مادري ٻوليون ئي قومي ٻوليون آهن

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مادري ٻوليون ئي قومي ٻوليون آهن​

    مرتضيٰ سيال
    هر ماڻهوءَ جو پنهنجي مادري ٻوليءَ سان جذباتي لاڳاپو هوندو آهي ۽ هو پنهنجي ٻوليءَ کي دنيا جي ٻين سڀني ٻولين کان وڌيڪ اُتم سمجهندو آهي. اها ٻولي واقعي سڀني ٻولين کان وڌيڪ خوبصورت لڳندي جنهن ۾ ماءُ مٺي لوليون ٻڌايون هجن. جنهن ٻولي سان ماءُ جهڙو رشتو هجي اُن سان پيار به اوترو ئي هئڻ گهرجي جيترو ماءُ سان آهي. ان حقيقت ۾ ڪوبه گمان يا ابهام ڪونهي ته سنڌي سنڌ جي قومي ٻولي آهي ۽ رهندي. ننڍي کنڊ تي انگريزن جي قبضي وقت سنڌ الڳ ملڪ هئو ۽ ان جي قومي ٻولي سنڌي هئي. ٿيڻ ته ائين گهربو هئو جو جڏهن انگريز واپس پئي ويا ته سنڌ جي ساڳي حيثيت بحال ڪئي وڃي ها پر ائين نه ٿيو ۽ حالتن جي پيش نظر اسان جي وڏڙن پاڪستان ٺاهي ان ۾ گڏجي رهڻ وارو فيصلو ڪيو. ياد رهي ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌي ماڻهن جو وڏو ڪردار آهي ۽ پاڪستان لاءِ پهرين قرارداد به سنڌ اسيمبلي منظور ڪئي هئي. پاڪستان ٺهڻ وقت اسان جي بزرگن ۽ اڳواڻن کي يقين ڏياريو ويو هئو ته اسان جي قومي حقن، آزادي ۽ تشخص جو هر طرح سان خيال رکيو ويندو. فيڊريشن جو بنياد ئي ان اصول تي وڌو ويو هئو ته سڀئي قومون پنهنجي قومي برابري تشخص توڙي آزاديءَ سان فيڊريشن ۾ گڏ رهنديون پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ صورتحال اها آهي جو جنهن قوم پهرين قرارداد منظور ڪئي ۽ جنهن قوم جي ٻوليءَ کي وسيع تاريخي پس منظر آهي، جيڪا دنيا جي شاهوڪار ٻولين مان هڪ آهي اها پاڪستان جي علائقائي ٻولي آهي. انگريز سامراج وٽ به ايترو عقل فهم هئو جو انهن سنڌي ٻولي جي اهميت ۽ افاديت کي نه رڳو سمجهيو پر ان کي سرڪاري طور دفتري ٻولي واري حيثيت به ڏني، جڏهن ته اسان جا حڪمران منطق کان وانجهيل ڳالهيون ڪري رهيا آهن ته "مادري ٻولين کي قومي ٻولين وارو درجو ڏيڻ سان مونجهارا پئدا ٿيندا."
    قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي قومي ٻولين واري بل کي سوچڻ سمجهڻ کان سواءِ رد ڪري ڇڏيو هئو. هاڻي ٻيهر نواب يوسف ٽالپر، مارئي ميمڻ، غني ٽالپر ۽ نواب وساڻ سميت 31 اسيمبلي ميمبرن جي صحيح سان قومي اسيمبلي ۾ درخواست ڏني آهي، جنهن تي ڄاڻايل بل بحث لاءِ منظور ڪيو ويو آهي. ٻه ڏينهن اڳ سنڌي ٻولي اٿارٽي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي وارو درجو ڏيارڻ واري ڪيس جي سلسلي ۾ هڪ مذاڪرو ٿيو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي اديبن جي ڪانفرنس سڏائڻ جي تجويز ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جاڳرتا هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. هن مذاڪري ۾ ڏاڍيون ڪارائتيون تجويزون سامهون آيون آهن جن تي عمل ڪرڻ سان يقينن سٺي اڳڀرائي ٿي سگهندي. مذاڪري ۾ سنڌ جي ثقافت واري صوبائي وزير سسئي پليجو، ٻولي ماهرن ۽ دانشورن محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر فهميده حسين، سحر امداد، تاج جويي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ۽ ٻين ناليوارن اديبن شرڪت ڪئي. سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سسئي پليجو ۽ سنڌي دانشورن ڏاڍيون وزندار ڳالهيون ڪيون آهن. اها صحيح ڳالهه آهي ته سنڌي ٻولي جو معاملو اڃا تائين اڌورو رهڻ گهڻي وقت کان اقتدار ۾ رهندڙ هتان جي سياسي پارٽين لاءِ سوال بڻيل آهي. ٻولي واري معاملي تي سمورين ڌرين جي حمايت لازمي بڻجي وئي آهي. سنڌي ٻولي سميت سڀني مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين کي آواز اٿارڻ گهرجي ساڳي وقت پاڪستان جي سڀني اهل قلم ۽ دانشورن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪڻ گهرجي. سنڌي ادبي سنگت ان ڏس ۾ اڳ به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهي آهي ۽ هاڻي به اُن معاملي تي اوليت جي بنياد تي مهم هلائي رهي آهي. پهرين فيبروري کان سڄي سنڌ ۾ مذاڪرن، سيمينارن ۽ جاڳرتا جا پروگرام ڪرايا ويندا، ان حوالي سان سنڌي ادبي سنگت به کيرون لهڻي.
    قومي اسيمبلي ۾ ٻولين کي قومي حيثيت ڏيارڻ واري معاملي تي صحيح ڪندڙ 31 اسيمبلي ميمبرن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ۽ متحده جا ميمبر شامل ناهن، سنڌ سان تعلق رکندڙ ٻنهي پارٽين کي سنڌي ٻولي واري هن اهم معاملي تي سنڌي عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي ۽ سنڌي ٻولي کي سندس قانوني مرتبو ڏيارڻ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. متحده سنڌي ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندي رهي آهي پر سنڌ جي اهم ۽ قومي معاملن تي واضح ۽ چٽي پاليسي اختيار ڪرڻ ۾ پوئتي رهي آهي. سڀني سياسي پارٽين جو فرض آهي ته اهي پنهنجي عوام سان هڪ آواز بڻجي قومي معاملن تي چٽو موقف اختيار ڪن. اها ڏاڍي سٺي، وقتائتي ۽ قانوني گهر آهي ته پاڪستان ۾ ڳالهائجندڙ سڀني مادري ٻولين کي قومي ٻولين وارو درجو ڏنو وڃي. جيڪو ماڻهو ٻولي واري معاملي تي مصلحتن جو شڪار آهي ان لاءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهو پنهنجي ٻولي سان پيار نه ٿو ڪري. سنڌي اديبن، دانشورن، شاگردن، صحافين ۽ باشعور عوام جو مطالبو آهي ته سنڌي ٻولي کي سندس جائز حق ڏنو وڃي. موجوده چونڊيل حڪومت لاءِ هي تمام سٺو موقعو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني قومن کي مان ڏئي ڀائيچاري ۽ محبتن جي نئين دؤر جي شروعات ڪري. سڀني مادري ٻولين کي قومي ٻولي واري حيثيت ملندي ته هر ٻولي ۽ قوم سان تعلق رکندڙ ماڻهو فخر محسوس ڪندا ساڳي وقت قومن جي وجود کي تسليم ڪرڻ سان وڏي بهتري ايندي.
    سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي پاران نامياري دانشور محمد ابراهيم جويو جي سربراهي ۾ ٻولي بابت جوڙيل ڪاميٽي پنهنجون سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن، جيڪي اسلام آباد وڃي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻولي واري بل جي ڇنڊڇاڻ ڪندڙ قومي اسيمبلي جي ثقافت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن کي ڏنيون وينديون. ٻولي واري معاملي تي سنڌي ادبي سنگت ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن نواب يوسف ٽالپر، غني ٽالپر، مارئي ميمڻ ۽ ٻين جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي، ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين کي به اهڙو ئي اسٽينڊ وٺڻ گهرجي. سنڌ جي سياسي پارٽين کي خاص طور تي ان معاملي ۾ سنڌي اديبن، دانشون ۽ عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي ۽ هن جائز ڳالهه جي لاءِ پنهنجو آواز اٿارڻ گهرجي. پاڪستان جي ننڍن صوبن ۾ موجود محرومي واري احساس جي خاتمي لاءِ به ٻولين کي قومي ٻولين واري حيثيت ڏيڻ وارو فيصلو ڏاڍو مددگار ثابت ٿيندو. هونئن ته هر ٻولي جو پنهنجو حسن آهي ۽ هر ٻولي پنهنجي قوم جي ترجماني ڪندڙ آهي پر سنڌ ٻولي جو شمار دنيا جي انتهائي سڌريل ۽ وسيع تاريخي توڙي ثقافتي پس منظر رکندڙ ٻولين ۾ ٿئي ٿو. اها نهايت ڏک ۽ افسوس واري ڳالهه آهي جو سنڌي ٻولي کي علائقائي ٻولي چيو پيو وڃي. جن ٻولين کي پوري دنيا ۾ ڳالهايو ۽ پڙهيو وڃي، جيڪا انٽرنيٽ ذريعي پوري دنيا ۾ ڪميونيڪيشن/ رابطي جو ذريعو هجي ان کي علائقائي سڏڻ منطق کان خالي آهي. سنڌي ماڻهن جي انهي مطالبي ۾ به ڀائيچاري ۽ پيار وارو پيغام آهي ته سنڌي سميت پاڪستان جي سڀني مادري ٻولين کي قومي ٻولي وارو درجو ڏنو وڃي. هن جائز مطالبي کي مان ملڻ گهرجي ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني قومن جي قومي وجود کي تسليم ڪري ڀائيچاري، ميٺ محبت توڙي جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ گهرجي بشڪريه عبرت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو