مخدوم طالب المولى۔۔۔

آرزو

سينيئر رڪن
بظاهر جيڪي داناه ها سي ديوانا ٿيا اڻـــــلڀ،

صدا افسوس آهي ديوانائي ۾ دانا ٿيا اڻلڀ.



جتي ساقي نگاهن سان، ڪندا پرڪيف ها، پياري،

ڪٿي سي سرزمينون، اڄ هو ميخانا ٿيا اڻـــــلڀ.



رڳي ئي فحش گوئي، ۽ رڳي ئي آهي بيهوشي،

هئا جي هوش آور، اڄ سي به مستانا ٿيا اڻــــلڀ.



مڃي جن دل سان مستن کي ڪيو ٿي اعتراف اُنِجو،

اهـــــــا اڄ عقلمندي ۽ هــــــــــو فرزانا ٿيـــــا اڻــــــــــــلڀ.



وڃائي واٽ ٿو هرڪو، ويهي ماڻهن جي جهنگل ۾،

ضيا جتِ عشق واري هُئي، سي خسخانا ٿيا اڻلڀ.



ڪرڻ احســــــان اڄ ڪنهن تي پوڻ آزار ۾ آهي،

مڃڻ کي ڏيو ڇڏي پر صرف شڪرانا ٿيا اڻلڀ.



اڃان پيري ۽ مخدومي کي تون چنبڙيو پيو آهين،

چريا هو نـــــيهن وارا جي ها نـــــــــــذرانا ٿيا اڻلڀ.



رڳو تاب ۽ عتاب آهي، رڳو خوف ۽ حراس آهي،

اڳوڻا هــــــــــــمنوا ۽ شــــــــان شاهـــــــــــانا ٿيا اڻلڀ.



سياست آهي ڪاهي پئي اڄوڪي عشق بازي ۾،

اچي خود مــــطلبي ويئي، جوشِ جانان ٿيا اڻلڀ.



فقط اڄ شمع ٿي روئي رڙي اي طالب الموليٰ،

ڏِيَن جي سر اچي هڪدم سي پروانا ٿيا اڻلڀ
 
Back
Top