Back
Top