نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ ننڍڙو پکي، دنيا جي ڏاکڻي علائقي ۾ پوندڙ سيءَ کان بچي نڪرڻ خاطر گرم علائقي ڏانهن رخ ڪيو، پر تمام گهڻي ٿڌ سبب سندس سگهه ختم ٿي وئي ۽ ساڻو ٿي اچي هيٺ برف ۾ ڪريو، بس حياتيءَ جا آخري پل ئي هيس ته اتان اچي هڪ ڍڳو لنگهيو جنهن سندس مٿان پنهنجي حاجت پوري ڪئي ۽ ڇيڻو لاٿو.
پکيءَ ڇيڻي جي گرمي محسوس ڪئي ۽ ان مرڻينگ حالت مان نڪرڻ لڳو ۽ ڏسندي ڏسندي ئي چڱو ڀلو ٿي ويو، ۽ خوشيءَ ۾ ڳائڻ لڳو ... اتفاق سان اتان هڪ جهنگلي ٻلي اچي گذري ۽ جڏهن سندس ڪنن تي پکيءَ جي ڳائڻ جو آواز پيو ته نوسيندي اچي ڇيڻي جي مٿان بيٺي، ڇيڻو کوٽيائين ته پکي اندران مليس، کيس کائي هلي وئي ...
*******************
ڪهاڻيءَ جو اخلاقي سبق؛
1. هر اهو ماڻهون جيڪو اوهان تي گند اڇلائي ٿو، ضروري ناهي ته هو اوهانجو دشمن هجي.
2. ۽ ضروري ناهي ته جيڪو ماڻهون اوهانکي ان گند مان ٻاهر ڪڍي ته اوهانجو دوست آهي.
3. جڏهن اوهان وڏي گند ۾ هجو، بهتر آهي ته پنهنجو وات بند رکو.