نثارابڙو
نائب منتظم
رشيد سمون؛ منهنجي نظر ۾ نالو آهي، سچائيءَ جو، نالو آهي سنڌيت جو، نالو آهي، همٿ ۽ مڙسيءَ جو، نالو آهي، دوستيءَ جو ...
رب مونسان ايترو مهربان آهي جو هن مونکي الائجي ڇو هڪ عجيب قسم جي ڪسوٽي ڏئي ڇڏي آهي، ڪنهن جا جملا يا ڪنهنجو چهرو يا ڪنهنجي اکڙين ۾ پنهنجي لاءِ دوستي محسوس ڪري وٺندو اهيان ...
شروع ۾ مون جڏهن سنڌ فورم تي اچي سنڌي لکڻ شروع ڪئي ته رشيد سمون جا ڪجهه خيال نظر آيا، الائجي ڇو مونکي ائين لڳو ته هي ته منهنجو دوست آهي ... ۽ مون کيس لکيو هو ته رشيد صاحب اسانجي ڪٿي ملاقات ٿيل آهي ڇا؟ ته پاڻ جواب ڏنو هيائين ته ” ملاقات ته نه ٿي آهي پر اميد آهي ته اوهان جڏهن سنڌ ايندا ته ملاقات ضرور ٿيندي“
بس اهو ڏينهن هي ڏينهن منهنجي تمام ويجهن ۽ عزيز دوستن جي مختصر فهرست ۾ هڪ سهڻي نالي جو اضافو ٿي ويو آهي ...
جيتوڻيڪ آءُ ڪنهن دوست کي سندس ڄم جي مبارڪ ناهيان ڏيندو ۽ هاڻ به آءُ رشيد کي ڄم جي مبارڪ نه پر سندس سنڌ لاءِ ڪيل ڪم ۽ سنڌي زبان لاءِ ڪيل هڪ سهڻي خدمت ڪرڻ تي مبارڪ ضرور ڏيندس ...
ماڻهون ڄمن ٿا ۽ مري وڃن ٿا پر اهي ماڻهون امر ٿي ويندا آهن ۽ وڏي ڄمار حاصل ڪري ويندا آهن جيڪي قومي، ديني يا انساني خدمتن ۾ ڪجهه ڪري ويندا آهن ... رشيد سمي به سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي تخليق ڪري هڪ اهڙو ئي يادگار ڪم ڪيو آهي جيڪو اسانجي حياتين ۾ وسارڻ جهڙو ناهي ۽ جيستائين سنڌي ٻوليءَ م انٽرنيٽ جي تاريخ لکي ويندي ان ۾ رشيد سمي جو نالو ضرور لکيو ويندو ...
دعا آهي ته رشيد سمون پنهنجين سمورين سچاين ۽ دوستين سان سنڌ ۽ سنڌيت جي واڌ ويجهه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهي ته جيئن اسانجي به رهنمائي ٿيندي رهي ...
سائين رشيد سمان صاحب، سچ پڇو ته اوهان جهڙا سچا ۽ عملي انسان سنڌ پئدا ڪرڻ شروع ڪري ته اهو ڏينهن پري ناهي جو سنڌ امڙ جو نالو ڪنڊ ڪڙچ ۾ اوچو ٿي ويندو ...
اسانجون دعائون، نيڪ تمنائون ۽ اسانجون خدمتون اوهان لاءِ آهن ... مونکي ڪٿي پڙهيل هي لفظ چوڻ ڏيو ته زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي ڪڏهن به روئڻ چاهيو ته آواز ضرور ڏجو، ممڪن اوهانکي روئڻ کان روڪي نه سگهون پر من گڏجي روئي سگهون ...