رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [JUSTIFY]
    [​IMG]
    .

    رشيد سمون؛ منهنجي نظر ۾ نالو آهي، سچائيءَ جو، نالو آهي سنڌيت جو، نالو آهي، همٿ ۽ مڙسيءَ جو، نالو آهي، دوستيءَ جو ...

    رب مونسان ايترو مهربان آهي جو هن مونکي الائجي ڇو هڪ عجيب قسم جي ڪسوٽي ڏئي ڇڏي آهي، ڪنهن جا جملا يا ڪنهنجو چهرو يا ڪنهنجي اکڙين ۾ پنهنجي لاءِ دوستي محسوس ڪري وٺندو اهيان ...

    شروع ۾ مون جڏهن سنڌ فورم تي اچي سنڌي لکڻ شروع ڪئي ته رشيد سمون جا ڪجهه خيال نظر آيا، الائجي ڇو مونکي ائين لڳو ته هي ته منهنجو دوست آهي ... ۽ مون کيس لکيو هو ته رشيد صاحب اسانجي ڪٿي ملاقات ٿيل آهي ڇا؟ ته پاڻ جواب ڏنو هيائين ته ” ملاقات ته نه ٿي آهي پر اميد آهي ته اوهان جڏهن سنڌ ايندا ته ملاقات ضرور ٿيندي“

    بس اهو ڏينهن هي ڏينهن منهنجي تمام ويجهن ۽ عزيز دوستن جي مختصر فهرست ۾ هڪ سهڻي نالي جو اضافو ٿي ويو آهي ...

    جيتوڻيڪ آءُ ڪنهن دوست کي سندس ڄم جي مبارڪ ناهيان ڏيندو ۽ هاڻ به آءُ رشيد کي ڄم جي مبارڪ نه پر سندس سنڌ لاءِ ڪيل ڪم ۽ سنڌي زبان لاءِ ڪيل هڪ سهڻي خدمت ڪرڻ تي مبارڪ ضرور ڏيندس ...

    ماڻهون ڄمن ٿا ۽ مري وڃن ٿا پر اهي ماڻهون امر ٿي ويندا آهن ۽ وڏي ڄمار حاصل ڪري ويندا آهن جيڪي قومي، ديني يا انساني خدمتن ۾ ڪجهه ڪري ويندا آهن ... رشيد سمي به سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي تخليق ڪري هڪ اهڙو ئي يادگار ڪم ڪيو آهي جيڪو اسانجي حياتين ۾ وسارڻ جهڙو ناهي ۽ جيستائين سنڌي ٻوليءَ م انٽرنيٽ جي تاريخ لکي ويندي ان ۾ رشيد سمي جو نالو ضرور لکيو ويندو ...

    دعا آهي ته رشيد سمون پنهنجين سمورين سچاين ۽ دوستين سان سنڌ ۽ سنڌيت جي واڌ ويجهه ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهي ته جيئن اسانجي به رهنمائي ٿيندي رهي ...

    سائين رشيد سمان صاحب، سچ پڇو ته اوهان جهڙا سچا ۽ عملي انسان سنڌ پئدا ڪرڻ شروع ڪري ته اهو ڏينهن پري ناهي جو سنڌ امڙ جو نالو ڪنڊ ڪڙچ ۾ اوچو ٿي ويندو ...

    اسانجون دعائون، نيڪ تمنائون ۽ اسانجون خدمتون اوهان لاءِ آهن ... مونکي ڪٿي پڙهيل هي لفظ چوڻ ڏيو ته زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي ڪڏهن به روئڻ چاهيو ته آواز ضرور ڏجو، ممڪن اوهانکي روئڻ کان روڪي نه سگهون پر من گڏجي روئي سگهون ...

    [​IMG]
    .
    رب العالمين اوهانکي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي ... آمين

    [/JUSTIFY]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    [justify]
    سنڌ جي تاريخ گواهه آهي ته سما سنڌ جا سڄڻ، هڏ ڏوکي، قدردان ٿي رهيا آهن ۽ هر دور ۾ سنڌ جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن۔۔ شاهه سائين جي رسالي جي اندر سمن کان وڌيڪ شايد ئي ڪنهن ذات جو ذڪر ملندو هجي، ان ڪري پنهنجو ته سَمن سان اونئين ئي سِر لڳي ڇو ته پنهنجي ڪسوٽي اها ئي آهي ته جيڪو سنڌ دوست آهي اهو اسان جو دوست آهي، جيڪو سنڌ جو پنهنجو آهي اهو اسان جو پنهنجو آهي۔۔۔ جيڪو سنڌ جي لاءِ ڪم ڪري ٿو ان جي قدر ڪري ٿو ته اسان به ان جي قدر ڪريون ٿا۔۔۔
    سائين رشيد سمون سان اونئين ته ٽي ڀيرا ملاقات ٿي چڪي آهي پر هينئر انهن سان ڊگهي عرصي کان ڪا ملاقات نه ٿي آهي۔۔ ڇو ته پاڻ‌ هينئر پهرين کان وڌيڪ مصروف ٿي چڪا آهن، بهرحال وي بُليٽن فورم کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري وري سنڌ سلامت جهڙي فورم تيار ڪري ان کي قائم دائم رکڻ‌ ۽ تسلسل سان هلائي دنيا جي تمام سنڌين کي هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪرڻ‌ اهو ڪو عام ڪم نه آهي، اها اهڙي ڪا هستي ڪري سگهي ٿي جيڪا سنڌ جي لاءِ اهو جذبو رکي جيڪو سنڌ جي مهان شخصيتن ۾ آهي۔۔۔ اهڙين باعمل شخصيتن جي ڄمڻ‌ تي سنڌ امڙ به فخر ڪندي آهي۔۔ آئون به سائين رشيد سمون کي سندن سالگرهه جي دل جي گهراين سان مبارڪ باد ڏيان ٿو
    @};-@};-@};-@};-​
    [/justify]
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    واھ سائين سائين رشيد سمون صاحب جن کي اُٿي بيهي ٻنهي هٿن سان سلام ان جي محنت ۽ پنهنجي ٻولي سان محبت ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته سائين پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي قوم سان ڪيتري محبت ڪن ٿا۔
    هي ڪو سولو ڪم نه آهي هن ڪم ۾ سائين جن جيڪا محبت ڪئي آهي اسانکي ان جو تمام گهڻو قدر آهي۔

    اڄ سائين جن جو جنم ڏينهن آهي انهي جي ڪري اسان پاران به سائين جن کي لک لک وڌايون ۽ دعائون۔
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    دوستو اسان به انهي يادگار ڏينهن تي اڄ سائين رشيد سمون صاحب جيڪو مخصوص سائين جي جنم ڏينهن جي ڪري اسان پاران به سائين جن کي لک لک مبارڪون ۽ دعائون۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    [JUSTIFY]ادا رشيد کي جنم ڏينهن جون واڌايون

    خوشنصيب آهي سنڌ ، سنڌ سلامت ۽ اسان سندس سڀ دوست جو هن ڀلاري ڏينهن تي سنڌ جو هي سپوت ، يارن جو يار ، ڌرتيء جو وفادار ۽ مهان انسان عبدالرشيد سمون جو جنم ڏينهن ٿيو۔

    مان رشيد کي سنڌ سلامت جو ميمبر ٿيڻ کان پوء به ڪونه سڃاڻندو هئس گذريل عيدالفطر جي ڏينهن سچل ڳوٺ جي مرڪزي عيدگاه ۾ عيد نماز سائين نثار ابڙو سان گڏ پڙهي سين پاڻ چيائون ته دوستن سان ملي منجهند مون وٽ اچجو۔ منجهند جو مصروف هئڻ سبب مون کان ته ڳاله ئي وسري وئي سائين جو فون آيو ته سنڌ سلامت جو منتظم اعلا رشيد سمون مون وٽ آيل آهي اوهان به اچو ۽ سنڌ سلامت بابت صلاح ڏيو۔ رشيد سان اها پهرين ملاقات ايڏي گهري دوستيء ۾ تبديل ٿي ويندي اهو ڪڏهن سوچيو به ڪونه هو۔ پر پوء اهو ناتو ايڏو مضبوظ ۽ گهرو ٿي ويو جو شايد ئي ڪو ڏينهن هوندو جڏهن اسان جو فون تي رابطو نه ٿيندو هجي۔

    سنڌ سلامت هجي يا سنڌ جا مسئلا رشيد جڏهن به سچل ڳوٺ ايندو ته وقت خبر ناهي ڇو محدود ٿي ويندو آهي ۽ پوء دوستن سان سنڌ جي ڳالهين ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳي ويندا۔ وفادار ۽ سچو دوست ، خود دار ڪيڏو به پريشان هجي ڪنهن دوست سان ذڪر ئي ڪونه ڪندو۔ دوستن جي مدد ڪندو رهندو ۽ چڱي ڪم ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳائي ڇڏيندو پوء ڀلي مان ۽ مولوي رحيم بخش سندس انتظار ۾ 5 ڪلاڪ ويٺا هجون۔ فورم جو ڪوبه ڪم هجي چئلينج سمجهي ڪندو پوء کڻي ڪيترو به وقت لڳيس۔ سندس اهڙي جذبي لاء مان کيس لطيف سرڪار جو هي بيت ارپيندس :

    جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛
    ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟

    ڪابه پريشاني ٿيندي ته ان جو حل به ضرور ٻڌائيندو۔ مو ڪاله به رشيد سان ڪوئي اڌ ڪلاڪ فون تي ڳالهايو ۽ شايد ٽي دفعا ڳالهايو پر مونکي سندس جنم ڏينهن جي ياد ئي ڪونه هئي۔ سائين نثار ابڙو کي شاباسون هجن جو مونکي به رات اطلاع ڪيائين پر مان شايد ننڊ ۾ هئس ۽ الائي ڇا پئي لکيم سو سائين چيو ته اڄ آرام ڪر صبح جو هي ليک ڏسي وٺجان۔

    رشيد ڳالهيون به وڏيون ڪندو ڪڏهن ڪڏهن ته ڪمپيوٽر جي گهرائيء جون ڳالهيون ٻڌندي مان ۽ سائين نثار ابڙو صرف ها ها ڪندا رهندا هئاسين پوء پاڻ ئي محسوس ڪندو هو ته مان شايد گهڻو اڳي نڪري ويو آهيان۔ دوستن جا ڪم فون تي به پيو ڪندو۔ علي علي کي ڪم پوندو ته به پيو ڳوليندس ، دوستن کي فون تي ونڊوز پيو انسٽال ڪرائيندو۔ ڪڏهن ڪڏهن وري عجيب ڪم به ڪندو ۽ پوء مونکي فون ڪري ٻڌائيندو به ۽ ٽهڪ به پيو ڏيندو۔ سنڌ سلامت لاء سدائين اڻ تڻ هوندس ۔

    دعا آهي ته رب پاڪ کيس خوش رکي ۽ زندگيء جون اڻ کُٽ بهارون ماڻي۔ سندس سان گذاريل ڪجه پل ۽ انهن جون تصويرون :
    [/JUSTIFY]

    سائين ماجد ڀرڳڙي ۽ سليمان وساڻ سان گڏ

    [​IMG]

    عامر ضياء چارڻ ۽ مولوي رحيم بخش سان گڏ

    [​IMG]

    رضوان گُل ۽ سليمان وساڻ سان گڏ

    [​IMG]

    طاهر سنڌي ، سليمان وساڻ ۽ عرس پريي سان گڏ ثقافت واري ڏينهن سچل ڳوٺ ۾

    [​IMG]


     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    [JUSTIFY]سائين عبدالرشيد جن لاء هن عاجز طرفان به سندن جنم ڏينهن تي رب ڪريم جي بارگاه ۾ دعا آهي ته الله تعالي کين صحت و عافيت سان وڏي ڄمار نصيب فرمائي سندن علم ۽ صلاحيتن ۾ مزيد ترقي عطا فرمائي واقعي سندن شخصيت محبوب شخصيت آهي اسان کان چند دوست به سنڀاليا نه ٿا ٿين پر پاڻ هيترن سارن دوستن سان دوستي جو ناتو نڀائي رهيا آهن اها سندن وسيع ظرفي خوش اخلاقي چئبي منهنجو هڪ تمام نهايت مهربان دوست آهي سائين محمد حنيف صاحب جيڪو روزانه صبح جو مون ڏي هڪ ايس ايم ايس ڪندو آهي اڄ جيڪو پاڻ ايس ايم ايس ڪيائون اهو منهنجي خيال ۾ سائين عبدالرشيد جن جي شخصيت جي عڪاسي ڪري ٿو ان ڪري اهو هتي لکان ٿو اگرچه انگريزي ۾ آهي ليڪن انجو مفهوم سنڌي ۾ پاڻهي سائين قبله نثار ابڙو جن بيان ڪندا ڇو ته چاچي حاجي منير احمد جن وانگر اسان کي انگريزي گهٽ ايندي آهي. ان ڪري فقط لفظ نقل ڪري لکجن ٿا.[/JUSTIFY]

    Strong People know
    How to keep their Life
    in order
    Even with tears
    in their Eyes,
    they still manage to say:
    " I am OK " with a SMILE:-
    So face the challenges
    with dare and Smile

    هن جو ترجمو ڪافي ته سائين محمد سليمان جن جي تحرير۾ اچي چڪو آهي بهرحال سائين جن جي شخصيت پر ڪشش آهي سندن آواز ۾ پنهنجائپ وارو ٽون سمايل آهي تعريف سان گڏ تنقيد به ڀاڄي ۾ لوڻ وانگر هوندي آهي پر هن عاجز کي لکڻ جو ايترو ڏان ء ڪونهي متان لوڻ گهڻوپئجي وڃي ته ذائقي بجاء هٿ ئي ڪڍڻو پئجي وڃي سو ان ڪري فقط ايترو چئبو ته سائين ٽائيم جا پابند آهن . الله تعالي سائين جن کي سندن اهل و عيال سميت شاد و آباد رکي.


    >:D<@};-@};-@};-@};-@};-@};-@};-@};->:D<​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]



    سائين محمد سليمان ۽ سائين عبدالوحيد ڦلپوٽي فقيرجن کي عرض آهي ته ٻڌائين ته هي اسان وارو جادوگر ته نه آهي يار هي ڏسو ته ڪاٿي ڪاٿي پيو ٿو گهمي پاڻ کي ته پتو ئي ڪونه ٿو پوي ڪنهن وقت پاڻي تي پيو سير ڪري ته ڪنهن وقت ڪاٿي باغن جي خوشبوء ڀري فضا جا مزا پيو ماڻي پاڻ کي ته صلاح ئي ڪو نه ٿو ڪري جادو جي زور تي جادو واري هوائي ڪرسي تي سوار ٿي الائي ڪهڙا ڪهڙا علائقه پيو ڀيلي. اهو ساڳيو اسان وارو جادو گر آهي يا ڪو ٻيو............
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    ادا سائين جن کي اسان جي طرفان به جنم ڏينهن جون
    لک لک واڌايون.
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ


    سائين رشيد سمون صاحب کي مون فقير طرفان به دل جي گهرائين سان سالگره مبارڪ هجي مون کي چوڻ لا۽ اهي لفظ ئي نه مليا ان ڪري مان کي جيڪي لفظ پسند پيا مان اهو ڪوٽا ڪري پيش ڪيا آهن اسان جي دعا آهي ته سائين رشيد سمون صاحب زندگي جون هر خوشيون ماڻي . آمين

    سائين رشيد سمون صاحب

    فقير طرفان هي ڪيڪ ۽ گلن جو تحفو قبول ڪجو


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    لک لائق سڀني دوستن جا جن منهنجي سالگره جي ڏينهن تي لفظن ۽ ورچوئيل تحفن جي ڀيٽا ڏني۔۔۔
    وقت ڪڏهن به رڪيو نه آهي۔۔ ۽ زندگي جا پل ڪيترو تيزي سان ٿا گذرن ان جي خبر ئي نه ٿي پوي۔۔۔ منهنجي ننڍپڻ کان اها خواهش رهي آهي ته زندگي ۾ ڪجهه ته اهڙو ڪجي جو تيزي سان گذرندڙ هي پل جي ختم به ٿي وڃن ته به گهڻو وقت نه سهي ٿوري وقت لاءِ ئي ۔۔ گهڻن جي لاءِ‌ نه سهي پر ٿورن لاءِ ئي ڪجهه ڪري وڃجي۔۔۔ پر ڇا ڪجي اهو سوچي سوچي زندگي جا 32 سال گذري ويا ۔۔۔ شايد مان به هاڻي اهو سوچي رهيو هيس ته روايتي طريقي سان آيس ۽ روايتي طريقي سان ويندس ۔۔۔ خواهش پوري نه ٿي سگهندي۔۔۔
    هوئن عام سنڌين وانگر مان به ڪو انقلابي سنڌي نه آهيان۔۔۔ ان ڪري ان خواهش تي سوچيندي هاڻي کِل ايندي هئي۔۔۔ پر ائين لڳو ڄڻ قسمت مون تي ترس کاڌو ۽ مون کي ٻين ننڍن وڏن علمن سان گڏ ڪمپيوٽر طرف به ڌڪيو۔۔۔ اسڪولي دور کان وٺي مون هر شي تي غور ڪرڻ جي عادت هئي پنهنجي اهڙي حساس طبيعت به هميشه نقصان ئي ڏنو۔۔۔ پر هن دفعي ان ساڳي ئي طبيعت گهڻو ڪجهه ڪرڻ تي اڪسايو۔۔۔
    ڪمپيوٽر جي علم ۾ مون بس هڪ سوال جي جواب جي کوجنا ڪئي ۔۔۔ ۽ سوال آهي۔۔۔
    ”آخر اهو ٿئي ڪهڙي طرح ٿو۔۔۔؟“
    هن سوال جي جواب ۾ سرگردان رهيس ۽ هر ڪنهن کان پڇڻ شروع ڪيم ۔۔۔ اهڙي طرح ڪي استاد ٿي گڏيا ته ڪي دوست ٿي منهنجي سوال جي جواب ۾ ساٿ ڏيڻ لڳا۔۔۔ وقت سان گڏ جڏهن ڪجهه ڄاڻڪاري ملي ته پنهنجن لاءِ ۽ پنهنجي ٻوليءِ لاءِ اهو ڪرڻ جي ڪيم جيڪو پهريان نه ٿيو هو۔۔ ۽ پوءِ قسمت توهان جهڙا قيمتي دوست ڏنا ته ڪم آسان ٿي ويو۔۔۔
    مٿي سائين نثار سنڌ سلامت جو ذڪر ڪندي مون کي ڪجهه وڌيڪ ئي پيش ڪيو آهي ۔۔۔ حقيقت ته اها آهي توهان سڀ دوست ئي سنڌ سلامت آهيو ۔۔۔ ۽ هي سمورو ميلو هڪ رشيد ڪري نه پر توهان سڀني جي ڪري ئي متل آهي۔۔۔۔
    مون هر دفعي ڪوشش ڪئي ته پاڻ کي کليل ڪتاب وانگر رکجي ان ڪري ئي ته ادا سليمان وساڻ مون کي پڙهي سگهيو آهي پر پنهنجي دل سان لکيل انهن جملن ۾ مون کي ڪجهه وڌائي پيش ڪيو اٿائين ۔۔۔
    سائين رحيم بخش خود ايترا محبتي ماڻهون آهن جو سندن صحبت مان اٿڻ تي ئي دل نه چوندي آهي ۔۔۔ صاف ظاهر آهي ته جيڪو پاڻ ايترو ڀلو هوندو ته هر ڪنهن کي به ايترو ئي ڀلو سمجهندو۔۔۔
    ادا مست ۽ ڦلپوٽو سان واقعي گهڻو ملاقاتون ناهن ٿيل پر ٿوري ئي وقت ۾ اسان جي وچ ۾ محبت جو ناتو قائم ٿيو ويو آهي۔۔۔
    مهرباني ادا رياض، عمران ۽ عاشق جي جن مون کي هن موقعي تي محبت سان مبارڪ ڏني ۔۔ خواهش آهي ته ٻين دوستن وانگر جلد ساڻن سان به ملاقات ٿئي ۔۔۔۔
    مهرباني دوستو ۔۔۔۔۔ بس توهان مان اهڙي ساٿ کي جاري رکڻ جي اميد ۽ خواهش آهي ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    ادي وساڻ کي ڍير ساتريون مبارڪون جو رشيد جهڙو جادوئي ڪتاب پڙهي سگهيو آهي ۔۔۔ مطلب ته هاڻ ادو سليمان به جادوگر سڏرائبو ۔۔۔ هل ته سهي ۔۔۔ هڪ جادوگر ئي اسان لا سمجهڻ ڏکيو هو هاڻ ته ٻه جادوگر ٿي پيا آهن ۔۔۔

    ادا سليمان ڪتاب پڙهي ٻين کي به پڙهائبو آهي ۔۔۔ اسين به اميدوار آهيون ۔۔۔۔؟؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    سڀني دوستن سائين رشيد سمون جي شان ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان کي پڙهي اسان کي فخر محسوس ٿئي ٿو ته اهڙي هڪ منتظم جي قائم ڪيل ويب سائيٽ جو اسان به هڪ حصو آهيون۔۔۔۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    سائين اڃان ته پڙهيو آهي۔۔۔۔۔سمجهڻ لاء وقت گهرجي پر رشيد ته بلڪل سڌو سادو ۽ يارن جو يار آهي ان کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاء ڪنهن جادوء جي ضرورت ناهي۔ هو ڪمپيوٽر ۾ ته جادوئي ڪمال ٿو رکي پر دوستن لاء هو دوست ئي آهي سندس لفظ اقتباس طور پيش ٿو ڪيان :

    اوهان جڏهن هن عظيم شخص سان ڪجه ڏينهن گذاريا ته اوهان کي يقين ٿي ويندو۔ باقي ڪمپيوٽر واري جادوگري پاڻ کان چڙهيل آهي اهو ڪم فقير ۽ ادو عامر ضياء ئي ڪري سگهن ٿا۔
     
  14. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    سائين جن کي جنم ڏينهن جون لک مبارڪون،
    الله کان دعا ته هميشه مسڪرائيندا رهن شل ڪوسو وا نه لڳي۔۔۔
     
  15. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    هي معجزو آ، تنهنجي ڀرپور دوستيء جو۔
    مظبوط عزم ٿي ويو، ڪمزور زندگيء جو۔

    طوفان ٿي اٿان ٿو، رهڙي کنوڻ کڻان ٿو،
    اچ پهچ عشق سوڌو، سڏ آهي سنگتي جو۔
    بخاري

    ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو جذبو سنڌ ء سنڌيت سان بي لوث محبت محترم عبدالرشيد ۾ ننڍ پڻ کان ئي آهي،
    مونکي ياد آهن اهي ڏينهن جڏهن هي مونکي چوندو هيو مان پنهنجي سائيٽ ٺاهيندس ء مان چوندو هيومانس ته خير آ خوب ڏسڻ تي ڪا پابندي ڪانه آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ء اڄ هن اهڙو محبتي ميلو مچايو آهي جيڪو انشاالله سنڌي ٻوليء جو سڀ کان وڏو ء مقبول نيٽ ورڪ ثابت ٿيندو آمين،،،،،،،،،،،،،،،،،،،، ان لاء محترم عبدالرشيد جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي۔۔۔

    هڏ ڏوکي همدرد مهربان ء سچي دوست محترم عبدالرشيد کي منهنجي طرفان به جنم ڏينهن تي کوڙ ساريو دعائون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله سائين شل وڏي ڄمار ڏئيس آمين


    دعا آهي ته رب پاڪ کيس خوش رکي ۽ زندگيء جون اڻ کُٽ بهارون ماڻي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔


    سنڌ سلامت ساٿ سلامت




    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. علي منير پاٽائي

    علي منير پاٽائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    السلام عليڪـــــــــــم ورحمة الله وبرڪــــــــــــاته




    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: رشيد سمون هڪ دوست هڪ تاريخ

    الله سائين عبد الرشيد جن کي سلامت رکي، هو اسان سڀن جو محسن آهي، جنهن جو صلو صرف ڌڻي تعالي ئي کين ڏئي سگهي ٿو ۽ اسين کين صرف دعائون ئي ڏئي سگهون ٿا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو