• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

جواد رضا

سينيئر رڪن
انّالله وانّا اليه راجعون

دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين مولانا الطاف حسين الحسيني جانوري سخت زخمي ٿيڻ کان پوءِ شهيد ٿي ويو.

ڪوٽڙي پل وٽ نامعلوم دهشتگردن جي حملي ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل سنڌ جو اڳواڻ ۽ سنڌ سلامت فوم جي ممبر (ابو جواد عرف نذير حسين چانڊيو) جو سُهرو مولانا الطاف حسين الحسيني جانوري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال حيدرآباد ۾ آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندس حالت نازڪ هئڻ سبب کين ڪراچي جي آغا خان اسپتال ڏانهن نيو ويو جتي زخمن جو تاب نه سهندي شهيد ٿي ويو
مولانا صاحب ڪيترئي عرصي کان ملت جعفريه جي بي لوث خدمت ۾ مصروف رهيو .

07.jpg
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

اانّالله وانّا اليه راجعون

رب پاڪ کين جنت نصيب ڪري۔ اها اسان جي بد قسمتي آهي جو هتي آئي ڏينهن عالم ، سياستدان پيا شهيد ٿين ۽ ڪو به پڇڻ وارو ڪونهي۔ دعا آهي ته اسان جي نگري ۾ امن قائم ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔آمين ۔۔۔۔۔۔
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

انّالله وانّا اليه راجعون

الله تعالي کين جنت فردوس ۾ جڳه عطا ڪري آمين۔۔۔
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

انّالله وانّا اليه راجعون

دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين مولانا الطاف حسين الحسيني جانوري سخت زخمي ٿيڻ کان پوءِ شهيد ٿي ويو.

ڪوٽڙي پل وٽ نامعلوم دهشتگردن جي حملي ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل سنڌ جو اڳواڻ ۽ سنڌ سلامت فوم جي ممبر (ابو جواد عرف نذير حسين چانڊيو) جو سُهرو مولانا الطاف حسين الحسيني جانوري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال حيدرآباد ۾ آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، جتي سندس حالت نازڪ هئڻ سبب کين ڪراچي جي آغا خان اسپتال ڏانهن نيو ويو جتي زخمن جو تاب نه سهندي شهيد ٿي ويو
مولانا صاحب ڪيترئي عرصي کان ملت جعفريه جي بي لوث خدمت ۾ مصروف رهيو .

07.jpg

ملتِ اسلام جو هڪ بيحد قيمتي اثاثو، مردِ مجاهد، اتحادِ‌بين المسلمين جو داعي، بيحد ملنسار شخصيت ڪجهه ظالم دهشتگردن جي ظلم جي سبب اسان کان جدا ٿي وئي، سچ پڇو ته هي واقعو اسان لاءِ ايئن آهي جيئن ڪنهن اسان کي يتيم ڪري ڇڏيو هجي۔۔۔ پاڪستان، سنڌ توڙي ڄامشورو ۾ سائين جن هر مسلڪ جي تقريبن اندر بنا ڪنهن فرق جي خطاب ڪندا هئا۔۔۔۔۔۔ اڄ سائين جن هزارين ماڻهن جي سسڪين، آهُن، ڳوڙهن ۽ نعرن ۾‌مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي ويا۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ سڄو ڏينهن مان پاڻ‌ڪوٽڙي ۾ سندس آخري رسمن ۾ شريڪ رهيس ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪردار ادا ڪندا رهياسين۔۔۔۔

ڄامشورو ۾ پوئين سال ربيع الاول جي مهيني ۾ جشنِ ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم ٿيو، جنهن ۾ هر مسلڪ جي دوستن شرڪت ڪئي، مشهور منقبت ۽ نعت خوان سيد نديم رضا سرور پڻ‌ان ۾ شريڪ ٿيا۔۔۔ ان موقعي تي منهنجي طرفان ورتل سائين جن جي تصويرن مان ٻه تصويرون ايڊٽ ڪري هتي ونڊ ڪريان پيو
2qvwavp.jpg

2ahxfuu.jpg

وڌيڪ تصويرون پڻ‌ موجود آهن پر ۔۔۔۔۔ في الحال وقت جي ڪمي سبب اپلوڊ‌ڪري نه ٿو سگهان۔۔
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

ان سلسلي ۾ ڪاوش اخبار ۾ آيل اڄوڪي اخبار ۾ خبر جو عڪس۔۔۔

ڪوٽڙي ۾ ھٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ناليوارو عالم الطاف حسين الحسيني فوت، ڪاروبار بند، مختلف شھرن ۾ ڌرڻا، باھيون
حيدرآباد (نمائندن وٽان) ڪوٽڙي ۾ ھٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل شيعا عالم الطاف حسين الحسيني فوت ٿي ويو، مختلف شھرن ۾ ڌرڻا ھڻي ٽائرن کي باھيون ڏنيون ويون، تفصيل موجب خميس واري رات ڪوٽڙي پل وٽ نامعلوم ھٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل 45 سالن جو شيعا علماءَ ڪائونسل سنڌ جو نائب صدر مولانا الطاف حسين الحسيني ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، سندس فوت ٿيڻ جي اطلاع ملڻ تي ڪوٽڙي شھر ۽ سائيٽ جي مختلف علائقن جو سمورو ڪاروبار بند ٿي ويو، شھر جي مختلف علائقن ڪوٽڙي ڦاٽڪ، خورشيد ڪالوني، ڀٽائي ڪالوني، اسٽيشن روڊ، المدينه چوڪ، نانگا لائين ۽ ٻين علائقن ۾ سوين مذھبي ڪارڪنن روڊن تي نڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي نيشنل ھاءِ وي، انڊس ھاءِ وي ۽ ٺٽي ڏانھن ويندڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ھوڏانھن مختلف علائقن ۾ مذھبي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ جھڙپون ٿيون، ھوڏانھن واقعي جو ڪوٽڙي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ھو، جڏھن ته ڪوٽڙي پوليس مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آھي، هوڏانھن مولانا الطاف حسين جي مڙهه کي ڪراچي مان ڪوٽڙي آندو پئي ويو، جڏھن ته کيس اڄ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو، جڏھن ته مولانا الطاف حسين جون ٻه شاديون ٿيل ھيون، هن پونئيرن ۾ ٻه بيواهه، 6 پٽ ۽ 3 نياڻين کي ڇڏيو آھي، ھوڏانھن شيعا علماءَ ڪائونسل ڄامشورو پاران مولانا الطاف حسين جي قتل خلاف 5 ڏينھن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آھي، هوڏانھن الطاف حسين جي مارجي وڃڻ خلاف مختلف شھرن ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ڄامشوري ۾ سوين ماڻھن احتجاجي ريلي ڪڍڻ بعد شھر جي مک چوڪ وٽ ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا، جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، حيدرآباد ۾ قدم گاهه موليٰ علي تي احتجاجي مظاھرو ڪري حيدر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي شيعا علماءَ ڪائونسل جي صوبائي نائب صدر سيد ڪاظم شاهه نقوي، نواز علي شاهه، مصطفيٰ حيدر، راشد رضوي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته ڄامشورو ضلعي جي پوليس شيعا عالمن کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي، علامه الطاف حسين الحسيني جو شھادت وارو واقعو به کيس سيڪيورٽي فراھم نه ڪرڻ سبب پيش آيو آھي، هوڏانھن سکر، ڪنڌڪوٽ، ٽنڊو الھيار، ميرواهه گورچاڻي، خيرپورناٿن شاهه، ڪنڌرا، ڪڍڻ، ميھڙ، راڄوخاناڻي، ٽنڊو ڄام، نئون ڪوٽ ۽ مٺي ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڊي پي او ڄامشورو کي ھٽائي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي.

جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

ڄامشورو ۾ ڪالهه جمع نماز کان بعد ان سلسلي ۾‌هڪ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، جنهن جي هڪ تصوير

5-Jamshoro1.jpg
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

انّالله وانّا اليه راجعون

الله تعالى مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلى جڳهه عطا ڪري

آمين
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

اانّالله وانّا اليه راجعون
يريدون أن يطفئوا نور الله بأفواههم والله متم نوره ولو كره الكافرون صدق الله العلي العظيم.
ولا تحسبن الذين قتلوا في سبيل الله امواتا بل احياءُ عند ربهم يرزقون
سائين علامه عارف الحسين الحسيني جون جو خدمات ڪنهن به شخص کان ڳجهيون نه آهين سائين جن اسان جا محسن ۽ تمام گهڻا پيارا هئا مومنن جا هڏ ڏوکي ۽ يتيمن سان شفقت ڪرڻ وارا جليل القدر انسان هئا

الله تعالي کين جنت فردوس ۾ جڳه عطا ڪري فرمائي ۽ سندن جي پوئيلڳن کي صبر جميل عطا فرمائي آمين

جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

انّالله وانّا اليه راجعون
رب العالمين علامه الطاف حسين جانوريءَ کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سندس خاندان کي صبر عطا فرمائي ۔۔۔آمين

ادا ابو جواد، ڏک ته ان ڳالهه جو آهي ته اسين سنڌي ڪهڙي به مسلڪ سان تعلق رکندڙ هجون، اسانجي زندگي ۽ عزت محفوظ ناهي ۔۔۔ اسين الائجي ڇو پنهنجن گهرن ۾ عربن جي ويڙهه وڙهي رهيا آهيون ۔۔۔ جنهن جو تعلق نه ته دين سان آهي نه قرآن سان آهي نه رسول سان آهي ۔۔۔

اسانجي گهرن ۾، اسانجي پاڙن ۾، اسانجي شهرن ۾ ۽ قبيلن ۾ ڪيترائي فرقا پئدا ڪري، نفرت وڌائي وئي آهي ۽ نتيجو سهڻن انسانن جو قتلام ۔۔۔

رب العالمين سنڌ جي هر فرد کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ اسان سنڌين کي صوفين، بزرگن ۽ ڏاهن جي راهه تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ته جيئن سنڌ قومي طور تي هڪ ٿي سگهي ۽ هن اونڌائيءَ واري دور مان نڪري وڃي ۔۔۔ آمين

اسين دوست ابو جواد جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۔۔۔

رب اوهانکي صبر ۽ تحمل عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

انا لله وانا اليه راجعون
۔
تمام ڏوکوئيندڙ خبر آهي۔۔۔ شهيد الطاف حسيني اسان جو هڪ وڏو اثاثو هئا،،
نوجوان نسل ۾ شعور پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪنهن کان به ڳجهون نه آهن۔۔ دعا آهي ته الله تعالي
شهيد کي جنت الفردوس ۾ جايون عطا فرمائي۔۔۔

۔
۔
۔
۔

۔
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

انا لله وانا اليه راجعون

بلڪل تمام گهڻي ڏکوئيندڙ خبر آهي۔
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

ڄامشورو ۾ پوئين سال ربيع الاول جي مهيني ۾ جشنِ ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم ٿيو، جنهن ۾ هر مسلڪ جي دوستن شرڪت ڪئي، مشهور منقبت ۽ نعت خوان سيد نديم رضا سرور پڻ‌ان ۾ شريڪ ٿيا۔۔۔ ان موقعي تي منهنجي طرفان ورتل سائين جن جي تصويرن مان ٻه تصويرون ايڊٽ ڪري هتي ونڊ ڪريان پيو
2qvwavp.jpg

2ahxfuu.jpg

وڌيڪ تصويرون پڻ‌ موجود آهن پر ۔۔۔۔۔ في الحال وقت جي ڪمي سبب اپلوڊ‌ڪري نه ٿو سگهان۔۔

ادا اگر وقت ملي وڃي ته اهي تصويرون ضرور اپ لوڊ ڪجو تمام بهترين تصويرون آهن۔
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

ادا الله سائين شهيد جا درجا بلند فرمائي شڀني دوستن کي مرحوم جي لا سوره فاتحه جي اپيل آهي
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

ادا الله سائين شهيد جا درجا بلند فرمائي سڀني دوستن کي مرحوم جي لا سوره فاتحه جي اپيل آهي

ادا ابو جواد اسان اوهان سان هن ڏک جي گهڙين ۾ برابر جا شريڪ آهيون

رب پاڪ مرحوم جا درجات بلند ڪري ۔ اوهان جو ميسيج مليو هن ڏکوئيندڙ واقعي سبب اوهان اسان وٽ سچل ڳوٺ به نه اچي سگهيا۔ سڀني دوستن کي گذارش ته مرحوم جي ايثال ثواب لاء سوره فاتحه ۽ قل پڙهن۔
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

ادا الله سائين شهيد جا درجا بلند فرمائي شڀني دوستن کي مرحوم جي لا سوره فاتحه جي اپيل آهي

ادا نذير حسين، اسين اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون۔۔۔ هڪ انسان دوست ۽ حق سچ چوڻ واري شخصيت کان محروم ٿيڻ تي اسان جي حالت انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، سندن اهل و عيال کي الله تعالى صبر عطا ڪري۔۔۔ ٻيو اهو ته الله تعالى شهادت جو منصب ڪنهن ڪنهن قسمت واري کي ئي نصيب ڪندو آهي، سائين علامه شهيد الطاف حسين الحسيني به انهن قسمت وارن مان هڪ آهي۔۔۔
مولا علي عليه السلام جن جو هڪ قول مون کي ياد ٿو اچي ته مومن جو جيئڻ ايئن هوندو آهي جو هو ڪنهن محفل ۾ هجي ته ماڻهو ان جي چوڌاري گڏ هجن، جيڪڏهن هو ڪيڏانهن لڏي وڃي ته ماڻهو ان جون پڇائون ڪندا رهن ۽ جيڪڏهن گذاري وڃي ته ماڻهو کيس ياد ڪري روئن۔۔ شهيد حسيني به ان قول تي پورو لهندڙ مومن هو۔۔۔
ڪالهه شهيد جي ٽيجهي تي اسين ڪوٽڙي پڻ آياسين پر توهان جي باري ۾ ڪنهن دوست ٻڌايو ته اوهين ڪراچي نڪري ويا آهيو۔۔۔​
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

انا لله وانا اليه راجعون

تمام افسوس جهڙي ڳالھ آهي۔​
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

ادا الله سائين شهيد جا درجا بلند فرمائي شڀني دوستن کي مرحوم جي لا سوره فاتحه جي اپيل آهي

ادا نذير خدا تعالي سائين جن کي جنت الفردوس ۾ مقام عالي عطا فرمائي ۽ سائين جي مغفرت فرمائي ادا سان اوهان سانسائين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون سائين جن جي ايصال ثواب جي لاء اسان هتي جمعي جي ڏينهن مجلس عزا جو پروگرام به منعقد ڪيو آهي ۔۔۔۔۔۔ اسان جي دعا آهي ته الله پاڪ سائين کي محمد و آل محمد جي جوار ۾ جڳه عنايت فرمائي آمين ثم آمين
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

ادا مست صاحب سائين جن جي ٽيجهي ۾ مون خود مجلس پڙهي هئي سومر ڏينهن ڪراچي ڏانهن نڪتو آهيان مون کي خود توهان جي باري ۾ ڄاڻ نه هئي ور نه توهان سان ضرور ملاقات ڪريان ها اوهان سڀني دوستن جون وڏيون مهربانيون هن وقت به اوهان جي دعائن جي شديد ضرورت آهي مون اچڻ ۾ ان ڪري جلدي ڪئي جو منهنجا گهر وارا ايران ۾ هئا اوهان سڀني دوستن کي دعا جو عرض آهي
 
ادا علي علي توهان ڀائرن جا اهڙا احسان هميشه ياد رکبا توهان دوستن جون وڏيون مهربانيون وري به دعا جي اپيل ٿو ڪريان
 
جواب: دهشتگردن جي حملي ۾ ناميارو شيعا عالم دين الطاف حسيني شهيد

ادا مست صاحب سائين جن جي ٽيجهي ۾ مون خود مجلس پڙهي هئي سومر ڏينهن ڪراچي ڏانهن نڪتو آهيان مون کي خود توهان جي باري ۾ ڄاڻ نه هئي ور نه توهان سان ضرور ملاقات ڪريان ها اوهان سڀني دوستن جون وڏيون مهربانيون هن وقت به اوهان جي دعائن جي شديد ضرورت آهي مون اچڻ ۾ ان ڪري جلدي ڪئي جو منهنجا گهر وارا ايران ۾ هئا اوهان سڀني دوستن کي دعا جو عرض آهي

بس ادا اهو قسمت جو چڪر آهي جو اوهان سان ملاقات نه ٿي سگهي، اسان سائين لطف علي شاهه وارن سان گڏ هئاسين۔ مون سائين شهنشاهه حسين نقوي کان وٺي باقي جيڪي به عالم هئا سڀ ٻڌا هئا۔۔۔ ان کان پهرين اسان شهيد جي تربت تي فاتحه پڙهڻ ويا هئاسين۔۔۔​
 
Back
Top