• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محترم عبد الرشيد سمون موصوف: جن کي سندن جنم جي ڏينھن جون لک لک مُبارڪون قبول پون

جوکيو شفيق احمد

سينيئر رڪن
موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛
وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ،
ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِـيُون مَغرَبَ پارَ؛
ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛
ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ؛
ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛
ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛
ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛
ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلھارَ؛
سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛
دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.

موٽِي مانڊاڻِ جِي، جُڙي ڪَيائِين جوڙَ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٻَہِ ٻَہِ ٻَڌائُون ٻوڙَ؛
اَنَنِ جا عالَمَ ۾، لَکين ٿِيا کوڙَ؛
سارَنگَ لاتي سوڙَھ، ساندَهِ سُھائو ٿِيو.

حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، ته سارَنگَ ساٺَ ڪَجَنِ؛
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَہَ ٽَہَ مِينھَن ٽِمَنِ؛
جِنِ مَھانگو لَهِي ميڙيو، سي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ؛
پَنجَنِ مَنجھان پَندِرھَن ٿِيا، اِئَن ٿا وَرِقَ وَرَنِ؛
ڏُڪارِيا ڏيہَ منا، شالَ مُوذي سَڀُ مَرَنِ؛

وَرِي وَڏي وَسَ جُون، ڪَيُون ڳالِھيُون ڳَنوارَنِ؛
سَيّدُ چوي سَڀنِ، آهِ توهِ تُنھنجِي آسِرو.

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي:
مُنتظم اعلي مُحترم عبدالرشيد سمُون صاحب
جن کي سندن جنم جي ڏينھن جون لک لک مُبارڪون قبول پون

ان اُميد ۽ آس سان تھ سندن سرپرستيءَ ۾ سنڌ سلامت سنڌ جي مڙني اشوز تي کُلي ڳالھائندو رھندو ۽ معصوم سنڌي قوم کي اڳتي وڌي اچڻ جو صحيح دڳ ڏيندو رھندو ۽ مُڪمل سائنسي, سماجي, معاشي, اقتصادي, نفسياتي, عمراجي, ۽ ٻين علمي, عملي ڪمن ۾ رھنمائيءَ جو فرض نڀائيندو رهندو۔

۽ الله تعالي کان دعا آهي ته الله تبارڪ و تعالي سندن مال رزق عزت عظمت وقار توقير اعزاز شان، وسيع عريض گهر ماڳ مڪان، سهڻين سوارين سنهجائي وارين ۾، پڻ برڪتون عطا ڪري ، سلامت هجي شال پنهنجي ڪڙم ڪهول آڪهه ساڻ هميشه.

تون سَمو سردار، آءٌ ميئي مھاڻي آھيان؛
تنھنجيءَ شفقت مِھر جو، آھي ڪو نه شُمارُ؛
گنديءَ گاندَر گھر کان، ڪيو ساري عالم عارُ؛
مٿي تَنھن مَدارُ، تو ساريءَ ڪينجھر رکي.

تون سَمو سائين، آءٌ ميئي مُھاڻِي آھيان؛
مون لَڄ رھائين، جو پَلءِ لڳيس تانھنجي.

آءٌ ميئي مُھاڻِي، تون سَمو ساري سَر جو؛
قرب منھنجو ڪھڙو، ڄاڻيو ٿو ڄاڻِي؛
کارِي سرِ کنيم ٿي، ڇِڇيءَ، کِکِيءَ ھاڻِي؛
راجا تنھنجي راضَ سان، ٿيس راڻِنِ جي راڻِي؛
تو سَما سِيباڻِي، نه ته ھيس بيھودي بڇڙي

مسڪين سنڌي عرف جوکيو شفيق احمد
 
جواب: محترم عبد الرشيد سمون موصوف: جن کي سندن جنم جي ڏينھن جون لک لک مُبارڪون قبول پو

سائين شفيق جوکيو صاحب لک قرب اوهان جا

اسان پاران به ادا رشيد کي ٻيهر جنم ڏينهن جون واڌايون ۔ خوشي ٿي جو اوهان جهڙي سنڌ جي عاشق سنڌ سلامت تي اچي پنهنجون تحريرون ونڊ ڪرڻ شروع ڪيون آهن۔ اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔

ٿورا ناهن ٿورا
 
جواب: محترم عبد الرشيد سمون موصوف: جن کي سندن جنم جي ڏينھن جون لک لک مُبارڪون قبول پو

سائين محترم شفيق احمد جوکيو کي سنڌ سلامت جي هن سنڌ دوست اوطاق تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ سائين محترم سان ڪڏهن ملاقات ٿيل ته ناهي ۽ نه وري کيس سامهون ڏسڻ جو شرف مليو آهي، پر سائين محترم جون لکڻيون، لطيف جا بيت ونڊ ڪرڻ، قرآني فڪر ۽ رسول اڪرم صلعم جا قول ٻڌائڻ ۽ سنڌ سان عشق ۽ سنڌيت جي مد ۾ رهنمائي ڪرڻ جا ٻول ٻڌندا اچون ۔۔۔ جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو سائين محترم انتهائي پرخلوص ۽ نيڪ نيت انسان آهي ۔۔۔

اهڙن پارس قسم جي انسانن جي نه فقط سنڌ سلامت پر پوري سنڌ کي ضرورت آهي جيڪي اسانجي رهنمائي سان گڏ ڪن مهٽ ڪندا رهن ۔۔۔

اسانجون اکيون ٿڌيون جو جوکيو صاحب مانواري رشيد سمون کي ڄم واڌايون ڏيڻ بهاني هن اوطاق تي ڦيرو ڀريو آهي ۔۔۔ اميد ته وقت سر سائين جن قرب ڪندا رهندا ۽ سنڌ دوست اوطاق جي روشني ۾ اضافي جو سبب ٿيندا رهندا ۔۔۔

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: محترم عبد الرشيد سمون موصوف: جن کي سندن جنم جي ڏينھن جون لک لک مُبارڪون قبول پو

ادا کي جنم ڏينهن ٻيهر مبارڪ هجي
 
جواب: محترم عبد الرشيد سمون موصوف: جن کي سندن جنم جي ڏينھن جون لک لک مُبارڪون قبول پو

مون پاران به ادا عبد الرشيد جن کي دعائون ته شال ڌڻي هميشه آباد رکين ۽ خوشيون ۽ سلامتي نصيب ڪرين . آمين.
 
جواب: محترم عبد الرشيد سمون موصوف: جن کي سندن جنم جي ڏينھن جون لک لک مُبارڪون قبول پو

سائين شفيق جوکيو صاحب اوهان جون مهربانيون.
جو توهان ادا رشيد سمون جو جنم ڏينهن ياد ڪيو.
ادا اسان جي طرفان به سائين جن کي جنم ڏينهن جون مبارڪون .
 
جواب: محترم عبد الرشيد سمون موصوف: جن کي سندن جنم جي ڏينھن جون لک لک مُبارڪون قبول پو

ادا منهنجي نزديڪ سالگره جو مفهوم“ سال گرا” ۾ هوندو آهي يعني زندگي جو هڪ سال وڌيڪ ڪري پيو يا گهٽ ٿي ويو تنهن ڪري مان هن جي خلاف هوندو آهيان
پر دوستن جا رايا ڏسي مان پڻ مجبور ٿي پيش ته سائين کي هن ڏينهن جي نسبت ڇا پيش ڪيان !
سو ادا اسان جي طرفان اوهان کي الله تعالى کان دعا ئي بهترين تحفو ڄاتم ۔
الله تعالى اوهان کي ٻنهي جهانن جو خوشيون نصيب ڪري ۽ اوهان جو ساٿ قائم دائم رکي! ۔
يقينن اوهان جو هن فارم کي وجود بخشڻ هڪ وڏو عظيم ڪم آهي پنهنجن ماروئڙن لا، جنهن ۾ اسان کي پاڻ ۾ گڏ ٿيڻ ۽ هڪ ٻئي جو ڏک ۽ سک ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو ملندو آهي۔ مهرباني اوهان سڀنن دوستن جي ۔

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا
 
جواب: محترم عبد الرشيد سمون موصوف: جن کي سندن جنم جي ڏينھن جون لک لک مُبارڪون قبول پو

تمام دوستن ۽ سائين شفيق صاحب جن جو ٿورائتو آهيان جو پنهنجا بي بها لفظن مون کي ڀيٽا ڏيندي لکيا۔۔۔
پر ان کان وڌيڪ مون کي خوشي ان ڳالهه جي ٿي آهي جو سائين جن سنڌ سلامت تي ڪوبه موضوع موڪلڻ سکي ويا آهن ۔۔۔ پاڻ سال کن اڳ فورم تي رجسٽريشن اختيار ڪئي هئي شروع شروع ۾ ڪجهه تحرين ۾ پنهنجي جوابن طور ئي موضوع موڪلين جن کي الڳ موضوع جي شڪل ڏني وئي پر پوءِ ڪجهه تيڪنيڪي ڳالهين نه سمجهڻ ڪري مهمان طور سنڌ سلامت تي ايندا رهيا۔۔۔
سندن موجوده موضوع فيس بوڪ تي پڻ آيو جن ۾ شڪريو ادا ڪندي کين سنڌ سلامت فورم تي موضوع موڪلڻ جي سکيا ڏني۔۔۔
بحرحال سندن مان هاڻي مواد موڪلڻ جون ڪافي اميدون آهن۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر مهرباني
 
جواب: محترم عبد الرشيد سمون موصوف: جن کي سندن جنم جي ڏينھن جون لک لک مُبارڪون قبول پو

محترم عبد الرشيد سمون جن کي سندن جنم جي ڏينھن جون لک لک مُبارڪون قبول پون
 
جواب: محترم عبد الرشيد سمون موصوف: جن کي سندن جنم جي ڏينھن جون لک لک مُبارڪون قبول پو

اسان جي طرفان به سنڌ سلامت جي سٿ جي اڳواڻ کي جنم ڏينهن واڌايون هجن۔۔۔
 
Back
Top