سنڌي ادب ۾ عورت جي خودمختياريءَ جو تصور

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ادب ۾ عورت جي خودمختياريءَ جو تصور​

    ڊاڪٽر فهميده حسين
    اڄوڪي هن محفل ۾ امر سنڌوءَ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”سنڌي ادب ۾ عورت جي خودمختياريءَ جو تصور“ بابت ڳالهائڻو آهي. پر هي عنوان گذريل 40 سالن کان منهنجو به موضوع رهيو آهي، جنهن تي 70 جي ڏهاڪي ۾ هلال پاڪستان اخبار جي ”سگهڙين سٿ“ ۽ 90 جي شروعاتي سالن ۾ جاڳو اخبار جي ”سرتيون“ نالي صفحن ۾ الائي ته ڪيترا ڪالم، مضمون ۽ ڪهاڻيون ڇپيون هونديون.... هن عنوان جو هرهڪ حصو منهنجي دل ۽ دماغ تي سالن کان طاري رهيو آهي، اهو ”ادب“ هجي ”عورت“ هجي يا سندس ”خودمختياري“ هجي..... مون انهن جي باري ۾ سدائين سوچيو آهي ۽ لکيو آهي- ڪارڻ اهوئي سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج ۾ مثبت تبديليءَ جي خواهش ”عورت جي حيثيت جي مڃتا“. هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن کي پڙهندي آءٌ بار بار ماضيءَ ۾ هلي ٿي ويس ۽ هر هر مون کي اهو خيال ستائي رهيو هو ته ڇا پوين چاليهن سالن ۾ تبديليءَ ج اهو عمل واقع ٿيو به آهي يا نه؟- انهيءَ نتيجي تي پهچڻ لاءِ مون وَرَ وَرَ ڪري اهي مضمون ۽ مقالا پڙهيا آهن: سڀ کان پهرين امر سنڌوءَ جو لکيل مقالو ڪتاب واري عنوان وارو ٿي ڏسان.... جنهن ۾ هُن ڪتاب ۾ شامل مقالن تي سرسري نظر وڌي آهي، پر ابتدا ۾ تمام وڏي ڳالهه ڪئي آهي ته عورت کي انسان هوندي به انسان وارو منصب حاصل ڪونهي، سندس ان منصب کان انڪار ۽ نفي ته صدين کان جاري آهي، پر اڄ جڏهن هوءَ انهيءَ انڪار کان آگاهه ٿي آهي ۽ ان نفيءَ جو شعور ٿيو اٿس ته پوءِ منزل پري ڪانهي. نفيءَ ۾ اثباب جو اهو فلسفو ته اسان جي صوفين به بيان ڪيو آهي، جيستائين ”لااِلا“ نه چئبو تيسين ”الالله“ کي سڃاڻي ڪونه سگهبو... نيستي ئي ته هستيءَ کي جواز ڏي ٿي، عدم مان ئي وجود اقرار ٿيڻو آهي- عام زندگيءَ ۾ به اسين ڏسون ٿا ته ڪنهن شيءِ جي نه هئڻ جو شعور ئي ان جي هئڻ کي قبول ڪرڻ جو پهريون ڏاڪو آهي- ۽ آءٌ ڀانيان ٿي ته سنڌي سماج ۾ عورت اهو ڏاڪو چڙهي چڪي آهي... ۽ ادب پڻ ان جي عڪاسي ڪرڻ لڳو آهي.
    ان ڏس ۾ عزيزه برفت جو اردو مقالو ”سنڌي افساني ۾ عورت ڪي خودمختاري“ چئن ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جو جائزو پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ هن جمال ابڙي، نورالهديٰ شاهه، تنا گوديا ۽ منهنجي ڪهاڻين مان مثال کنيا آهن.
    جمال ابڙي جي ڪهاڻي ’مان مرد‘ جو هن موضوع جي حوالي سان وڏو اهم ڪردار آهي، هن سنڌ جي Male dominated سماج ۾ مردن کي عورت جو احساس ڏيارڻ لاءِ هڪ فينٽسيءَ ذريعي هڪ خيالي زناني سماج جو Female dominated Society جو خاڪو ڏئي ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ چاهي، آءٌ سنڌي ادب ۾ ڪنهن مرد ليکڪ پاران عورت جي اهڙي وڪالت ٻئي وٽ نٿي ڏسان.
    ڏهاڪو کن سال اڳ ”سنڌي افساني ۾ عورت جو تصور“ جي عنوان سان مون به هڪ مقالو لکيو هو، جيڪو اول ’مهراڻ‘ ۾ ۽ پوءِ ’ڪلاچيءَ‘ ۾ ڇپيو هو- ان ۾ به مون اها ڳالهه لکي هئي ۽ سنڌي مرد ڪهاڻيڪارن عورت جي حق ۾ جيڪي افسانا لکيا هئا، انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي هئي- انهن بي جوڙ شادين خلاف لکيو، جن ۾ جوان عورتن جي ٻارن يا پوڙهن سان شاديءَ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن Extra marital appraise يا حق بخشائڻ سبب جوان عورتن جي فطري جذبات کان انڪار سبب ٿيندڙ ردعمل ۾ سماجي اخلاقي قدرن کان بغاوت وغيره تي کلي حمايت ملي ٿي.... پر اتي مون اهو سوال اٿاريو هو ته ڇا عورت جو رڳو اهو هڪ ئي مسئلو آهي؟ سندس جنسي جذبات؟ ۽ انهن جي تسڪين!
    انهن ليکڪن عورت جي هڪ شخص هڪ Person طور حيثيت ڇو نه ڏيکاري؟ سندس تعليم، نوڪري ۽ زندگي پنهنجي مرضيءَ سان گذارڻ جي حق کي ڇو نه موضوع بنايو، يا سندن ڪردار عورتون، پوءِ ڀلي ته اهي مجبوبا جي رول ۾ هجن، ڊاڪٽر، استاد يا ورڪنگ وومين ڇو نه هيون؟ بلڪ اسان وٽ ته افسانن ۽ TV ڊرامن ۾ Stereotyping ايتريقدر هئي جو ملازمت پيشه عورت جي نرس آهي ته ڊاڪٽر جي رکيل آهي ۽ جي آفيس سيڪريٽري آهي ته باس سان ٺهيل هوندي ۽ جي پاڻ باس آهي ته اهڙي خطرناڪ آهي جو مڙس جو مٿو ڦاڙيندي هوندي ۽ گهر ويٺل عورت پاڪ پوتر نيڪ بيبي هوندي. انهيءَ تجزيي کان پوءِ مون جڏهن سنڌي ليکڪائن جي ڪهاڻين تي نظر وڌي ته انهن ۾ عورت جي مڪمل نفسيات سامهون آئي، جنهن ۾ هنن جنس سميت سندس هر مسئلي تي لکيو هو.... اها ٻي ڳالهه آهي ته سندن ڪهاڻين مان انهيءَ موضوع تي لکيل ڪهاڻين ماڻهن کي وڌيڪ ڇرڪايو ۽ اهي ئي ماڻهن کي وڌيڪ ياد به رهيون.... عورتن مان اميد جو ڪانه هئي، ڪنهن کي ان موضوع تي کلي لکڻ جي، خيرالنساءِ جعفري جي ڪهاڻين، ”حويليءَ کان هاسٽل تائين“ ۽ زرينه بلوچ جي ”جيجي“ يا نورالهديٰ شاهه جو افسانو ”ناگاساڪي“ Lesbianism جي حوالي سان ماڻهن کي ياد آهن، پر سندن ٻيون ڪيتريون ڪهاڻيون عورت جي نفسيات، هڪ فرد Person طور تشخص ۽ ڀرپور ذهني صلاحيتن واري انسان طور پيشڪش يا Portrayal واريون ڪنهن کي ياد ڪونه آهن.
    عزيزه برفت عورت جا ڪيئي روپ سنڌي ڪهاڻيڪارن وٽ ڏٺا آهن، جنهن ۾ شريف عورت به آهي ته پڙهيل عورت به آهي، بي شناخت عورت به آهي ته مظلوم به آهي، مرد جي تسڪين به ڪري ٿي ته جاگيردارانه سماج ۾ بي اختيار به آهي، بلڪه ٻٽي غلاميءَ جو شڪار به آهي- پر هوءَ عورت جو بااختيار، باهمت ۽ باغي روپ به ڏيکاري ٿي، جيڪو هوءَ انهن چئن ڪهاڻيڪارن جي افسانن ۾ ڏسي ٿي ۽ آخر ۾ اها راءِ ڏي ٿي ته اهو سڀ ڪجهه هوندي به ”اڄ جي عورت پنهنجي بقا جي جنگ وڙهندي نظر اچي ٿي“- ۽ اهو ئي مقصد آهي هن دور جي سمورين باشعور عورتن جو.
    امر لغاريءَ جو مقالو ”سنڌي ناول ۾ عورت کي ڏنل ڪردار“ جي عنوان سان پڻ منفرد آهي. هن مختلف ناول نگارن وٽ ملندڙ عورت جي ڪردار تي سخت تنقيد بلڪه ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته ”عورت کي موهن ڪلپنا، امر جليل جيئن بيوفا ۽ موقعي پرست يا اسٽيٽس جي متلاشي ڪري پيش ڪيو آهي“ وري ٻئي هنڌ آهي ته ”ليکڪن ۾ هروڀرو اها بيماري به عام آهي ته هو اهڙي سنڌي عورت ۾ هڪ عورت به ڏسڻ چاهين ٿا، جيڪا شراب به پيئي ۽ آفر به ڪري.“
    نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين ۾ عورت جي ڪردار تي ريحانه نذير جو مقالو به اهم آهي، جنهن ۾ هوءَ سندس ڪردارن جي پيشڪش کي ساراهي ٿي، جنهن وٽ عورت بهادر، سجاڳ، مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائيندڙ، محبت توڙي شخصيت ۾ هميشه انقلابي قدم اٿاريندڙ آهي. هن نجم عباسيءَ جي ڪيترين ئي ڪهاڻين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، جن ۾ ”مڙسي“، ”ڇوريءَ جا انگل“ ۽ ”اوچا ڳاٽ پهاڙن جا“ اهم آهن- آخري ڪهاڻيءَ ۾ هو مستقبل ۾ سنڌي عورت جي تعليم يافته هئڻ ۽ سماجي سطح تي انقلابي ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد ڪري ٿو.
    هن ڪتاب ۾ هڪ منفرد مقالو امر سنڌوءَ جو آهي ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ مرد جو ڪردار“- هن مقالي ۾ هوءَ سنڌي سماج جي اندر سماجي اخلاقي قدرن جي حوالي سان مرد ڪردارن جي پرک ڪري ٿي، جن مان ڪن ثابت ڪيو آهي ته اهي ڪيترو ئي Glorify ڪرڻ جي باوجود انهن جو عورت سان رويو روايتي ئي رهي ٿو. شاهه صاحب وٽ راءِ ڏياچ وچن پاڙڻ لاءِ سِر ڏئي سورمو بڻجي وڃي ٿو، پر هو سورٺ ڏانهن يا خود پنهنجي رعيت ڏانهن پنهنجي جوابداري وساري ٿو ڇڏي- امر سنڌوءَ جي اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي هڪ نئون موضوع آهي، پر ساڳئي وقت کيس ان نڪتي تي به سوچڻ گهرجي ها ته شاهه صاحب سماجي رواج جي ابتڙ راءِ ڏياچ کي سورٺ جي سڃاڻپ نه پر سورٺ کي راءِ ڏياچ جي سڃاڻپ بڻائي کيس هڪ کان وڌيڪ بيتن ۾ ”سورٺ ورَ“ ڪري مخاطب ڪيو آهي- ان جي باري ۾ سوچي سگهجي ٿو ته هن ائين ڇو ڪيو آهي؟ باقي اها ڳالهه به صحيح آهي ته شاهه صاحب ڪهاڻيون پاڻ تخليق نه ڪيون آهن، اهي اڳ ئي موجود هيون، جن ۾ عورتن جو Status تمام هيٺانهون هو، جنهن کي شاهه صاحب ڪنهن حد تائين ضرور مٿي ڪيو آهي، پر پوءِ به اها حقيقت آهي ته هو به انهيءَ سماج جو هڪ فرد هو. هن جي شاعريءَ ۾ ڪردارن کي سماجي اخلاقيات جي معيارن تي پرکڻ بجاءِ انهن Concepts جي معيار تي پرکڻ گهرجي، جن کي هو انهن جي ذريعي پيش ڪرڻ چاهي ٿو. هن جا زنانا ڪردار مرد ڪردارن کان وڌيڪ فعال آهن، رڳو عشق ۾ نه وطن جي حب ۾ به! هن مجموعي ۾ تنوير جوڻيجو جو مقالو ”سنڌي سماج ۾ عورت جي حيثيت“، هڪ اڪيڊمڪ انداز ۾ لکيل تحقيقي مقالو آهي، جنهن ۾ هن انگن اکرن سان سنڌي سماج ۾ عورت جي تبديل ٿيندڙ حيثيت ۽ ڪردار کي چڱيءَ ريت پڌرو ڪيو آهي.
    رفيق وساڻ جو انگريزيءَ ۾ لکيل مقالو ماڻڪ جي ادبي ڪم جو تجزيو پيش ڪري ٿو ۽ سندس ڪهاڻين ۾ عورت جي Portrayal جو ڇيد ڪري ٿو. هو انهن ڪهاڻين لاءِ لکي ٿو:
    Manik's stories are a sociological analysis of social worms, values and customs imposed and influenced on the individual freedom and choice.
    هن جو خيال آهي ته ماڻڪ ان طريقي سان عورتن کي Status quo کي چئلينج ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو. هر عورت جي Sexuality سان honour ۽ عزت يا غيرت کي نسب ڏيڻ واري سنڌي سوچ کي ظاهر ڪري عورتن کي Support ڪري ٿو، هو لکي ٿو ته وٽس جيڪي موضوع آهن، انهن کي هيئن ورهائي سگهجي ٿو:
    These broader themes are women's repressed sexual identity and status, women's subjugation imposed in the name of social norms and traditions, women's autonomy and empowerment, and challenge to existing oppression against women.
    ان ڏس ۾ آءٌ سمجهان ٿي ته ماڻڪ بيشڪ ٽئبوپيل موضوعن تي لکيو ۽ عورتن سان رسمن جي نالي ۾ ٿيندڙ زيادتين کي وائکو ڪيو ۽ سندن فطري خواهش تي پهرا وجهڻ انهن کان انڪار ڪرڻ کي ظاهر ڪري انهن خلاف ردعمل طور ڪيل بغاوت يا بي راهه رويءَ کي Justify ڪري سندن وڪالت ڪري ٿو، پر آءٌ سمجهان ٿي ته عورت جي Empowerment جو اهو تصور به هاڻي پراڻو ٿي چڪو آهي- اهو بلڪل ائين آهي جيئن ”ڪاروڪاري“ جي ردعمل ۾ ”پيار جي پرڻن“ ۽ ”پريمي جوڙن“ بابت اخبارن ۾ ڪالم مخصوص ڪيا وڃن ٿا. خدارا عورت جي Empowerment لاءِ هن جا ٻيا تمام گهڻا حق آهن، جيڪي هن کي وٺي ڏيڻا آهن. تعليم جو حق به آهي، اظهار جي آزادي به آهي، پاڻ ڪفيل ٿيڻ لاءِ ملازمت يا ڪمائڻ جو حق ۽ آزادي به آهي، تحفظ ۽ سلامتي، گهر ۾ سماج ۾ عزت ۽ احترام به سندس حق آهن ۽ ها تعليم پرائي باشعور بڻجي پنهنجو برو ڀلو سڃاڻي پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جو حق، پنهنجو جيون ساٿي چونڊڻ جو حق به لازمي ۽ بيحد ضروري آهي ۽ انهن سمورن حقن لاءِ ادب ۾- افسانن ۾، ناولن ۾ ۽ ٻين صنفن ۾ لکڻ جي ضرورت آهي، ميڊيا تي ڊرامن ۽ پروگرامن ۾ انهن حقن لاءِ شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي- اهو مڃائڻ جي ضرورت آهي ته عورت برابر جي انسان آهي ۽ خوبصورت دلي ڪيفيتن سان گڏ منجهس اعليٰ ذهني صلاحيتون آهن، جن سان هوءَ دنيا جو هر اهو ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جيڪو مرد ڪري سگهن ٿا....
    اسين ڇو ۽ ڇا لاءِ کيس صرف جسم سمجهيو ويٺا آهيون ۽ صرف سندس جسماني خواهشن ۽ ضرورتن جي پورائي ۽ سندس Sexuality کي فوڪس ڪري ان جي وڪالت ۾ ٿا لکون. ائين ته اسين سندس فرد واري حيثيت کي ڄڻ صرف هڪ جذبي سان واڳي ٿا ڇڏيون. انهي کان انڪار ڪونهي، بيشڪ اهي جذبا به فطري ۽ ضروري آهن، پر ڪٿي ائين نه ٿئي ته پاڻ به عورت کي صرف ۽ صرف جنس جسم ثابت ڪرڻ ۾ لڳايا پيا هجون ۽ سندس مڪمل تشخص هڪ باصلاحيت آزاد فرد ۽ هڪ خودمختيار پرسن (Person) تسليم ڪرائڻ وارا ڪيس هارائي وجهون- ادب ۾ عورت جو Portrayal اهڙو ٿيڻ گهرجي ۽ سندس Empowerment ڪنهن هڪ نه پر هر پهلوءَ کان ٿيڻ گهرجي.
    بشڪريه عبرت
     
  2. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    144
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    248
    سنڌي ادب ۾ عورتن جو ڪردار

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    هن سماج ۾ سڄاڳي ۽ بيداري پيدا ڪرڻ ۾ ادب جو اهم ڪردار هوندو آهي ادب کي زينت بخشڻ وارا اهي ئي حساس فرد هوندا آهن جيڪي ذهني عقل ۽ ڏاهپ واري پورهئي سان معاشري ۾ رهندڙ فردن کي سچ جي سڃاڻپ سان گڏ زندگي سان پيار ڪرڻ معاشري جي هر موڙ هر مسئلي کي منهن ڏيڻ جي قوت پيدا ڪرائيندا آهن . ادب ۾ جنس جي تفريق رکڻ به ڪو سٺو عمل ناهي . جئين ته ادب هڪ مشاهداتي تخليقي عمل آهي ان ڪري هر فرد جي سماجي پسمنظر ۽ سوچ هڪ ٻئي کان گهڻي مختلف هوندي آهي .ادب زندگي آهي ،۽ اديب انهي زندگي کي سنواريندڙ هوندا آهن.اسين جڏهن ادب جي شروعاتي دور تي روشني يا نظر وجهنداسون ته اسانکي عورت ئي ادب جي خالق نظر ايندي ،سماج کي اڏيندي به عورت نظر ايندي ۽ ثقافتي رنگ کي اجاگر ڪندڙ به عورت جي ئي حصي ۾ اچي ٿو .دنيا جي مڙني تخليقن ۾ عورت جو ئي حصو آهي مون جي دڙي منجهان جيڪا ابتدائي مورتي اسان کي ملي ٿي اها به هڪ عورت جي روپ ۾ ئي ملي آهي ،عورت واقعي هر روپ ۾ هڪ تخليڪار آهي . اسلام به عورت کي اعلي مقام ڏنو آهي ،سڄي ننڍي کنڊ ۾ اسلام جي لاٽ سڀ کان پهريان پهريان سنڌ ۾ پهتي .جتان پوءِ ئي ٻئين علائقن ۾ پکڙجي وئي .اسلام ماءَ جي پيرن هيٺان جنت جو راز ٻڌايو آهي ، اسلام کان اڳ جهالت واري زماني منجهه عورت ذات جي پيدائيشتي ڇڙ ۽ نفرت جو اظهار ڪيو ويندو هو ،مگر اسلام جي ڦهلجڻ بعد عورت جي عظمت ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿيندو ويو .اسلام مردن تي عورتن جي عزت و احترام کي واجب ڪيو آهي اسلام عورت کي مردن جيترا حق ڏنا ، زمانو گذرڻ سان گڏ عورت پنهنجي شعور ۽ فهم ۾ اضافو ڪندي پاڻ کي سگهارو بڻايو اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي جي هن زماني ۾ عورت ايتري اڳتي وڌي وئي آهي جو شايد ئي دنيا جو ڪو اهڙو شعبو هجي جنهن منجهه عورت پنهنجو ڪردار نه نڀايو هجي .سنڌ۾ قبيلائي ماحول ، معاشي پسماندگي ، ذات پات جو چڪر ، پير پرستي ، تعليم جو گهٽ هجڻ ،اسلامي ڄاڻ علم نه هجڻ وغيره عورت جي احساس محرومين جا وڏا ڪارڻ سبب آهن .اسان جي سنڌي سماج منجهه اڃا تائين ڪارو ڪاري ، حق بخشرائڻ ، ذات پات جي ڄار ۾ لڪيل رسمن هجڻ باوجود به عورت همت ناهي ڇڏي ، هن سماج ۾ تعليم جي زيور سان سماج اندر سجاڳي آڻي پاڻ کي گهڻي قدر ٻاهر ڪٺي آئي آهي .دنيا جي ترقي يافته ملڪن منجهه سائنسي تجربا ڪڻ سان گڏ ،جنگيون وڙهڻ ، نرسنگ ،ڊاڪٽري ڪرڻ ، دنيا جون اوچون چوٽيون سر ڪرڻ ، جهاز اڏائڻ ۽ سماجي ڀلائي جا ڪم ڪرڻ ۾ عورت اڳڀري نظر اچي ٿي، انهن سمورين صلاحيتن جي ڪري عورت پاڻ کي هن ايڪويهين صدي ۾ پاڻ مڃرايو آهي .هن جديد ڊجيٽل دور منجهه سنڌي سماج ۾ عورت جي حوالي سان اها ڳالهه نمايان نظر ٿي اچي ته هو علم تعليم جهڙي زيور ۽ ادب منجهه پاڻ ڀري آهي سنڌي ادب ۾ سٺو حصو عورتن پڻ والاريو آهي .۽ ادب جي هر صنف ۾ عورتن پاڻ مڃايو آهي .دنيا جي سڀ کان وڏي مان وڏي عظيم سنڌي زبان جي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جنهن پنهنجي شاعري (ڪلام) منجهه پوري انسانيت جي ڀلائي ،پيار ، امن ۽ سلامتي جو درس ڏنو آهي ڀلاري ڀٽائي به مردن سان گڏ وگڏ سنڌ جي سورمين (عورتن ) کي به ڳايو آهي .سنڌي ادب منجهه عورتن جي ڪردار جا ابتدائي احوال سومرن جي دور کان ئي ملن ٿا .ان زماني ۾ مرکان شيخڻ جو نالو ملي ٿو . هي سومرن جي دور جي شاعره هئي. جنهن جو تعلق بدين سان آهي . سندس وفات 1300ع ڌاري ٿي .پاڻ (ڳيچن ) جي شاعره هئي ، سندس سمورو ڪلام صوفياڻو آهي جيڪو هن پنهنجي مرش جي تعريف ۾ چيو آهي،

    تنهنجو ساٿ سلامت ،

    تنهنجو ٻيڙو کٽي گهر آيو ،

    جڙيون ني جنين جي من ۾ ، آورجا ڄاما،

    پورڙيون ڪيڙم پير ڀانڊاري ،

    تنهنجو ساٿ آيو ، پيري ڀانڊاري ،

    تنهنجو ٻيڙو کٽي گهر آيو.

    هن اوائلي دور ۾ سنڌي معاشري ۾ هڪ شاعره جو هجڻ هڪ ترقر يافته سماج جي نشاندگي ڪري ٿي ، ڳيچ شادي يا خوشي جي موقعي تي ڳايا وڃن ٿا ، جيڪي صرف عورتون ئي ڳائينديون آهن. سنڌ جو نامور اديب،محقق، ،نثر نويس محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب پنهنجي ڪتاب (سنڌو جا گيت ) مرکان شيخڻ بابت لکي ٿو ته مرکان شيخڻ سومرن جي دور جي شاعره آهي ، سندس گيت درگاهه شيخ پير قرهيي ڀانڊاري سان وابسته آهن هو وڌيڪ لکي ٿو ته مرکان شيخڻ اصل ذات جي ڪير هئي اها پوري طرح معلوم ناهي ٿئي سگهيو ،پر درگاهه (شيخ قرهيي ڀانڊاري) سان وابسته رهڻ کان پوءِ پاڻ شيخڻ سڏي وئي مرکان شيخڻ جو اصل نسل هيئن هو ته هن جو مڙس (ور ) راڌڻ ذات جو چاوڙو هو ،۽ پاڻ ذات جي وري ڀٽياڻي هئي .سندس پڊ درگاهه شيخ قرهيي ڀانڊاري کان اوڀر ۽ ڏکڻ ڪنڊ تي اڄ به موجود آهي جيڪو شيخن جو اصل (پڊ9 ليکيو وڃي ٿو .مرکان شيخڻ اڪثر لوڪ گيت پنهنجي مرشد جي شان ۾ چيا آهن ، اهڙي شاعري کي ڌناسري شاعري سڏيو وڃي ٿو .ڌناسري شاعري ۾ به مرکان شيخڻ پهرين شاعر آهي .مرکان شيخڻ جو هڪ گيت هيٺ نموني طورپيش ڪجي ٿو،

    بيرقون منجي پير جون

    قلبان وڃان

    سونهن سماع وچ

    جنين جو شاني، نڪو تل

    مريد منهنجي قرهل جا

    قلبان وڃان

    اچن وچينءَ ويل

    جنين جو شاني ، نڪوتل

    دهل منهنجي پير جا

    قلبان وڃان

    سونهن سماع وچ

    جن جو نشاني ، نڪو تل

    دنبا گهيٽا ، قرهل جا

    قلبان وڃان

    سونهن سماع وچ

    جن جو شاني ، نڪو تل

    مائي نيامت

    ڪلهوڙن جي دور جي هي عورت شاعره جنهنجو تذڪرو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي پڻ ڪيو آهي مائي نيامت سهڻي لطيف سرڪار رح جي مريدياڻي پڻ هئي . جيڪا ڪڏهن ڪڏهن وجد جي حالت منجهه اچي ڪري پاڻ به شعر چوندي هئي هڪ روايت آهي ته جڏهن لطيف سرڪار رح پنهنجي پڃاڙي واري زماني ۾ پنهنجو سمورو ڪلام جڏهن ڪراڙ ڍنڍ منجهه اڇلائي ڇڏيو هو ته لطيف سائين رح جي وفات کان پوءِ مريدن ۽ فقيرن مائي نيامت جي سهڪار مدد سان پورو ڪلام ورائي لکيو هو .هن فقرياڻي مائي کي لطيف سائين رح جن جو سمورو ڪلام بزبان ياد هوندو هو .شاهه سائين جي ڪلام (گنج) جي آخر ۾ مائي نيامت جو هڪ ذاتي نظم به ڏنل آهي .

    انگريز دور سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جو سونهري دور هو ، هن دور ۾ جديد تعليم لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج کليا ۽ انگريزن جي دور منجهه ئي سنڌي زبان جي رسم الخط (1853) ۾ تيار ڪئي وئي، نثري ادب باقاعده سنڌي ادب ۾ مستقبل جڳهه والاري ادب ۾ سياسي ۽ سماجي اثر هيٺ نيون تحريڪون شروع ٿيون .ان دور ۾ سماج ۾ ثقافتي رنگ اڀرڻ لڳا ،اهڙين حالتن ۾ ڪن ٿورن جاين تي زناني تعليم جي اهميت کي سمجهيو ويو .ان زماني ۾ ڪوڙي مل کلناڻي عورتن جي تعليم جي سلسلي ۾ هڪ مقالو (پڪو پهه ) جي نالي سان لکي زناني تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪيو .انگريزن جي زماني ۾ هندو عورتن تعيم جي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ، ورهاڱي کان اڳ مسلمان عورتون به تعليم جي سلسلي ۾ اڳتي آيون .زناني تعليم جي وڌاري سبب عورتن منجهه به علمي ادبي شعور پيدا ٿيو انگريزن جي زماني ۾ ڀڳواني (داسي) ،راما ٻائي ، ڪملا ڪيسواڻي ، گوپي هنگواراڻي ، سندري ٽهلراماڻي ، اوائلي شاعرن ۾ اچي وڃن ٿيون ،ان زماني ۾ مسلمان عورتن منجهه روشن آرا مغل جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو .هن دور ۾ عورتن عشق ، محبت ، ۽ صوفياڻي مضمونن تي طبع آزمائي ڪئي .

    ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سال 1948ع ۾( نئين زندگي) نالي ادبي رسالو حيدرآباد کان پڌرو ٿيو ، ۽ بعد ۾ وري سال 1953ع ڌاري (مهراڻ) ٽماهي رسالو جاري ٿيو ته عورتاڻي ادب کي اڃا به واڌ ويجهه ۾ اضافو ٿيو.بيگم زينت چنا جي صدارت ۾ (مارئي ) بيگم خديجه خانم دائود پوٽو جي پاران (اديون ) ۽ سال 1960ع ڌاري زيڊ _اي شيخ طرفان روزاني عبرت اخبار منجهه عورتن لاءِ پهريون دفعو اخباري (صفحو) پڌرو ٿيو تنهن بعد وري ڏهن سالن کان پوءِ سنڌ جي ناليواري اديبه محترمه پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين پاران سال 1970ع ۾ روزاني هلال پاڪستان اخبار ۾ به عورتن جو صفحو جاري ٿيو .ٿورڙي عرصي بعد وري گل بانو سلطانه به (سوجهرو ) سال 1972ع ۾ جاري ٿيو . اهڙي طرح عورتن زبردست نموني سان ادبي ميدان ۾ پاڻ مڃرايو ۽ ادب جي هر صنف ۾ هنن پنهنجي پنهنجي مهارت ڏيکاري . هن ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪو به وڌاءَ ناهي ته سنڌي عورتن ادب جي ميدان ۾ ڪنهن کان گهٽ آهن. سنڌي عورتن ادب جي مختلف پهلون ۾ مردن جيان شاهه لطيف جي شاعري ،فلسفي ،سنڌي ادب ۽ افسانوي ادب ۾ هر پهلو سان ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو آهي .مطلب ته قديم زماني کان وٺي سنڌي عورت پنهنجي وجد کي مڃرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن ادب جي سمورين صنفن ذريعي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي .اڄ سنڌي عورت ادب سياست ، راندين ، صحافت ، سائنس ، تعليم مطلب ته هر شعبي منجهه عورت مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي پنهنجن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي .

    روشن آرا مغل روشن ضمير ليکڪه سنڌي اديب جو وڏو نانءَ شڪارپور شهر جي هڪ عظيم پيءَ محمد حسين مغل جي گهر ۾ سال 1924ع جي 27 جون جمعي جي ڀلاري ڏينهن تي پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو .هن عظيم ليکڪه جي زندگي جو سهارو والد صاحب هن جي ننڍي وهي ۾ گذاري ويو کيس بيواه امڙ جي سهاري زندگي کي اسرڻو ۽ وڌڻو پيو ، هن جي امڙ ان وقت تعليم کاتي ۾ شڪارپور جي گرلس اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي. سندس امڙ زبردست نموني ادبي تربيت پڻ ڪئي، ڇو جو هو خود روشن خيال سان گڏ هو ترقي پسند سوچ رکندڙ عورت هئي .روشن آرا جي هڪ ٻئي ڀيڻ بادام ناتوان به هئي جيڪا هن کان چار سال پڻ وڏي هئي. روشن آرا مغل شروعاتي تعليم شڪارپور مان پوري ڪري سيڪنڊري تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين ڇو جو سندس وڏي ڀيڻ بادام ناتوان اڳئي ئي حيدرآباد منجهان تعليم حاصل ڪري رهي هئي ، کيس ان زماني ۾ پنج روپيه ماهوار اسڪالرشپ ملندي هئي ۽ ٻئي ڀينرون هاسٽل ۾ ئي رهنديون هيون .غربت سبب سندن زندگي مفلسي واري ۽ ڏاڍي ڏوکي گذرندي هئي . مگر ڏکن جون هيراڪ هيون بس صبر سان پئي زندگي گذرايون نيٺ سال 1941 ع ڌاري روشن آرا مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ، جنهن بعد هن شڪارپور ۾ اچي ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ سائنس جو مضمون کنيائين .سائنس جي پهرين سال امتحان م ناپاس ٿي پئي ان کانپوءِ هن وڏيڪ تعليم لاءِ ڪراچي جو منهن ڪيو ڪراچي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿي سال 1943ع ڌاري اچي فرسٽ يئر (سائنس) جو امتحان پاس ڪري انٽر سائنس ۾ داخل ٿي مگر انهي سال به ڀاڳ جي ديوي ساٿ نه ڏنو ۽ امتحان ۾ ناپاس ٿي پئي ، روشن ضمير هي عورت ناڪامين کان ڪان ڊني پنهنجي همت نيڪ جذبي ۽ پنهنجن صلاحيتن سان حالتن ۽ زماني کي منهن ڏنائين هن تعليم کان هٿ نه ڪڍيو ۽ تعليم کي اڳتي وڌائيندي نيٺ آخرڪار سال 1947ع ڌاري بي ايس سي جو امتحان پاس ڪري بمبئي يونيورسٽي منجهان سائنس گرئجوئيٽ بڻجي وئي روشن آرا مغل ڊي جي سنڌ ڪاليج شاگردي واري زماني ۾ سنڌي عورتن لاءِ (ساٿي ) نالي رسالو ڪڍندي هئي جنهن ۾ ۾ زبردست مضمون ۽ شاعري ڇپبي هئي ، سندس ڪيترائي گيت هن رسالي جي زينت بڻيا ، هو پنهنجي وقت جي مڃل شاعره هئي، هن جا گيت نهايت پرسوز ۽ لاجواب وڻندڙ آهن هڪ گيت نموني طور پيش ڪجي ٿو

    آءُ ته مان توکي بهلايان ، نغمي جو جادو ڦهلايان ،

    هلڪا هلڪا شيرين شيرين ، توکي ڪيئي گيت ٻڌايان .

    خاموشيءَ جون لهرون چيري ، تن جي سيني تي لهرايان ،

    ڳايان ڳايان تيسين ڳايان ، جيسين پنهنجي دل ۾ پايان .

    هن پنهنجي ادبي زندگي ۾ اهڙا ڪيترائي لاجواب من موهيندڙ گيت پڻ لکيا ، روشن آرا مغل جي گيت( مکڙي ڇا کان شرمائي )بهترين گيت آهي نموني طور پيش ڪجي ٿو.

    رت آئي ، مکڙي ڇا کان شرمائي ،

    ڪرڻا آيا ، هر جاءِ ڇاپا ،

    چمي چمي گل چشمن چايا ،

    ڏسندي ئي ڇو گهٻرائي ،

    مکڙي ڇاکان شرمائي ،

    رت آئي ، ڀونئرن ڳايو ،

    پل ۾ پاتو ڪنول سان نازڪ ناتو ،

    هي ڇو تنهن کان شرمائي .

    روشن آرا مغل سنڌي ادب جي گهڻن پاسي شخصيت جي مالڪ هئي هن جو علمي ادبي صحافتي خدمتون سنڌ جي تاريخ جو سونهري باب مثل آهن .هو تعليمي ميدان منجهه پڻ اڳڀري هئي سال 1944ع کان سال 1948ع تائين ميونسپل اسڪول بورڊ شڪارپور جي مکيه ميمبر رهي .ان زماني ۾ روشن آرا صاحبه اسڪول بورڊ جي ڪاروبار ۽ تعليمي سرگرمين ۾ ڀرپور ڪوششون ورتائين . هن عورت کي اهيو به ان زماني ۾ اعزاز پڻ مليو ته سنڌي پرائمري تعليم جي صوبائي بورڊ جي ميمبر پڻ رهي ،سال 1948ع ڌاري سندس نڪاح محمد اسحاق نالي شخص سان ڪراچي شهر ۾ ٿيو. سندس زندگي جي ساٿي خاوند جو مڪمل سهڪار پڻ مليس ، ساڳئي سال 1948ع ڌاري ڪراچي ۾ ئي گرلس اسڪولن جي اسسٽنٽ انسپيڪٽريس جو عهدو ماڻيائين. روشن آرا مغل زرعي تعليمي ۽ سماجي طريقن ۽ سکيا لاءِ پاڪستان سرڪار سال 1952ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ سرڪاري خرچ تي آمريڪا رواني ٿي وئي جتي آمريڪا جي علمي شخصيتن سان لهه وچڙ سبب هن تمام گهڻو پرايو ۽ ٻارڙن جي نفسيات جو اڀياس ڪري هن اتان ڊپلوما جي سند پڻ حاصل ڪئي ، هن آمريڪا کان سواءِ برما ، هانگ ڪانگ ، جپان ، اوڀر پاڪستان ( موجوده بنگلاديش ) جا سفر به نصيب ٿيس اهڙي ريت اهي سڀئي ملڪ ڏسي سال 1953ع ڌاري پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان واپس موٽي آئي .هن ٻيو ڀيرو وري سريلنڪا (ڪولمبو ) مارچ 1955ع ڌاري هڪ مهيني لاءِ وئي ۽ اپريل مهيني ۾ ستت وري واپس موٽي اچي پنهنجو وطن وسايائين .روشن آرا مغل کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سان نهايت زبردست عقيدت هوندي هيس انهي عقيدت ۽ محبت جي سلسلي کي علمي جامو پهرائيندي هن سنڌ مسلم لا ڪاليج ۾ (لطيف سوسائٽي ) قائم ڪيائين جنهن جي هو خود پهرين سيڪريٽري پڻ هئي مرتي کان ڪجهه مهينا اڳ هن انهي ڪاليج ۾ (يوم لطيف) پڻ وڏي شاندار نموني سان پڻ ملهايو هو .هن جي ادبي اوسر سنڌ جي علمي ادبي شخصتين محترم محمد ابراهيم جويو صاحب ، شيخ اياز ، رشيد ڀٽي ، تنوير عباسي ، ۽ موهني راماڻي جي صحبت هيٺ ٿي .هن عظيم عورت جي طبيت ۾ اوچتو ڪنهن بيماري جو سال 1955ع ڌاري عارضو ٿئي پيو سندس بيماري جي بستري تي هميشه لاءِ آرامي ڪري ڇڏيو 25 مئي سال 1955ع اربع جي ڏينهن 30سال 10 مهينا ۽ 28 ڏينهن جي عمر ۾ سندس زندگي جي ساهه جو سڳڙو ٽٽي پيو هو سموري ساهڙين ۽ سمورن گهر ڀاتئين کي الوداع چئي هميشه لاءِ اسان کان ڌار ٿي وئي .سندس لاڏاڻي کان پوءِ سندس ئي ساٿين هڪ ماهوار رسالو (شاگرد) جو خاص پرچو (روشن نمبر ) سان پڌرو ڪرايو هو جنهن منجهه هن جي شاعري ۽ ادبي ڪم تي روشني وڌل آهي، انکانسواءِ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب ، شيخ اياز ، تنوير عباسي ، شيخ حفيظ ، عبدالغفور انصاري ، رشيد ڀٽي ، ميران محمد شاهه ، عمربن دائود پوٽي صاحب ۽ سندس ءيڻ بادام ناتوان جا مضمون پڻ ان پرچي جي زينت بڻيل آهن روشن آرا مغل جو نثر توڙي نظم ۾ تخليقي پورهيو تمام گهڻو آهي مگر اڃا تائين سندس ادبي پورهي کي ڪنهن به اداري ڪتاب جي صورت ۾ ڇاپيو ناهي

     
  3. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    144
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    248
    سنڌي ادب ۾ عورتن جو ڪردار

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سر زمين سنڌ درحقيت شاعرن، اديبن، ولين، ۽ بزرگن، اهل علم ۽ اهل قلم وارن جي سلامتي ۽ امن ، پيار جي ڌرتي آهي .هن ڌرتي وقت بوقت ڪيترن عظيم انسانن کي پنهنجي هج ۾ پيدا ڪيو آهي . جن پنهنجي ڪيل ڪم وسلي ڏيهان ڏيهه نالو مشهور ڪرايو آهي اهڙين شخصيتن منجهه سنڌي ادب ۾ هڪ عظيم عورت ۽ بهترين شاعره سحر نگار ڌي صلاح الدين احمد بلوچ جي گهر 20 جولاءِ 1951ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن ٿڌڙي هوائن واري شهر حيدرآباد ۾ اکيون کوليون. پاڻ سنڌي ٻولي جي ناليواري شاعره ، استاد ، نقاد ، محقق ، ۽ اسڪالر ڊاڪٽر جنهن پنهنجي زندگي شروعات ئي علمي ۽ ادبي گهراڻي کان ڪئي ، سندس امڙ مهرالنساءَ درس وتدريس جي شعبي سان لاڳاپيل هئي ته والد صاحب صلاحالدين بلوچ وري پوليس کاتي جو ملازم پڻ هو . انکان علاوه ناليواري اديبه ۽ اداڪاره بينا مسرور ،پڻ سحر امداد جي ڀيڻ آهي سندس تربيت هڪ علمي گهراڻي ۾ ٿي .هن شروعاتي تعليم حيدرآباد جي شاهه عبداللطيف ڪنڊگارڊن اسڪول ۽ ماڊرن انگلش ٽيچنگ اسڪول سکر منجهان ڪئي .انٽر سائنس جي ڊگري زبيده ڪاليج حيدرآباد منجهان ڪيائين .جڏهن ته بي_ اي پارٽ ون جو امتحان امتحان زبيده ڪاليج حيدرآباد ۽ بي _اي ٽو جو جو امتحان وري ابن رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص مان سال 1969ع ۾ پاس ڪيائين .تنهن بعد سحر امداد صاحبه ڪجهه وقت لاءِ هن ريڊيو پاڪستان تي صداڪاري ڪئي ۽ ريڊيو لاءِ مختلف مضوعن تي اسڪرپٽ ، ڊاڪيومنٽريون ، ناٽڪ ، گيت ، ڪهاڻيون ، لکي هن ريڊيو تي پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪري ورتي.سحر امداد صاحبه سال 1969ع ڌاري سنڌالاجي ۾ ملازمت ۾ پير پاتو ، ان وقت سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر غلام علي الانا هو ان جي مشوري سان هن شام واري ڪلاسن ۾ داخلا وٺي پڙهڻ شروع ڪيو ۽ هن اتي لائبريري سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلو ما جي ڊگري حاصل ڪري ورتي.ملازمت واري زماني ۾ هن ناليواري شاعر امداد حسيني سان گڏجي (سنڌ جي ديني ادب جو ڪئلاگ ) ترتيب ڏنو جيڪو سال 1971ع ڌاري سنڌالاجي پاران ڇپيو هو ،ان زماني ۾ سندس والد صلاحالدين بلوچ جي بدلي ڪراچي ٿي سحر صاحبه کي اها نوڪري ڇڏڻي پئي هو سال 1972ع ڊسمبر مهيني ۾ ايم _ اي فائنل جو امتحان ڏئي ڪراچي هلي وئي . اتي وڃي رسالي (سوجهري ) ۾ ڪم ڪرڻ لڳي ، نيٺ سال 1973ع ڌاري هن ايم _اي سنڌي ادب فرسٽ ڪلاس ۽ فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري ورتو .سحر امداد سال ع 1967 کان (سحر بلوچ) جي نالي سان پهريان پهريان نثر ۾ لکڻ لڳي ۽ سال 1969ع ڌاري هن شاعري لکڻ شروع ڪئي هن ڪيترائي شعر ، ڪهاڻيون ، مضمون مقالا ،ڪالم ريڊيو لاءِ گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکيون آهن سندس لکڻيون سنڌ جي مختلف رسالن ،اخبارن جي زينت بڻيو محترمه سحر امداد صاحبه مارچ سال 1973ع تي سنڌ جي ناليواري۽ فخر لائق سنڌي ٻولي جي شاعر امداد حسيني سان شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي وئي پئي ستت ئي ڪراچي ڇڏي اچي حيدرآباد وسايائين سنڌي ٻولي جي هي شاعره پنهنجي دور جي هڪ منفرده شاعره آهي سندس شاعري منجهه فطرت نگاري تمام نمايا نظر ٿي اچي محترمه سحر امداد کي اهيو به اعزاز آهي ته اردو زبان جي مشهور شاعره (فهميده رياض ) صاحبه (فطري ) شاعر جو خطاب ڏنو آهي سحر امداد صاحبه ننڍي هوندي ادبي دنيان سان ناتو ڳنڍيو هن شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي پڻ ڪئي آهي ۽ سمورين صنفن سان لاجواب نڀايو آهي . هن زندگي جي هر موضوع تي شاعري ڪئي آهي هن وقت تائين سحر امداد صاحبه سنڌي ادب کي ڇهه ڏئي چڪي آهي جيڪي ڪتاب مارڪيٽ ۾ پڻ اچي چڪا آهن جن ۾ شعور ، شاعر ۽ شاعري ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ، ، سماجي اڀياس ، امور خانه داري (ترجمو) اخلاقي تعليم (ترجمو ) ۽ انسٽيٽوٽ آف سنڌ الاجي (سنڌ جي ديني ادب جو ڪيٽالاگ ) شامل آهن ،۽ سندس شاعري جي مجموعي ۾( ريٽي جي راند )۽ چوڏهين چنڊ آڪاس (2003) شامل آهن .سندس شاعري لاءِ سنڌ جو ڏاهو اديب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته

    اگر معيار کي ڏسجي ته سنڌي عورتن ۾ سحر امداد هڪ منفرد انداز آهي ، فني لحاظ کان هن مروج رواجن کي ٽوڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.هن وٽ جذبي جو اظهار اوليت رکي ٿو ، ۽ لفظن کي سجائي بي معني سٽون جوڙڻ سحر جو ڪم ئي نه آهي سحر کي نظم جو مخصوص ڏانون آهي سحر غزل سان به سٺو نڀايو آهي سندس خاص سادي ٻولي ان جي خوبي آهي

    مارو موتي مل ،

    جهڙو جائن ڦل ،

    آهي گهٽ ٻوسٽ ،

    هير وانگيان گهل ،

    سڀني هٿ پٿر ،

    تون ئي هڻ ڪو گل

    سو ڪهڙي جي مند

    ڇولين وانگر ڇل

    سنڌي عورت ۾ سحر امدادکي شاعري جي حوالي سان منفرد مقام حاصل آهي سندس شاعري ۾ جذبي جو اظهار ۽ معني خيز سٽون اوليت رکن ٿيون . هن نظم ،آزاد نظم، هائيڪا ،۽گيت ، غزل کي نواڻ ڏني آهي

    جنم جنم جا ناتا

    تون ئي منهنجو ميت اوسپرين !

    سائين تو تان صدقي ٿيان!

    تون ئي منهنجي جيت اوسپرين !

    تو تان گهورون گهور وڃان!

    آءُ سڄڻ اسين گڏجي گهاريون ،

    پيار جا ٻيڙا پار اڪاريون ،

    بدلايون هر ريت اوسپرين !

    جڳ جڳ پنهنجي جيت او سپرين!

    سائين تو تان صدقي ٿيان،

    توتان گهورون گهور وڃان.

    انکان علاوه سحر امداد صاحبه پنهنجي باقاعده عملي زندگي جي ابتدا سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمت سان ڪئي .جڏهن سنڌ جو ناليوارو شاعر شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي جو (وائيس چانسلر ) مقرر ٿيو هو ته کيس سال 1976ع ۾ سنڌي شعبي منجهه (ڪريئٽو لٽريچر) پڙهائڻ خاطر ليڪچرر مقرر ڪيو هو.ڪجهه وقت گذرڻ بعد اها پوسٽ (سنڌي شعبي) منجهه ضم ڪئي وئي ،اتي ئي سحر امداد سال 1983ع ڌاري سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، سال 1989ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ،۽ سال 1997ع۾ وري پروفيسر پڻ مقرر ٿي .هن پنهنجي ڪئريئر کي اڳتي وڌائيندي سنڌ يونيورستي ۾ ملازمت دورانپاڻ (جديد سنڌي شاعري ) (هڪ نئون ڪلاس 1975_1955ع )جي موضوع تي (ڊاڪٽريت ( پي ايڇ ڊي )جي ڊگري حاصل پڻ ڪئي .ڊڪٽر سحر امداد هڪ نهايت سٻهاجهڙي ۽ جاکوڙي عپورت آهي هن پنهنجي زندگي جو هر لمحو سنڌ ۽ سنڌي ادب جي خدمت ۾ گذاريو آهي کيس خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن جن ۾ صدارتي سول ايوارڊ ( تمغه امتياز )سندس شعري مجموعي شعور شاعر ، شاعري تي بهترين ريسرچ ايوارڊ 2008ع پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه (بيبظير آباد) ميمنٽو ايوارڊ 2007ع 2006ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو پاران ڪريسٽ ايوارڊ ، ڪراچييونيورسٽي پاران ميمنٽو ايوارڊ، 2005ع ۾ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان بهترين ليکڪه ۽ شاعره جو ايوارڊ ،ليڊيز ڪلب حيدرآباد پاران بيسٽ پرفارمس ان لٽريچر ايوارڊ سميت ڪيترائي ٻيا مڃتا ايوارڊ ملي چڪا اٿس سندس شاعري سنڌ جي سمورن مئگزين ۽ اخبارن جي زينت بڻي آهن .پاڻ هن وقت نوڪري مان رٽارڊ ڪري چڪي آهي کيس ٽن ٻارڙڻ جو اولاد پڻ آهي ، هن وقت تائين هي عظيم شاعره ادبي سرگرمين ۾ وقت بوقت حصو وٺندي رهي ٿي .

    سلطانه وقاصي سنڌي ادب ۾ ستر واري ڏهاڪي ۾ جيڪي ليکڪه، اديب، شاعره هڪ الڳ سڃاڻپ سان اڀري آيون . انهن منجهه سلطانه وقاصي به پنهنجي شاعري جي ڀرپور جوڀن سان مشهور ٿي سنڌي ادب ۾ پنهنجو نالو ڪڍرايو . سلطانه وقاصي گرم هوائن جي مند 20 مئي 1951ع آچر جي ڏينهن تي لاڙڪاڻي شهر ۾ خانصاحب عبدالحق وڪو جي گهر ۾ جنم ورتو. سلطانه وقاصي جو ڇٽي جو نالو (اڪرم سلطانه ) هو ،سندس والد صاحب ميهڙ شهر جو مشهور زميندار پڻ هو جيڪو لڏي وڃي ٽنڊو آدم وسايائين . سلطانه ننڍي هوند ي کان وهي واري زندگي ٽنڊي آدم ۾ ئي گذاري .ابتدائي تعليم مقامي طور پڙهي سال 1969ع ڌاري مئٽرڪ ،1973ع۾ زبيده گرلز ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائين .تعليم کي اڳتي وڌائيندي هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم _ اي سنڌي ادب ۾ پاس ڪري سال 1974ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچرر مقرر ٿي .جتان ترقي جون منزلو طئي ڪندي وڃي پروفيسر جو عهدو ماڻيائين .هن ننڍ پڻ کان سنڌي ادب ۾ لکڻ شروع ڪيو .هن کي نثراڻي نظم جو باني شاعره چيو ويندو آهي .هن جا مضمون روزاني اخبار (عبرت ) ۾ وقت بوقت شاعري ، ڪهاڻيون ۽ ٻين مختلف موضوعن تي لکڻيون ڇپجنديون رهيون آهن ،ان کان علاوه سلطانه وقاصي مخفلف وقتن تي اخبارس ۾ ڪم ڪندي رهي آهي جڏهن ته هلال پاڪستان 1989ع ، سگهڙن سٿ 1994ع عوامي آواز سورمي 1994ع ۽ ٻين اخبارن ۾ هفتيوار عورتن جي صفحي ،۽ ادبي صفحي جي انچارچ پڻ رهي آهي . سندس شاعري جو مجموعو ( دونهاٽيل درشن )سال 1984ع ۾ شايع ٿيو .سلطانه وقاصي جي نثراڻي نظم جو نمونو هيٺ پيش ڪجي ٿو

    .منهنجي اکين سان اکيون ملائي

    پڇين ٿو ته

    هن اکين ۾ ڇا ٿو نظر اچئي ،

    مون تنهنجي اکين ۾ ليئو پاتو .

    ڏٺم ته ، مان هئس

    وراڻيم

    هنن اکين ۾ ته مان آهيان

    تون ٽڙي پيئن خوشي وچان

    مان عجب وچان ڏسڻ لڳس

    سوچيم

    اها ڪا وڏي ڳالهه ته نه آهي

    منهنجي جاءِ ٻيو ڪير

    تنهنجي اکين ۾ لئيو پائي ها ،

    ته اهو به اهوئي نظر اچي ها !

    سلطانه وقاصي جو 1990ع واري زماني ۾ هن جي مختلف سياسي ، تاريخي ، ادبي ، زبردت ڪالم لکيا هئا سي (ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ) جي عنوان سان ٻن حصن ۾ ڇپجي چڪا آهن ،سندس اڃان به ڪيتريون ئي لکڻيون شاعري ، ڪالم ، ڪهاڻيون ۽ مضمون اڻ ڇپيل آهن .سلطانه وقاصي جو هي نظم سنڌ جي عورت جي ڏک ۽ ڀوڳنا جي زبردست عڪاسي پڻ ڪئي آهي هو چوي ٿي ته

    ان عورت جي نالي

    جنهن جي سوچ ڏاڍي محدود آ

    هن گهر جي چوءَديواري کانسواءِ

    نه ڪجهه ڏٺو آ ٻيو جڳ ۾

    ڪجهه نه سوچيندي آ اها

    ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪٽبي آ

    پئسن تي ڳنهل هوندي آ

    يا وري بدي تي ڏنل هوندي آ

    رات جو جڏهن مڙس سان سمهندي آ

    ته کيس اهو ياد نه هوندو آ ته

    انهن پيار ڪندڙ هٿن

    کيس سڄو ڏينهن ڪٽيو آ ڏاڍو سڪ محسوس ڪندي آ

    مڙس جي هنج ۾

    ان عظيم عورت کا منهنجو سلام ،

    جيڪا ڪجهه به نه ٿي سوچي

    رات جا چار پهر

    سک جو ننڊون ٿي ڪري .

    ثميراه زرين( 1944_1977ع)

    سنڌي ادب جي صنف ڪهاڻي کي جدت بخشيندڙ شڪارپور ڄائي ثميراه زرين جو ڇٽي جو اصل نالو سڪينه اعواڻ هو . هن 11فيبروري 1944ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن محمد اعظم اعواڻ جي گهر کان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو .ثميراه زرين جو پي گهر ۾ تمام گهڻا رسالا آڻيدو هو، هو انهن رسالن جو مطالعو پئي ڪندي هئي انهي ڪري سندس ننڍپڻ ۾ ئي ادبي شوق جاڳيس ،هن ٻارهن سالن جي عمر ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. تمام گهڻين صلاحيتن جي مالڪ ثميراه زرين افساني ۽ تنقيد ۾ وڏو نالو ڪڍيائين . ورهاڱي کان پوءِ جن عورتن سنڌي ادب ۾ گهڻيون ۽ معياري ڪهاڻيون لکيون ، انهن منجهه ثميراه زرين جو نالو سڀني کان اول ۽ اعلي هو . اهو ئي سبب آهي جو هن ان زماني ۾ زندگي جي هر موضوع تي ڪهاڻي لکي آهي . ۽ سندس ڪردار زندگي جي هر ڀبقي جي نمائندگي ڪن ٿا .انهي ڪري مڃتا طور کيس سنڌي ڪهاڻي ۾ ( خاتون اول ) جو خطاب مليل آهي . ثميراه زرين عورتن جي نفسيات جي ماهر آهي ڇو جو ڪهاڻيون نوجوان ڇوڪرين ۽ پلجندڙ محبت جون عڪاسي ڪن ٿيون . ثميره زرين پنهنجن ڪهاڻين ۾ نج عوامي موضوع کي اوليت بخشي آهي ، هن ماحول ۾ رهندڙ انسان جي ڏکن ، دردن ، ۽ اونهاين کي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع بڻايو آهي ۽ پڙهندڙ جي دلين جي لاجواب ترجماني پڻ ڪئي آهي . ثميراه زرين جي پهرين ڪهاڻي ( اميد) نئين زندگي رسالي ۾ ڇپي هئي ۽ پاڻ ٿوري وقت ۾ سندس نالو وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو . مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته ثميراه زرين کي شروع شروع ۾ ڪجهه ادبي دنيا جا ساٿي مرد طور ليکڪ سڏيندا هئا ۽ گمان هين ته ڪو فرضي نالي سان اهڙيون سٺيون ڪهاڻيون لکي ٿو . ڇو ته ثميراه پردو جو تمام گهڻو احتمام ڪندي هئي ، انهي سبب ڪري اهو شڪ (گمان) تمام گهڻي وقت تا.ئين پئي هليو .مگر جڏهن ستر واري ڏهاڪي ۾ هلال پاڪستان اخبار جي عورتن جي صفحي (سگهڙين سٿ) ۾ محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين سندس پهريون ڀيرو انٽرويو تصوير سان شايع ڪيو ۽ هن پنهنجي نالي ۽ خاندان بابت ٻڌائي پاڻ کي ادبي دنيا ۾ ظاهر ڪيو .۽ پوءِ سڀ شڪ گمان ختم ٿئي ويا .ثميراه زرين جي ڪهاڻين منجهان (وطن) ڪهاڻي پاڪستان ۽ هندستان جي ڪهاڻين واري مقابلي ۾ (پهريون نمبر پڻ حاصل ڪيو .سندس ڪهاڻين جو مجموعو (گيت اايل مورن جا ) سن 1971ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو جنهن جا پيش لفظ محترم ناليواري اديب آغا سليم لکيو هو سندس ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب سال 1981ع ڌاري (آءُ اهائي مارئي )پڻ پڌرو ٿيو .انکانسواءِٻه ڪتاب ( مهراڻ جون ڇوليون) 1962ع (دل ۾ درد هزار ) 1968ع ۽ روشن ڇانورو شامل آهن ثميراه زرين جي ٻين ڪهاڻين ۾ شمع ٻاريندي شب ، کجور جو وڻ ، رهندا بادل ۽ ٿوهر قبل تعريف ڪهاڻيون پڻ آهن. ثميراه زرين پنهنجي زماني ۾ عورتن جي ترجمان ۽ نمائينده ڪهاڻيڪار هئي .هن عورتن جي مسئلن کي مظلوميت درد، ڏک ، تعليم ، ۽ اشتراڪيت تي دل کولي لکيو آهي .ان سلسلي ۾ سندس ڪهاڻيون (آءُ اها مارئي ) (زندگي جي ڊائري ) ۽ (لڙڪ ۽ مرڪ ) ثبوت طور پيش ڪري سگهجن ٿيون . ثميراه زرين جي ڪهاڻين منجهان ڪيتريون اهڙيون به ڪهاڻيون آهن جيڪي مختلف زبانن اردو ، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن آخر ڪار زندگي سڀ ڪنهن کي ڇڏڻي آهي هي عظيم عورت ڦوهه جواني ۾ 13اگسٽ 1977ع ڇنڇر ڏينهن صبح جو 33سال 6 مهينا ۽ 2 ڏينهن زندگي جا گذارڻ بعد سنڌي ادب کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي وئي .سندس ڪيل ادبي ڪم صدين تائين سنڌي ادب ۾ ياد ڪيو ويندو .


     

هن صفحي کي مشهور ڪريو