• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لنڊن ۾ مشرف تي جلسي دوران جوتو اڇلايو ويو

جواد رضا

سينيئر رڪن
لنڊن ۾ مشرف تي جلسي دوران جوتو اڇلايو ويو

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لنڊن ۾ پرويز مشرف تي جلسي دوران جوتو اڇلايو ويو آهي، لنڊن ۾ پاڪستانين جي اڪثريت واري علائقي والٿم اسٽو ايسٽ واري علائقي ۾ پرويز مشرف جي پارٽي پاران جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي ۾ 15 سئو ماڻهو موجود هئا، پرويز مشرف جڏهن تقرير شروع ڪئي ته ان جي 5 منٽن بعد هڪ همراهه اٿي بيٺو ۽ آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي حق ۾ نعرا هنيا ۽ بعد ۾ هن پرويز مشرف ڏانهن جوتو اڇلايو، جيڪو مشرف کي نه لڳو ۽ اسٽيج جي ڀرسان پهرين قطار ۾ ڪريو، جنهن بعد سيڪيورٽي اهلڪارن همراهه کي جلسي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جلسي دوران مشرف ڏانهن جوتو اڇلائڻ سبب جلسي ۾ بدنظمي ٿي وئي.
 
جواب: لنڊن ۾ مشرف تي جلسي دوران جوتو اڇلايو ويو

ادا هاڻي جهڙا ڪم ڪندا اوهڙو سلو ته انهن کي ضرور ملندو۔​
 
جواب: لنڊن ۾ مشرف تي جلسي دوران جوتو اڇلايو ويو

مطلب جن ڇڏي ڀوت ڇڏي جوتو جان نه ڇڏي ۔۔۔ هل ڙي مشرف تنهنجو شرف ۔۔۔ پر آهي ڍيٽ، جوتا کائي ته وڏا ليڊر ٿي ويندا آهن اهڙا شيطاني ڪردار ۔۔۔

بس رب العالمين باقي اڳواڻن کي ڪي عقل جا نهن عطا ڪري ۔۔۔
 
Back
Top