محمد رمضان منڌرو
سينيئر رڪن

بسم الله
جيڪڏهن قوم ائين ڪرڻ چاهي ته اسانجون اکيون ٿڌيون ۔۔۔ قوم ۽ ڌرتي سان پيار جتائڻ جو ڪو ڏينهن ته خاص ناهي هوندو پر جيئن ٻيون قومون آزادي جا ڏينهن ملهائينديون آهن تيئن جيڪڏهن سنڌ به پنهنجو ڏينهن ملهائڻ چاهي ته ۔۔۔ بسم الله ۔۔۔
باقي ويلنٽائين نه ته اسانجو ڏينهن آهي ۽ نه ان ڏينهن جي اسانجي زندگي ۾ ڪا اهميت ۔۔۔ ويلنٽائين کان وڌيڪ ته اسانجي مارئي هئي، اسانجي سسئي هئي، نوري ڄام تماچي هئا جن عشق جا اهڙا ته مثال قائم ڪيا جيڪي دنيا ۾ نه ڪڏهن ٿيا نه ٿيندا ۔۔۔
پر پو به سنڌ جيئن ته وطن آهي انجي حب ۾ جيترا به ڏينهن ملهائبا اوترو ڀلو ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪا شئي مصيبت يا خطري ۾ هوندي آهي ته ان جي حفاظت جا اپاوَ به اوترا ئي گهڻا ٿيڻ کپن ۔۔۔
سنڌ منهنجي امان ۔۔۔ سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
دوستو جنهن ڏينهن ويلنٽائن آهي ان ڏينهن 12 ربيع اوال آهي۔ عاشقن جا ته لاه ئي نڪري ويا آهن