مان آهيان حڪيم عبدالقادر

'تعارف' فورم ۾ حڪيم عبدالقادر طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2011۔

  1. حڪيم عبدالقادر

    حڪيم عبدالقادر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 فيبروري 2011
    تحريرون:
    30
    ورتل پسنديدگيون:
    129
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين منهنجا منهنجو نالو عبدالقادر آهي هن وقت مهراڻ طبيه ڪاليج مورو ۾ وائيس پرنسپال جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهيان ان کان علاوه فارغ وقت ۾ پنهنجي شفا خاني کي به ٽائيم ڏيندو آهيان ڪجهه وقت علمي ادبي لٽريچر لکڻ پڙهڻ کي به ڏيندو آهيان هن فورم جي ڄاڻ سائين مولوي رحيم بخش جن ڏني هي فورم سنڌي ۾ ڏسي بيحد خوشي ٿي اميد ته هن فورم تي رهي ڪري ڪافي ڪجهه سکڻ لاء ملندو ۽ ڪجهه اسان به خدا جي ڏني مان دوستن سان شيئر ڪنداسين ٻي ملاقات تائين اجازت


    دعائن جو طالب.
    حڪيم عبدالقادر مورو سنڌ.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    سائين حڪيم عبدالقادر صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم دنيا جي وڏي ۾ وڏي فورم تي خوش آمديد ٿا چئون .
    سائين حڪيم صاحب توهان جو تعارف پڙهي ڪري خوشي ٿئي ته وائيس پرنسپال ۽ حڪيم صاحب پڻ آهيو
    وڏي خوشي جي ڳالهه آهي جو اڄ اسان جي وچ ۾ هڪ معتبر شخصيت موجود آهي
    سائين اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو .

    سائين سنڌ سلامت فورم تي شل حڪمت سلامت رهي جي نالي سان هڪ سيڪشن آهي ان ۾ حڪمت جي حوالي سان پڻ توهان جي شيئرنگ جو انتظار رهندو

    اسان سائين رحيم بخش صاحب جن جا پڻ ٿورائتا آهيون جن اوهان کي سنڌ سلامت فورم بابت آگاهي ڏني .

    وڏي مهرباني سائين
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    ســــائين مـــحـترم حڪيم عبدالقادر صاحب اسان اوهانکي هن محنتي محبتي جاکوڙي فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا ڪيون.
    اوهان جو تعارف پڙهي ۽ اوهانکي هتي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي.​
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    پريان سندي پار جي مڙوئي مٺائي ۔۔۔۔

    سنڌ جي سهڻي شهر مورو سان لاڳاپيل، علم جنهنجو پيشو ۽ حڪمت جنهنجو شوق ۽ عبادت هجي ته ان کان وڌيڪ اسانجي ڪهڙي خوشنصيبي چئبي ۔۔۔ ڀاڳ ڀلا اسانجا ۽ اسانجي هن اڱڻ جا جو اهڙو ڏاهو ۽ فضيلتن ڀريو دوست اسانجي اوطاق تي هلي آيو آهي ۔۔۔

    ڀاڳ ڀلا اسانجا ۔۔۔۔

    ٿورائتا آهيون سائين مولوي رحيم بخش جا ۔۔۔ جهڙو پاڻ معزز ۽ سهڻو انسان آهي اهڙا ئي سهڻا ۽ معتبر انسان اسانجي ساٿ ۾ وٺي اچي ٿو ۔۔۔

    سائين حڪيم صاحب سچ پڇو ته اوهانجي ساٿ سان ئي اسانجون ڪافي بيماريون ختم ٿي وينديون ۽ اوهانجي علم سان اسين مستفيض ٿيندا رهنداسون ۔۔۔ دنيا جي وڏي نعمت آهي سچي انسان جو ساٿ ۽ اسين چاهيون ٿا اوهان جهڙو دوست هن اڱڻ تي هر بار اچي ۽ ور ور ڪري اچي ته جيئن اسانجي من ۽ تن جي ڪس ڪٽ ختم ٿئي ۔۔۔

    بس ڀيرو نه ڀڃجو ۔۔۔۔ اسانجو مقصد سنڌ ۽ سنڌيت ۽ ايمان جي مضبوطي ۔۔۔ اميد ته ان راهه تي اسانجي رهنمائي ڪندا رهندا ۔۔۔

    رب اوهانجي ايمان، اولاد، صحت ۽ رزق ۾ برڪت عطا فرمائي ۔۔۔ آمين

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. راهب علي

    راهب علي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 فيبروري 2011
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    حڪيم صاحب منهنجي والد صاحب ٻه چڪر آپريشن ڪرائي چڪو آهي پر کيس وري وري بواسير اٿلي پوي ٿو ۽ هن وقت ته ٿورو ڪجهه کائيندي ئي حاجت ٿي ٿئي جنهن ۾ ڪافي بلڊ اچي ٿو ڪو ترت حل ڏسيو
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    [JUSTIFY]مان پنهنجي مهربان دوست سائين عبدالقادر جن جو نهايت احسان مند آهيان جن هن عاجز جي عرض کي شرف بخشيو پاڻ اسان جي هن محبتي اڱڻ تي ڪهي آيا اميد ته دوستن جي محبت کين روز اچڻ تي مجبور ڪندي اگرچه سائين جن مصروف آهن ليڪن سائين قبلا نثار جن جي ڳالهه وانگر ته سنڌيت جي ناتي سان ته سڀ واڳيل آهيون سڀني کي سنڌ سان محبت آهي سائين جن به ماشآء الله سنڌي ادب سان دلچسپي رکن ٿا جتي سائين نثار جن جهڙا اديب ۽ ٻيا محبت وارا محبوب هوندا اتي ادب جي پياس رکندڙ ضرور ايندا.[/JUSTIFY]
    سائين جن کي هي ڪجهه تحفه پيش ڪجن ٿا اميد ته قبول پوندا.



    [​IMG]



    [​IMG]



    [​IMG]




    [​IMG]




    [​IMG]
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر


    السلام عليڪم
    حق موجود
    سائين حڪيم عبد القادر سومرا صاحب سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پير ڌرڻ تي ڀليڪار ۔۔۔
    اوهان جي شيئرنگ جو اسان کي انتظار رهندو
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    سائين حڪيم عبدالقادر کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار

    اوهان جو ڪم پڙهائڻ ۽ ان سان گڏ حڪمت وارو به اوهان کي جس هجي۔ مان جڏهن سائين مولوي رحيم بخش جن وٽ موري ۾ آيو هوس ته کوڙ ساريون شيشيون ۽ دٻيون ڏسي سمجهي ويو هوس ته هي حڪمت جو ئي سامان آهي پر سائين ان موضوع تي ڳاله مٽائي پي ويو۔

    اوها جي سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ شامل ٿيڻ تي خوش ٿي ۽ اوهان کي عرض آهي ته پنهنجي قيمتي وقت مان ٿورڙيون گهڙيون ڪڍي سنڌ سلامت ۽ اسان لاء وقف ڪجو ۽ ڪي مانائتا ۽ ڏاهپ واراا ليک ونڊ ڪجو ته لک لائق ٿيندا

    مهربانيون سائين مولوي رحيم بخش جا جنهن اوهان جهڙي دوست سان ملايو۔ جڏهن به موري آياسون ته اوهان سان ملاقات ڪبي۔ دعائن ۾ ياد ڪجو۔

    لک احسان اوهان جا


    [​IMG]
     
  9. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    سائين عبدالقادر، توهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا، توهان جي لکڻين جو شدت سان انتظار رهندو،


    توهان جي دعائن جو طلبگار
     
  10. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    سائين عبدلقادر هن فورم تي اوهان کي ڀلي ڪار چئوٿا
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    محبتي ميڙي، ٻڌجي هڪڙو ڳوٺ۔۔
    تنين جي ويڙهي، پاڻهي ايندو بادشاهه۔۔۔

    الحمد الله سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ اوهان جهڙي قابل شخصيت جو اضافو هڪ سٺو سنوڻ آهي، سنڌ سلامت جي دوستن کي فخر آهي ته هتي سنڌ جون ڪيتريون ئي ممتاز شخصيتون رڪن طور شامل آهن۔۔
    اوهان جي علم دوست هجڻ ۽ حڪمت جي معلومات هجڻ سبب اسان اميد ڪريون ٿا ته اوهان کان گهڻو ڪجهه سکڻ‌ لاءِ ملندو۔۔۔ اوهان کي مست طرفان به دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿو۔۔۔​
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    حڪيم صاحب کي ڀليڪار آهي.
     
  13. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    السلام عليڪم

    سائين حڪيم عبدالقادر . توهان کي سنڌ سلامت فورم جي هن محبتي اڱڻ تي خوش آمديد .
     
  14. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    ادا حڪيم عبدالقادر اوهان کي هن محبتي ۽ محنتي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا اميد ته قادر جي ڏني مان اسان کي به ڪجهه ونڊيدا رهندا

    سدائين گڏ
     
  15. بلال۔ميمن

    بلال۔ميمن
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 فيبروري 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    مان بلال مصطفا ميمن اهيان حيدرآباد کان..
     
  16. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    سائين عبدالقادر جن کي عرض آهي ته هن دوست کي حل ڏسين ته سندن مهرباني ٿيندي.
     
  17. حڪيم عبدالقادر

    حڪيم عبدالقادر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 فيبروري 2011
    تحريرون:
    30
    ورتل پسنديدگيون:
    129
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    ادا معذرت خواه آهيان جو ڪجهه مصروفيتن جي ڪري توهان جي تحرير جو فوري جواب ڏئي نه سگهيس
    هاڻي حاضر آهي توهان جي لاء علاج جو نسخو.
    ادا توهان

    1. حب بواسير (اجمل)
    2. حابس سفوف (قرشي)
    حب بواسير صبح منجهند شام
    حابس سفوف ننڍو چانهه وارو اڌ چمچو صبح منجهند شام.
    ٻئي مصري جي مٺي پاڻي سان هڪ هفتو استعمال ڪرايو
    انشاء الله فائدو ٿيندو
    پرهيز؛
    وڏو گوشت ، واڱڻ ، ڳاڙهو مرچ ۽ سڀني گرم شين کان پرهيز ڪارئي وڃي .
    کير ، مکڻ وغيره ۽ ٻيون ٿڌيون شيون استعمال ڪرايو.
     
  18. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: مان آهيان حڪيم عبدالقادر

    ادا توهان کي ڀليڪار
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو