سائين منهنجا منهنجو نالو عبدالقادر آهي هن وقت مهراڻ طبيه ڪاليج مورو ۾ وائيس پرنسپال جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهيان ان کان علاوه فارغ وقت ۾ پنهنجي شفا خاني کي به ٽائيم ڏيندو آهيان ڪجهه وقت علمي ادبي لٽريچر لکڻ پڙهڻ کي به ڏيندو آهيان هن فورم جي ڄاڻ سائين مولوي رحيم بخش جن ڏني هي فورم سنڌي ۾ ڏسي بيحد خوشي ٿي اميد ته هن فورم تي رهي ڪري ڪافي ڪجهه سکڻ لاء ملندو ۽ ڪجهه اسان به خدا جي ڏني مان دوستن سان شيئر ڪنداسين ٻي ملاقات تائين اجازت دعائن جو طالب. حڪيم عبدالقادر مورو سنڌ.
جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر سائين حڪيم عبدالقادر صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم دنيا جي وڏي ۾ وڏي فورم تي خوش آمديد ٿا چئون . سائين حڪيم صاحب توهان جو تعارف پڙهي ڪري خوشي ٿئي ته وائيس پرنسپال ۽ حڪيم صاحب پڻ آهيو وڏي خوشي جي ڳالهه آهي جو اڄ اسان جي وچ ۾ هڪ معتبر شخصيت موجود آهي سائين اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو . سائين سنڌ سلامت فورم تي شل حڪمت سلامت رهي جي نالي سان هڪ سيڪشن آهي ان ۾ حڪمت جي حوالي سان پڻ توهان جي شيئرنگ جو انتظار رهندو اسان سائين رحيم بخش صاحب جن جا پڻ ٿورائتا آهيون جن اوهان کي سنڌ سلامت فورم بابت آگاهي ڏني . وڏي مهرباني سائين
جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر ســــائين مـــحـترم حڪيم عبدالقادر صاحب اسان اوهانکي هن محنتي محبتي جاکوڙي فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا ڪيون. اوهان جو تعارف پڙهي ۽ اوهانکي هتي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي.
جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر پريان سندي پار جي مڙوئي مٺائي ۔۔۔۔ سنڌ جي سهڻي شهر مورو سان لاڳاپيل، علم جنهنجو پيشو ۽ حڪمت جنهنجو شوق ۽ عبادت هجي ته ان کان وڌيڪ اسانجي ڪهڙي خوشنصيبي چئبي ۔۔۔ ڀاڳ ڀلا اسانجا ۽ اسانجي هن اڱڻ جا جو اهڙو ڏاهو ۽ فضيلتن ڀريو دوست اسانجي اوطاق تي هلي آيو آهي ۔۔۔ ڀاڳ ڀلا اسانجا ۔۔۔۔ ٿورائتا آهيون سائين مولوي رحيم بخش جا ۔۔۔ جهڙو پاڻ معزز ۽ سهڻو انسان آهي اهڙا ئي سهڻا ۽ معتبر انسان اسانجي ساٿ ۾ وٺي اچي ٿو ۔۔۔ سائين حڪيم صاحب سچ پڇو ته اوهانجي ساٿ سان ئي اسانجون ڪافي بيماريون ختم ٿي وينديون ۽ اوهانجي علم سان اسين مستفيض ٿيندا رهنداسون ۔۔۔ دنيا جي وڏي نعمت آهي سچي انسان جو ساٿ ۽ اسين چاهيون ٿا اوهان جهڙو دوست هن اڱڻ تي هر بار اچي ۽ ور ور ڪري اچي ته جيئن اسانجي من ۽ تن جي ڪس ڪٽ ختم ٿئي ۔۔۔ بس ڀيرو نه ڀڃجو ۔۔۔۔ اسانجو مقصد سنڌ ۽ سنڌيت ۽ ايمان جي مضبوطي ۔۔۔ اميد ته ان راهه تي اسانجي رهنمائي ڪندا رهندا ۔۔۔ رب اوهانجي ايمان، اولاد، صحت ۽ رزق ۾ برڪت عطا فرمائي ۔۔۔ آمين سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر حڪيم صاحب منهنجي والد صاحب ٻه چڪر آپريشن ڪرائي چڪو آهي پر کيس وري وري بواسير اٿلي پوي ٿو ۽ هن وقت ته ٿورو ڪجهه کائيندي ئي حاجت ٿي ٿئي جنهن ۾ ڪافي بلڊ اچي ٿو ڪو ترت حل ڏسيو
جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر [JUSTIFY]مان پنهنجي مهربان دوست سائين عبدالقادر جن جو نهايت احسان مند آهيان جن هن عاجز جي عرض کي شرف بخشيو پاڻ اسان جي هن محبتي اڱڻ تي ڪهي آيا اميد ته دوستن جي محبت کين روز اچڻ تي مجبور ڪندي اگرچه سائين جن مصروف آهن ليڪن سائين قبلا نثار جن جي ڳالهه وانگر ته سنڌيت جي ناتي سان ته سڀ واڳيل آهيون سڀني کي سنڌ سان محبت آهي سائين جن به ماشآء الله سنڌي ادب سان دلچسپي رکن ٿا جتي سائين نثار جن جهڙا اديب ۽ ٻيا محبت وارا محبوب هوندا اتي ادب جي پياس رکندڙ ضرور ايندا.[/JUSTIFY] سائين جن کي هي ڪجهه تحفه پيش ڪجن ٿا اميد ته قبول پوندا.
جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر السلام عليڪم حق موجود سائين حڪيم عبد القادر سومرا صاحب سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پير ڌرڻ تي ڀليڪار ۔۔۔ اوهان جي شيئرنگ جو اسان کي انتظار رهندو
جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر سائين حڪيم عبدالقادر کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار اوهان جو ڪم پڙهائڻ ۽ ان سان گڏ حڪمت وارو به اوهان کي جس هجي۔ مان جڏهن سائين مولوي رحيم بخش جن وٽ موري ۾ آيو هوس ته کوڙ ساريون شيشيون ۽ دٻيون ڏسي سمجهي ويو هوس ته هي حڪمت جو ئي سامان آهي پر سائين ان موضوع تي ڳاله مٽائي پي ويو۔ اوها جي سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ شامل ٿيڻ تي خوش ٿي ۽ اوهان کي عرض آهي ته پنهنجي قيمتي وقت مان ٿورڙيون گهڙيون ڪڍي سنڌ سلامت ۽ اسان لاء وقف ڪجو ۽ ڪي مانائتا ۽ ڏاهپ واراا ليک ونڊ ڪجو ته لک لائق ٿيندا مهربانيون سائين مولوي رحيم بخش جا جنهن اوهان جهڙي دوست سان ملايو۔ جڏهن به موري آياسون ته اوهان سان ملاقات ڪبي۔ دعائن ۾ ياد ڪجو۔ لک احسان اوهان جا
جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر سائين عبدالقادر، توهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا، توهان جي لکڻين جو شدت سان انتظار رهندو، توهان جي دعائن جو طلبگار
جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر محبتي ميڙي، ٻڌجي هڪڙو ڳوٺ۔۔ تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو بادشاهه۔۔۔ الحمد الله سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ اوهان جهڙي قابل شخصيت جو اضافو هڪ سٺو سنوڻ آهي، سنڌ سلامت جي دوستن کي فخر آهي ته هتي سنڌ جون ڪيتريون ئي ممتاز شخصيتون رڪن طور شامل آهن۔۔ اوهان جي علم دوست هجڻ ۽ حڪمت جي معلومات هجڻ سبب اسان اميد ڪريون ٿا ته اوهان کان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو۔۔۔ اوهان کي مست طرفان به دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿو۔۔۔
جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر السلام عليڪم سائين حڪيم عبدالقادر . توهان کي سنڌ سلامت فورم جي هن محبتي اڱڻ تي خوش آمديد .
جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر ادا حڪيم عبدالقادر اوهان کي هن محبتي ۽ محنتي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا اميد ته قادر جي ڏني مان اسان کي به ڪجهه ونڊيدا رهندا سدائين گڏ
جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر سائين عبدالقادر جن کي عرض آهي ته هن دوست کي حل ڏسين ته سندن مهرباني ٿيندي.
جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر ادا معذرت خواه آهيان جو ڪجهه مصروفيتن جي ڪري توهان جي تحرير جو فوري جواب ڏئي نه سگهيس هاڻي حاضر آهي توهان جي لاء علاج جو نسخو. ادا توهان 1. حب بواسير (اجمل) 2. حابس سفوف (قرشي) حب بواسير صبح منجهند شام حابس سفوف ننڍو چانهه وارو اڌ چمچو صبح منجهند شام. ٻئي مصري جي مٺي پاڻي سان هڪ هفتو استعمال ڪرايو انشاء الله فائدو ٿيندو پرهيز؛ وڏو گوشت ، واڱڻ ، ڳاڙهو مرچ ۽ سڀني گرم شين کان پرهيز ڪارئي وڃي . کير ، مکڻ وغيره ۽ ٻيون ٿڌيون شيون استعمال ڪرايو.