• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فقير سائين کي مبارڪون

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ
جواب: فقير سائين کي مبارڪون

ادا عبد الوحيد صاحب اوهان کي مون پاران به لکين واڌايون قبول پون۔
ادا وحيد سان اڄ ڇنڇر اسُرَ ويل فجر کان پهرين تقريبا صبح جي 5 ڌاري زندگي ۾ پهريون ڀيرو ملاقات جو شرف حاصل ٿيون۔
مختصر تقريبا 10 منٽ جي هن پهرين ملاقات ۾ سندن ۾ تمام بهترين شخصيت جو ڪردار محسوس ڪيم۔
ادا سليمان وساڻ صاحب جن ڪراچي کان ادا وحيد لاءِ 50 ڪيلينڊر جون ڪاپيون انهن تائين پهچائڻ جو ذمو مون تي رکيو هو جو آءُ سهي سان پنهنجي ڳوٺ پيو وڃان ته ادا وحيد جن اسُر ويل اٿي اچڻ جو واعدو ڪيو ۽ خوب نڀايو۔
ادا وحيد اميد آهي ته ڪيلنڊر اوهان کي ضرور پسند آيو هوندو۔
وري اوهان کي سپر ايڊيٽر ٿيڻ تي لکين واڌايون۔


واليڪم السلام سائين طاهر سنڌي صاحب ،
خئير مبارڪون توهان جون ڏنل مبارڪون مون جي لا۽ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهن
اڄ صبح جو توهان سان ڪيل ملاقات توڙي جو ملاقات تمام ٿوري ٽائيم لا۽ هئي پر نه وسرڻ جهڙي ملاقات هئي
توهان جي شخصيت ، ڳالهائڻ ٻولائڻ جو انداز دل کي ڏاڍو وڻيو مان شڪر گذار آهيان سائين سليمان وساڻ صاحب جو جنهن اوهان کي ڪيلينڊرس جو ذمو ڏنو .ان بهاني توهان سان ملاقات ٿئي .
وڏي مهرباني سليمان وساڻ صاحب
مبارڪون ڏيڻ لا۽ توهان جي به مهرباني ادا طاهر سنڌي صاحب

ٿورا ...............

دعا ۾ ياد

سدائين گڏ
 
جواب: فقير سائين کي مبارڪون

کيس سپر ايڊيٽر جا اختيارات ان اميد سان منتقل ڪجن ٿا ته پاڻ پنهنجي محنت کي جاري رکندي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندي سنڌ سلامت تي ايندڙ سمورن ساٿين جي اڳيان ايندڙ مسئلن جو تدارڪ پنهنجي تحريرن سان پنهنجي لڳايل وڊيوز سان پنهنجي محنت سان تيار ڪيل ٽيوٽرلس سان ۽ پنهنجي خداداد صلاحيتن سان ڪندا ...
۽ اميد ته پنهنجي اختيارن کي بهتر طريقي سان استعمال ۾ آڻيندي سنڌ سلامت کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا...

السلام عليڪم ادا

ادا پنهنجي پوري پوري ڪوشش هوندي آهي ته سنڌ سلامت فورم تي اهڙا ٽٽوريل پيش ڪجن ته جيئن اسان جي سنڌي سٻاجهڙن دوستن کي ڪجهه نه ڪجهه سکڻ لا۽ ملي ته جيئن اهي ڪمپيوٽر جي ميدان ۾ ماهر هجن
هميشه اها ئي ڪوشش رهي آهي ۽ اها ئي ڪوشش جاري رهندي . انشاء الله

سنڌ سلامت فورم وي بليٽن تي دنيا جي اها پهريئن سنڌي فورم آهي جتي صرف ۽ صرف سنڌ ۽ سنڌيت جي ڳالهه کي پنهنجو مقصد بنايو ويو آهي سنڌي کي ترقي وٺرائڻ لا۽ جيتري به ڪوشش ٿئي سگهي اوتري ضرور ڪبي .
ان کان علاوه توهان جيڪو مون تي اعتماد ڪري مون کي اختيار منتقيل ڪيا اهن اميد ته انهن کي بهتر نموني سان استعمال ۾ آڻيندس

انشاء الله

ٿورا ................

سنڌ سلامت ، ساٿ سلامت

سدائين گڏ
 
جواب: فقير سائين کي مبارڪون

ماشآء الله تمام بهترين ڳالهه آهي اسان جو پيارو ڀاء عبدالوحيد ڦلپوٽو فقير اسان جي فورم جو اعلي سنڀاليندڙ ٿي ويو آهي ان سونهري موقعي تي کيس هن عاجز طرفان لک لک مبارڪون.
سائين عبدالرشيد جن جي به مهرباني جن اهڙي محنتي ۽ محبتي دوست کي سندس لائق شخصيت جي حيثيت مطابق مناسب جوابداري سونپي..

سائين عبدالوحيد جن جي محنت واقعي داد ڏيڻ جي قابل آهي پاڻ هر وقت فورم تي حاضر رهي هن عاجز سان به فون وغيره تي ڪانٽيڪٽ ڪري فورم جي متعلق ئي ڳالهه ڪندا رهندا آهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته هي ڄڻ سندن ئي طرفان لڳايل هڪ ٻوٽو آهي جنهن جي سار سنڀار جي هر وقت پارت ڪندا رهندا آهن اسان جي دعا آهي ته الله تعالي ، سائين کي ڀلو روزگار عطا فرمائي ۽ کيس صحت و عافيت سان وڏي ڄمار بخشي تانته سنڌ سلامت جي ساٿين جي تا دير رهنمائي ۽ رهبري ڪندو رهي.

هن خوشي جي موقعي تي هن عاجز طرفان ڪجهه تحفه پنهنجي پياري ڀاء لاء پيش ڪجن ٿا اميد ته قبول پوندا.

سائين واليڪم السلام

خيئر مبارڪون ، توهان کي به مبارڪ باد هجي توهان جا ڏنل تحفه فقير جي اکين تي
لک لائق سائين جو توهان اهڙي ڀرپور انداز ۾ ٿريڊ ۾ ريپلائي ڪري ، فون ڪري مبارڪ باد پيش ڪئي
سائين توهان جا ڏنل تحفا وڏي خلوص سان قبول ڪجن ٿا
سائين سنڌ سلامت فورم تي محنت صرف مون جي نه پر اسان سڀني ميمبرن بشمول انتظاميه جي گڏ آهي مون کي اوهان جهڙا شفيق دوست مليا آهن انهي ته مان مالڪ سائين جو شڪر گذار آهيان ته الله پاڪ هر ڪنهن کي توهان جهڙا دوست عطا ڪري .

وڏي مهرباني سائين
لک لائق

ٿورا ................

سدائين گڏ
 
جواب: فقير سائين کي مبارڪون

آءٌ ميئي مُھاڻِي، تون سَمو ساري سَر جو؛
قرب منھنجو ڪھڙو، ڄاڻيو ٿو ڄاڻِي؛
کارِي سرِ کنيم ٿي، ڇِڇيءَ، کِکِيءَ ھاڻِي؛
راجا تنھنجي راضَ سان، ٿيس راڻِنِ جي راڻِي؛
تو سَما سِيباڻِي، نه ته ھيس بيھودي بڇڙي

سڀ کان پهرين ته فقير وحيد ڦلپوٽي کي سپر ايڊيٽر ٿيڻ تي واڌايون

جڏهن سائين نثار ابڙو کي نائب منتظم ڪيو ويو هو ته مون وٽ سپر ايڊيٽر لاء ٻه نالا ذهن ۾ هيا هڪ فقير ڦلپوٽو ۽ ٻيو اسد مست۔ سچ پڇيو ته ٻئي سٺا ۽ سلڇڻا دوست ، سنڌ سلامت جا وفادار ۽ هميشه پاڻ پتوڙيندڙ۔ ڪڻو فقير جي حق م آيو جو اسد به سندس لاء ووٽ ڪيو اها اسد جي وڏائي آهي۔

فقير فورم جو سهڻو ساٿي جيڪو هميشه فورم جي ٺاھ جوڙ ۾ لڳل هوندو آهي ، مان ته جڏهن به ڪنهن پوسٽ ۾ ڪا ترميم يا سڌو ڪرڻو هوندو آهي ته فقير کي فون ڪري وٺندو آهيان ۽ هي دوست هميشه حاضر۔ سندس لک ٿورا جو هو دوستن جون فرمائشون به پوريون ڪندو ٿو رهي ۽ فورم جي لکڻين کي به پنهنجي صحيح جاء تي ٿو اماڻي۔

فقير لاء سپر ايڊيٽر ٿيڻ جو مقصد سندس ذميوارين ۾ اڳي کان به وڌيڪ واڌارو آهي۔ پنهنجي پراڻين ذميوارين سان گڏ کيس سپر ايڊيٽر جي به انتهائي اهم ذميواري ملي آهي۔ فقير لاء دعائون ته پاڻ اڳ کان اڳرو رهندو ۽ انتظاميه سان گڏ دوستن جي اميدن تي به پورو لهندو۔

ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛
جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛
پِرَيمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان​
 
جواب: فقير سائين کي مبارڪون

ادا تنهنجي محنت جو اهو سل توهان کي سپر ايڊيٽر جي پوسٽ جي صورت ۾ مليو ادا انهي ترقي حاصل ٿيڻ تي اسان جي طرفان به اوهان کي مبارڪ هجي۔۔۔
 
جواب: فقير سائين کي مبارڪون

ادا تنهنجي محنت جو اهو سل توهان کي سپر ايڊيٽر جي پوسٽ جي صورت ۾ مليو ادا انهي ترقي حاصل ٿيڻ تي اسان جي طرفان به اوهان کي مبارڪ هجي۔۔۔

سائين توهان کي لک لک مبارڪون...................


خيئر مبارڪون

وڏي مهرباني دوستو

لک لائق

ٿورا ....................
 
جواب: فقير سائين کي مبارڪون

آءٌ ميئي مُھاڻِي، تون سَمو ساري سَر جو؛
قرب منھنجو ڪھڙو، ڄاڻيو ٿو ڄاڻِي؛
کارِي سرِ کنيم ٿي، ڇِڇيءَ، کِکِيءَ ھاڻِي؛
راجا تنھنجي راضَ سان، ٿيس راڻِنِ جي راڻِي؛
تو سَما سِيباڻِي، نه ته ھيس بيھودي بڇڙي

سڀ کان پهرين ته فقير وحيد ڦلپوٽي کي سپر ايڊيٽر ٿيڻ تي واڌايون

جڏهن سائين نثار ابڙو کي نائب منتظم ڪيو ويو هو ته مون وٽ سپر ايڊيٽر لاء ٻه نالا ذهن ۾ هيا هڪ فقير ڦلپوٽو ۽ ٻيو اسد مست۔ سچ پڇيو ته ٻئي سٺا ۽ سلڇڻا دوست ، سنڌ سلامت جا وفادار ۽ هميشه پاڻ پتوڙيندڙ۔ ڪڻو فقير جي حق م آيو جو اسد به سندس لاء ووٽ ڪيو اها اسد جي وڏائي آهي۔

فقير فورم جو سهڻو ساٿي جيڪو هميشه فورم جي ٺاھ جوڙ ۾ لڳل هوندو آهي ، مان ته جڏهن به ڪنهن پوسٽ ۾ ڪا ترميم يا سڌو ڪرڻو هوندو آهي ته فقير کي فون ڪري وٺندو آهيان ۽ هي دوست هميشه حاضر۔ سندس لک ٿورا جو هو دوستن جون فرمائشون به پوريون ڪندو ٿو رهي ۽ فورم جي لکڻين کي به پنهنجي صحيح جاء تي ٿو اماڻي۔

فقير لاء سپر ايڊيٽر ٿيڻ جو مقصد سندس ذميوارين ۾ اڳي کان به وڌيڪ واڌارو آهي۔ پنهنجي پراڻين ذميوارين سان گڏ کيس سپر ايڊيٽر جي به انتهائي اهم ذميواري ملي آهي۔ فقير لاء دعائون ته پاڻ اڳ کان اڳرو رهندو ۽ انتظاميه سان گڏ دوستن جي اميدن تي به پورو لهندو۔

ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛
جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛
پِرَيمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان​


واليڪم السلام سائين محترم محمد سليمان وساڻ صاحب

ڪنول پاڙون پاتال ۾ ڀنور ڀري آڪاس
ٻنهي سندي ڳالهڙي رازق آندي راس
تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا.

سڀ کان پهريائين ته توهان جي اها وڏائي آهي جو توهان فقير جي لا۽ ايترو لکيو نه ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي

ادا سليمان وساڻ صاحب توهان جون مبارڪون اکين تي باقي جيسيتائين ڳالهه آهي وڌيڪ ذميواريون جي ته مان پنهنجي پوري پوري ڪوشش ڪندس ته جيڪو دوستن اعتماد ڪري ذميواري ڏني آهي ان تي پورو پوري لهي سگهان توهان جهڙن دوستن جو ساٿ رهيو ته اها ذميواري به پوري ڪري وٺبي

توهان جي لا۽ هيٺيون شعر آهي ته

جنهن وقت گهرايو ته هليا اينداسين
محفل کي مچايو ته هليا اينداسين
هي ميڙ خوشين جا ته سوين بار ڏسون ٿا
سولي ته سڏايو ته هليا اينداسين .
 
Back
Top