ويدانتي شاعري جو اڀياس

'سنڌي شاعري' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2011۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    نرمل کوهارو

    ويدانيتي شاعريءَ جو اڀياس

    تصوف جي ارتقا ڪجهه ڏند ڪٿائن موجب ق. م جي شروعاتي دؤر کان ملي ٿي ۽ ان جا اثر وقت جي نزاڪتن موجب وقت به وقت هر دؤر تي پنهنجا نمايان اثر ڇڏيا.
    ان ڏس ۾ اسان کي ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته تصوف به اوترو ئي آڳاٽي حيثيت رکي ٿو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ تصوف به صوفين جي اچڻ ۽ انهن جي تبليغ سان شروع ٿيو، جهڙوڪ اسماعيلي داعين ۽ مبلغن جا پرچارڪ ڪلام يا گنان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته تصوف جي ڳالهه ان دؤر جي آڳاٽي تصوير چٽي پڌري ڪئي.
    قاضي قادن، اساسي شاعريءَ جي عمارت جو باني مباني هو، سنڌيءَ ٻوليءَ جو پهريون وڏو شاعر هو ۽ اساسي شاعريءَ (ٻوليءَ) جو ابو هو. هن اعليٰ سنڌي شاعريءَ جي پيڙهه رکي. شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو ڪنهن حد تائين قاضي قادن جي سالڪانه فڪر جو شارح هو. ان کان پوءِ يارهين صديءَ جي آخر ۽ ٻارهين صدي جي شروعات ۾ شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنات رضوي ۽ شاهه عبداللطيف رح جي رسالن ۾ اساسي شاعريءَ جي عمارت، هيئت ۽ صورت جي لحاظ کان جڙي راس ٿي، انهيءَ کان پوءِ شاهه لطيف ان کي سينگاري سهڻو ڪيو ۽ اڳتي لاءِ ان کي سينگارڻ جو سلسلو ويندي چوڏهين صديءَ تائين جاري رهيو. جن مان خاص هيٺيان هئا. عبدالوهاب (سچل)، صوفي فقير محمد صديق، قمبر علي شاهه شريف ڀاڏائي عرف شاهه شريف ڀاڏائي، خليفو نبي بخش ۽ آخر ۾ غلام محمد خانزئي اعليٰ اساسي شاعريءَ جي رسالن ۾ ايمان کي وڌائي ۽ سنواري زنده رکيو.
    ڪو به گذريل ڪارنامو جنهن عالمگير شهرت ماڻي پنهنجي هستي کي قائم رکي عظمت چمڪايو هجي جنهن جي هر ڪرڻي دنيا کي روشن ۽ اونداهه ڦهلندڙ ڪڪرن کي ڳاريو هجي، ايتري قدر جو جيئن جيئن وقت گذرندو ويو هجي تئين تئين ان جي مڃتا جا ڏاڪا اڃان به مضبوط ٿيندا ويا هجن. جنهن ۾ ماڻهن جو لڳاءُ تيلي کان دونهين ۽ دونهين کان مچندو مچ ٿي ويو هجي پوءِ اهو ضروري نه آهي ته علمي ادب ئي هجي اهي فنون لطيف کان وٺي دنيا جو ڪو به اعليٰ ڪم هجي، ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ اعليٰ قسم جي شاعرن الله جي وحدانيت ۽ هيڪڙائي ۽ صوفياڻي رنگ ۾ شاعري ڪئي، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ انسانن سان پيار، محبت ۽ هڪجهڙا ئي جو فڪر موجود هجي ٿو. ۽ انسان جي عملي ڪردارن جو بيان هجي ٿو ۽ انهيءَ سان گڏ، اسلامي تصور ۽ الله ۽ سندس رسول الله صلعم جو تصور پڻ نمايان هجي ٿو.

    صوفي مت ۽ ويد مت / ويدانيت جو اڀياس:
    اهڙي ريت سنڌ ۾ ويدانتي شاعري جو پايو ڪڏهن ۽ ڪيئن پيو ان جو اندازو اسان کي مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دؤر وچ ۾ ٿئي ٿو ڇو جو مغل دؤر ۾ جڏهن صوفي شاهه عنايت سنڌ ۾ تبليغ ڪئي ته سنڌ تي حڪمراني مغل بادشاهن جي هئي، جڏهن ته سنڌ جو گورنر يار محمد ڪلهوڙو هو. 1701ع تنهن وقت ۾ تصوف متي ۽ ويدانيت ۽ ويدانيتي متي ۾ ڪو به فرق نه هو، ڇو جو جهوڪ جي نگريءَ ۾ هيڪڙائي جو درس باآواز نغارن وسيلي ملڪان ملڪ ورجايو ٿي ويو.
    سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي سڌي يا اڻ سڌي طرح 82 سال حڪومت رهي. هن مقامي حڪومت اچڻ باوجود سنڌ ۾ امن ٿي نه سگهيو، شاهه عنايت صوفي جو واقعو، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي واري جي شهادت ۽ ٻيا ڪيترائي معرڪا ٿيا، 1739ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪري وڏي تباهي مچائي ڇڏي. هن نه صرف سنڌ ڌرتي کي رت جو غسل ڏنو پر سنڌي علم و ادب کي به پاڻ سان کڻائي ويو. ان دوران سنڌ جو حاڪم نورمحمد ڪلهوڙو هو، جنهن ايڪيهه لک سالياني خراج عقيدت عيوض نادر شاهه سان ٺاهه ڪيو. اهڙي طرح 1754ع ۾ احمد شاهه ابدالي محض ان ڪري سنڌ تي حملو ڪيو جو ميان نور محمد ڪلهوڙي کين 20 لکن جو خراج بند ڪري ڇڏيو هو. اهڙي طرح هن دور جي آخر ۾ مدد خان پٺاڻ پڻ سنڌ تي ڪاهي آيو. ڪلهوڙن حڪمرانن ۾ ميان نصير محمد، ميان مير محمد، يار محمد، ميان نور محمد، ميان شاهل محمد، ميان محمد مراد ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙو قابل ذڪر آهن. هنن سڀني ۾ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جو نالو اهم آهي. هن حڪمران سنڌ تي 35 سال حڪومت ڪئي. سندس حڪومت دوران ڪيترائي معرڪا ٿيا. پر سندس دور سنڌ جي تاريخ ۾ ڪيترائي نوان پيغام کڻي آيو. هن خودمختيار سنڌ تي حڪومت ڪئي، هن جي دور ۾ سنڌ ۾ علم و ادب ۾ اضافو ٿيو ۽ معاشي خوشحالي آئي.
    اگر ڪلهوڙن جي حڪومت جو مجموعي تجزيو ڪجي ته هو سٺا حڪمران ثابت ٿي نه سگهيا. هو پير پرستي مان حڪومت جي تخت تي ويٺا هئا. جڏهن به افغانن مٿان حملا ڪيا ته هو انهن جو مقابلو ڪري نه سگهيا ۽ نتيجي ۾ هو هميشه افغانن جي اطاعت ۾ رهيا ۽ خراج ڀريندا رهيا ان کان علاوه هو خود کي سنڌي سمجهڻ جي بجاءِ پاڻ کي عباسي سان ملائيندا هئا.
    جتي هند ۽ سنڌ جا هندو توڙي مسلمان يا ڪيترن ئي ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ انسان پڻ صوفي شاهه عنايت شهيد جي هنيل هام جا هامي ٿيندا سندس پوئلڳ ٿيندا رهيا، ان وقت کان وٺي باقاعده ويدانت ۽ ويدانتي شاعريءَ جا اهڃاڻ ڀلي ڀت ملن ٿا، تنهن وقت صوفيءَ شاهه عنايت ۽ لطيف سائين جي پاڻ ۾ اڃان ميل جول نه ٿئي هئي پر ٻنهي بزرگن کي هڪٻئي سان ملڻ جي خواهش تن ۾ تات جيان ٿي پلجندي ۽ تپندي رهي. خود جڏهن لطيف سائين کي پنهنجي دل ۾ جهوڪ جي صوفيءَ شاهه عنايت سان ملڻ جو تمام گهڻو شوق ٿيو پر وقت جي نزاڪت موجب صوفي شاهه عنايت جا فقير لطيف ۽ صوفي عنايت جي ڪچهري کان ڪيٻائيندا هئا، ان ڪري جو صوفي شاهه عنايت جا دشمن پڻ شاهه ڪريم بلڙيءَ وارا سيد هئا، ڇو جو لطيف سائين به شاهه ڪريم جي خاندان مان ئي هو، جنهن سبب سندن ملاقات نه ٿيندي هئي.
    جڏهن ته لطيف سائين جو همعصر شاعر مخدوم معين ٺٽوي پڻ ويجهو ساٿي هو، مخدوم معين ٺٽويءَ جي ڪوششن سان ئي آخرڪار ٻنهي وقت جي ولين جو پاڻ ۾ ملاقات ممڪن بڻجي سگهي. تنهنڪري لطيف سائين پاڻ صوفي شاهه عنايت جي تبليغ ۽ پرچارڪ واري ڪم کان بيحد متاثر ٿيو هيو، جنهن جو مثال شاهه سائين سُر رامڪليءَ جو داستان اٺون جيڪو مڪمل صوفيءَ شاهه عنايت جي شهادت ۽ ان جي ڏنل درس تصوف تي ئي دارومدا رکي ٿو. جيئن ته صوفيءَ شاهه عنايت جي شهادت 1718ع ۾ جهوڪ جي ميدان ۾ ٿي ته ان وقت لطيف سائين ڀٽ شاهه ۾ هئا، سندس شهادت جي خبر جيئن ئي پئي ته زبان مبارڪ مان هي لفظ نڪتا:
    ملڪ مڙيو منصور، ڪهي ڪهندي ڪيترا.
    ان کان علاوه سُر رامڪلي ۾ ڪيترائي بيت ان ڏس جي پيروي ڪن ٿا. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته شاهه صاحب سُر رامڪلي مڪمل طور ويدانيت جي فلسفي تي آڌاريل آهي. جنهن ۾ شاهه صاحب سامين، جوڳين، ڪن چيرن، لانگوٽين، نانگن، ويراڳين، ستگر، گــر، ناٿ، جڳيسر، جوت، جاپ، ڪلجڳ ۽ سنياسين سميت 72 نالا ڄاڻايا اٿس. اهڙيءَ طرح سُر رامڪلي جو جائزو وٺجي ته اسان کي مڪمل ويدانيت هن سُر مان ملي ٿي ڇو جو لطيف سرڪار پاڻ ڪيترن ئي اهل مسلمان عالمن کان علاوه ڪيترن ئي هندن سان ميل جول سبب انهن جي فڪر ۽ فلسفي مان ڄاڻ حاصل ڪري پنهنجي شاعريءَ کي انمول بڻائي ڇڏيو، جنهن ۾ نه فقط تصوف جي اُپٽار ملي ٿي پر ويدانيت جو رنگ ۽ هندو مت جي اصل سنسڪارن کي پڻ چٽيو اٿس جنهن جو مثال هيٺ پيش ڪجي ٿو:

    جي ڀائين ته جوڳي ٿيان، رلهي کڻي نه رُل،
    ويڙهي ويهه وجود کي، هيڪڙائيءَ سندو هُل،
    تون پاڻ آهين امُل، نه پن پيناگن کان.
    يا
    جي ڀانئين ته جوڳي ٿيان، ڪهه سڳو ڀاءُ،
    جواب ڏئي جوءِ کي سمهه سڳي ماءُ،
    نانگا تنهنجو نانءُ، لکجي لاهوتين ۾.

    اهڙيءَ ريت وحدانيت ۽ ويدانيت جو فلسفو انسان کي پنهنجي باطني ۽ اعليٰ ترين مقام ۽ معرفت کي حاصل ڪرڻ جو رستو ٻڌائين ٿا، جيڪو چئن منزلن طئي ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو. اهي چار منزلون آهن. جن جو ڳوڙهو اڀياس ئي انسان جي وجود کي مڪمل طور صوفيءَ مت جي سرشتي کي بحال رکڻ ۾ مڪمل ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن ۾ شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت. اهڙيءَ ريت لطيف سائين پنهنجي ڪلام جي سُر يمن ڪلياڻ جي اڀياس سان اسان کي ويدانيت ۽ وحدانيت جون سموريون منزلون ڄاڻائيندي نظر اچي ٿو.
    شاهه سائين جڏهن سُر يمن ڪلياڻ ۾ جڏهن ڪلالخاني جو ذڪر ٿو ڪري، تڏهن بٺيءَ جو چڪڻ، مٽن جو کلڻ، موکيءَ جو مزاج وغيره، اهڙي ريت متارن جي عشق کي مريض سان مشابهت ڏيئي ويڄن جي ور وجهي ٿو، تڏهن ڪهڙو نه ظريفانه ذڪر پيش ڪري ٿو. ڪئن نه حڪيم پاڻ ۾ گڏ ٿي، سياڻپ ۽ ڳنڀيرتا جو لباس پهري مريض جي سيرانديءَ کان بيهي، نبض ڏسي، هڪ ٻئي ۾ سس پس پيا ڪن اهڙي رنڱيل بيتن جو اپٽار وحدانيت ۽ ويدانيت جي راهه کي هموار ڪرڻ جا جتن ڪيا اٿس. جنهن جو ثبوت هن سٽن ۾ سرجي ٿو:

    هندو هڏ مَ سنڌ، لاءِ پيا ڪن پاهِجو،
    پُوڄ پيارج پنهيڙا، ويندا وٺئو ڪنڌ،
    ته هَٽ تُنهجي هنڌ، موکي! ڪو مانُ لهي.
    -
    هُندو هڏ مَ رَکُ، لاءِ پياڪن، پاهجو،
    وٽي واٽاڙئنِ کي، تان پياري پرُک،
    سا لِکَ لهي ٿي لَکُ، جا تو ايندي اُن سين.
    -
    ظاهر ۾ زاني، فڪر منجهه فنا ٿيا،
    تنين کي تعليم جي، ڪُڙهه اندر ڪاني،
    حرف حقاني، دور ڪئائون دل ۾.

    اهڙي طرح ڀٽائيءَ پنهنجي ڪلام جي سُر پورب، سر کاهوڙي، سر رپ ۽ ٻين سرن ۾ ويدانيت جي اپٽار ڪئي آهي.

    فقير مدن ڀڳت:
    مدن ڀڳت، شاهه لطيف جو محبتي ۽ سنگتي هو، هن جو تعلق ڪوٽڙي شهر سان هو ۽سندس اڪثر وقت لطيف سائين سان گذرندو هو. مدن ڀڳت هندو ويدانيت جو وڏو عالم هو ۽ سندس خاص خوبي اها هوندي هئي ته هو وڏو حاضر دماغ هوندو هو. هن کي احترام ۽ عزت مان ”مدن“ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. مدن هڪ سٺو شاعر به هو ۽ ڪيترائي دفعا شاهه لطيف جي پڇيل سوالن جا جواب شعرن ۾ ڏيندو هو، سندس شاعري ۾ دنيا جي قنائت ۽ آخرت بابت خيال ڏنل آهن، هن جي شاعريءَ ۾ تصوف ۽ ويدانيت جو به رنگ نمايان نظر اچي ٿو، سندس ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا:
    ڪالهه پڻ هئي، اڄ پڻ ڏينهن ٻيو،
    مڙهي ”مدن“ چوي، ويهي ڪانگ ويو،
    جنهن ۾ ماڻ پيو، ساراهه رهندي ڪيترو.
    ٻئي هنڌ وري هن طرح چوي ٿو ته:
    ميان پرائي ملڪ ۾ گهڻي بڪ مَ بَڪ،
    اڳيان دائود وٺندو ۽ روڪڙو، حاڪماڻو حق،
    تڏهن ”مدن“ چئي مرڪ، جڏهن کنڌوڏئي خلاص ٿئين.

    روحل فقير (33-1734ع- 1804ع)
    روحل فقير ولد شاهو فقير اصل ٿرپارڪر ضلعي جو ويٺل هو ۽ ذات جو زنگيجو هو، پاڻ ننڍي عمر ۾ ڪلهوڙي جي نوڪري ۾ داخل ٿيو ۽ جڏهن ميان دين محمد ڪلهوڙي جو زمانو آيو تڏهن هڪڙي دوست جي واقعي کيس ايترو ته متاثر ڪيو جو گوتم ٻڌ وانگر دنيا کي ترڪ ڪرڻ نڪتو.
    روحل فقير پنهنجي دور جو وڏو عالم هو، مٿس هندو ويدانيت جو تمام گهڻو اثر هو، ان کان علاوه هو عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت ۽ سرائڪي زبان جو ڄاڻو هو. گهرو مطالعو هئس، هن هندي زبان ۾”من پر ٻوڌ“، ”انپو“ ۽ ”پريم گيان“ لکيا. هن پنهنجي بيتن ۽ ڪافين ۾ همه اوست، وحدت ۽ ڪثرت، فنا ۽ بقا جا مضمون سمايل آهن سندس توحيد جو بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
    روحل فقير سڀ کان پهريون ويدانتي شاعر آهي. هن کان بعد ۾ ٻين شاعرن جي ويدانتي شاعري ملي ٿي. روحل فقير نه صرف ويدانتي شاعري ڪئي آهي پر شاعري ۾ مذهب پرستي کان پاسو ڪندي انسانيت، جي پرچار ڪئي آهي.
    سندس دور ۾ ڀڳتي جهڙي رسم جو عام جام هجڻ تنهن وقت جي هندو ۽ مسلمانن جي ريتن رسمن جي هڪجهڙائي، نه منجهن ٻن ٻيائي، نه ڪا تفريق، نه ئي هڪٻئي سان مذهبي ڪٽرپڻي جي تلقيد موجود هئي. جنهن سبب سندس شاعريءَ ۾ انسان جي وحدانيت واري عنصر کي نمايان نندي ٿو.
    حقيقت ۾ هڪ ٿيو، ڪفر ۽ ايمان،
    مظهر مولا پاڪ جو هندو مسلمان،
    تالا ڪيائين، تالا هر مظهر ۾ هيڪڙو.​

    روحل فقير تمام گهڻا سير سفر ڪيا ۽ مختلف درگاهن تي درس لاءِ پاڻ پتوڙيو، سندس دور ۾ درگاهه جهوڪ شريف جو وڏو نالو هوندو هو. پاڻ پيرين پيادي ڪهي اچي ميرانپور ۾ پهتو جتي ان وقت جي سجاده نشين عزت الله شاهه سان ميل جول ۽ ڪيترائي ڀيرا روح رهاڻيون ڪيون ۽ هن ئي درگاهه تان روحاني فيضَ حاصل لاءِ چلو به ڪٽيائين. سندس شاعريءَ ۾ روحل فقير هر مذهب کي انسان پرست ڪري ڏٺو آهي. سندس وجود حق جي تلاش ۾ سندس باطني توڙي ظاهري علم جي روشني پيدا ڪئي. توحيد جي تنوار ۽ بي تعصبيءَ ۾ روحل جو مقام نهايت بلند آهي. هو هڪ يگانو شاعر آهي. بي تعصبيءَ جو هن کان وڌيڪ ڪهڙو مثال ٿيندو جو شاعر چوي ته:

    ڪُفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀرين اُبتا پير،
    هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
    انڌن اونڌهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير؟
    ”روحل“ راهه پرين جو، جان گهڙي ڏٺوسين گهيڙ،
    ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، تنهن ۾ ڦند نه ڦير،
    سا ڪاڏي ڪندي پير، جا سُتي ڪعبته الله ۾. ​

    سنڌي ۾ بيتن ۽ ڪافين روحل فقير پنهنجي خيالن جو چٽو ۽ برملا اظهار ڪيو. اندازي بيان ۽ زبان ۾ ڪو به ابهام نه هو. چٽن لفظن ۾ خيالن جو اظهار ڪيائين. پاڻ سڃاڻڻ لاءِ چوي ٿو:
    -
    جي تون صحيح سڃاڻين پاڻ، اٿئي قيمت سندو قطرو،
    ڪوري ڪڍ قلوب مان، مان مدائي جو ماڻ،
    پري نهارڻ پرکي، سندو ڄٽن ڄاڻ،
    نت سائين توهي ساڻ، راتيان ڏينهان ”روحل“ چوي.​

    روحل فقير ويدانيت جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڪافيون پڻ چيون، جيڪي سرائيڪي، سنڌي ۽ هندي ۾ آهن.

    سچل سرمست (درازان)
    ڪلمو پڙهان ته ڪافر ٿيان، گهڙان نه انهيءَ گهيڙ،
    جاڏي راهه رسول جي تاڏي نه پايان پير،
    من مان ڪڍان مير، حضوري حاصل ٿئي.
    ويدانيت وارو فڪر مٿي ڄاڻائي چڪا آهيون، اهڙيءَ ئي نموني سچل بابت ڳوڙهو اڀياس هت پيش ڪجي ٿو، سچل پنهنجي دؤر ۾ ڪيل شاعريءَ ۾ ويدانيت کي ننديو اٿس. سندس اهڙي قسم جو فڪر تصوف ۽ ويدانيت جي ميلاپ سان مالا مال نظر اچي ٿو.
    ڪلمي مون کي ڪي نه ڪيو، مورئو مسلمان،
    نه ڪي احمد موڪليو، عرب مان ايمان،
    ”سچو“ سر سبحان، آدم ليکي آدمي. ​
    پاڻ ان وقت کان اڳ گذريل شاعرن جي شاعري جي موضوع، فڪر، تبليغ ۽ تتبهه جي نظرثاني ڪندي انهن کان ڪجهه الڳ مقام رکڻ جي روايت کي پڻ اجاگر ڪيو اٿس.
    اسين عشق نماز، جڪون نيتي اي،
    پو ڀل ڳئي، مندر مسيتي اي.
    سچل کي پنهنجي دؤر ۾ ان وقت جي ملُن ۽ قاضين باغي قرار ڏيندي قتل جون فتوائون جاري ڪرڻ جهڙا حڪم ڏنا، پر تنهن هوندي به ان دؤر جي حاڪمن ٽالپر حڪمران سچل کي بچائيندي تمام وڏي عمر تي پهچايو، ڇو جو ٽالپر حڪمران سچل سائين جا تمام گهڻا عقيدتمند هئا تنهن کان علاوه سچل سائين هفت زبان شاعر هو ۽ سرائڪي ڪلام ۾ پڻ شاعري ڪيائين. جنهن سبب ٽالپر حڪمران ساڻس وڌيڪ متاثر ٿيا. اهڙيءَ ريت سچل سائين جو پيغام به من مان مندائي مٽائي، ٻيائيءَ کي ٻن ڏيئي، ادوئت واد مان سنڱ جوڙي، طالب ۽ مطلوب ملي هڪ ٿي وحدت واري واٽ تي رسي وڃن ٿا.
    هندو مومن ناهيان يار،
    جوئي آهيان مان، سوئي آهيان مان،
    نه مي شيعا نه مي سني.
    جوئي آهيان مان، سوئي آهيان مان،
    پوءِ هنن کي ٻئي ڪنهن لاءِ ڪنهن به قسم جو شڪوو، شڪايت گلا، غيرت نيڪي، بدي نظر نٿي اچي. حق موجود جي حالت حاصل ڪري دنياوي فنا تي فاتح ٿي بقا جو بهشت ماڻين ٿا.
    سچل سائين جو ويدانيت طرف تمام وڏو لاڙو رهيو آهي، ان جو سبب ان دؤر جي انارڪي واري ماحول، ملُن، ٻاون جي غلط بيانين ۽ هٿ ٺوڪين روايتن جي خلاف ڳالهائيندو ٿي رهيو، سندس اهڙي مخالفت کين ڀائين نه ٿي پئي، تنهن سبب ڪيترن ئي هيلن وسيلن سان سندس مخالفت ڪندا رهيا، پر کين ڪجهه حاصل نه ٿي سگهيو ، سچل سائين جي ڪلام جو فڪر انسانيت جي پرچار تي آڌاريل آهي.

    سامي:
    ڀائي چين راءِ بچو مل لنڊ 1745ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو، سندس والد دولتمند ماڻهو هو تنهن ڪري هو لاڏ ڪوڏ سان نپنو، ڦوهه جواني ۾ سندس ملاقات ويدانتي مهاپرش سوامي منگهراج ٻانڀڻ سان ٿي. جنهن جي سنگت کيس رڱي ريٽو ڪري ڇڏيو. ڀائي چين راءِ هن گروهه ۾ ايڏو ته گم ٿي ويو جو پاڻ کي وساري ڇڏيائين.
    ويدانيت:
    ويدانيت ۽ اسلامي تصوف جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هڪجهڙيون نظر اچن ٿيون. انهيءَ ڪري ڪن محققن جو رايو آهي ته اسلامي تصوف تي ويدانيت جو اثر آهي سامي ويدانتي شاعر هو مٿس ڀڳتي تحريڪ جو اثر آهي. عام طور ڀڳت ئي ڪال جي شاعريءَ جا ٻه مکيه حصا آهن جن ۾ ”نرگن ڪابيه“ ۽ ”سگن ڪابيه“ شمار ڪيا ويندا آهن، ساميءَ جي شاعري سنت ڪابيه واري حصي تي آڌاريل آهي، ويدانيت جي فلسفي ئي روحانيت کي وڌيڪ اهميت ڏني، ان مٿين حصن جو پايو رکندڙ ڪبير کي سمجهيو ويندو آهي.
    ڀڳتي سنتن جو جيڪو مکيه نظريو رهيو آهي ان ۾ سندن اظهار خيال خدا جي وصل، فطرت جي مختلف اثرن جو خيال، صالح زندگيءَ جي اهميت ۽ معرفت جي راهه تي مڪمل نظر اچن ٿا.
    سامي انساني جذبن کي سنئين واٽ لانئڻ لاءِ سلوڪن ۾ تلقين ڪري ٿو، سامي جي سلوڪن ۾ مايا ۽ اوديا خاص طور ڌيان ڇڪائيندڙ موضوع آهن، چوي ٿو، مايا جي موه اسان کي کڻي ڀر ۾ وڌو آهي، ان اڻ هوند کوهه (درياهه) ۾ پيا غوطا کائون.

    مايا ڀلائي وڌو جيءُ ڀرم ۾،
    اڻ هوندي درياهه ۾، غوطا نت کائي،
    سامي ڏسي ڪين ڪي، مُنهن مڙهيءَ پائي،
    ست گر جاڳائي، ته جاڳي جُڙي پاڻ سان.
    سامي ويدانيت جو ترجمان آهي، ان حوالي سان عمومي طور روحانيت جو ترجمان آهي، جن سلوڪن ۾ هُو محبت ۽ مجاز بيان ڪري ٿو، انهن جي حوالي سان ساميءِ کي محبت ۽ مجاز جو ترجمان به چئي سگهجي ٿو.
    جتي حبيب هڻن، ناوڪ ڀري نيهن جي،
    وٺي ننهن چوٽيءَ کون، سامي مٿي کڻن،
    ڳڻتي ليکي کون پري، لِنو لِنو چاڪ چِڪن،
    تاتي طبيبن، ڦڪيون سڀ ڦٽيون ڪيون.
    ويدانيت جي حوالي سان ڪيترن ئي شاعرن ذڪر ڪيو آهي. جن ۾ هندو توڙي مسلمان، ٻڌمت توڙي ڪارستان شامل آهن. انهن ۾ آسورام، دلپت صوفي، مراد فقير، بيڪس، بيدل، سيد مهدي شاه، نانڪ يوسف ۽ چيزل شاهه، رکيل شاهه، حمل فقير، دادن فقير ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر قابل ذڪر آهن.

    تنقيد:
    سنڌ ۾ هندو ويدانتي شاعر اسان کي گهٽ نظر اچن ٿا ڇو جو هنن هندو شاعرن جو تاريخ ۾ تذڪرو گهٽ ملي ٿو، ڇو جو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيڪي به تاريخ ۾ تذڪرا ڇپيل آهن تن ۾ هندو ويدانتي شاعر سامي، دلپت صوفي، آسورام کان علاوه ٻين جو ذڪر تمام مختصر بيان ٿيل ملي ٿو. جڏهن ته پاڪستان جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ ادبي دنيا ۾ هندن جي اڪثريت تمام گهڻي هئي جيڪي لڏپلاڻ وقت پنهنجو لکيل يا چيل مواد پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
    افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جا عالم اديب هندن ۽ انهن جي ويدانتي شاعري تي تحقيق لاءِ ڪو به ذهني طور تيار ناهي ۽ انهن کي پٺتي رکيو ويو آهي. جيئن مثال وٺجي ته لوڪ ادب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب جا ڪيترائي جلد شايع ڪيا آهن، پر انهن ۾ هندن جي لوڪ شاعرن بابت ذڪر نه ٿو ملي. ڇا؟ ان وقت ۾ هندو سنڌ ۾ رهندڙ نه هئا؟ يا انهن جو ڪو لوڪ شاعري ۾ حصو نه هو؟ ڇا انهن وٽ ڳيچ، پرولي، دراهو يا ٻين لوڪ صنفن بابت انهن هندو امڙين کي ڪا به ڄاڻ يا سندس چيل اهڙي قسم جون ڪٿائون موجود نه هيون؟ جيڪر هيون ته انهن جي تاريخ کي آخر ڇو ٿو رد ڪيو وڃي ۽ ان تي آخر ڇو نه ٿو عملي ڪم ڪيو وڃي ته جيئن انهن جون ڪيل خدمتون ڳائي سگهجن.
    انهيءَ گذريل دور ۾ سندن ڪو سورمو يا سورمي سنڌ جي جنم ڀومي ۾ پيدا نه ٿيو هو؟ ان جو ذڪر به تمام گهٽ نظر اچي ٿو، اسان کي جيڪي نصابي طور ڳالهيون پڙهايون وڃن ٿيون، سي نه فقط مسلمانيت واري عنصر تائين محدود آهن بلڪ انهن وڏن ڏاهن ۽ محققن کي سنڌ جي تاريخ ۾ ٻيو ڪو به هندو يا ويدانتي شاعر نه ٿو ملي. ساميءَ جي سلوڪن کي به ڇپائڻ ۾ به رڳو هڪ هندو جو ڪردار ٿو نظر اچي، بي ايڇ ناگراڻي جنهن بمبئيءَ ۾ سامي جي سلوڪن کي ڇپرائي ويدانيت جو ڀانڊو کولي نروار ڪيو، پر ان جي ابتڙ اسان هندو اديبن کي ڏسون ٿا ته انهن جي محنت ۽ سچائي ڪيتري نه اهميت جوڳي آهي، جهڙوڪ اسان کي هيري ٺڪر جي مهربانين سان قاضي قادن جي ڪلام جو نسخو هرياڻا مندر مان هٿ ڪري ڪيتري ڪٺن ڪم کي تمام سڀاويڪ ۽ سلوڻي طريقي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. نه فقط ايترو پر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڪاڪو ڀيرومل مهر چندآڏواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ناليوارا هندو اديب نه فقط سنڌي ٻوليءَ بلڪ شاهه جي رسالي کان وٺي سنڌ جي تاريخ بلڪل صحيح نموني بيان ڪرڻ جهڙا انمول ڪم ڪيا.

    شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ تي ويدانيت جو اثر:

    لطيف سرڪار جهڙو عظيم شاعر سڄيءَ دنيا ۾ اڄ تائين پيدا نه ٿيو آهي، اها ڳالهه علامه آءِ آءِ قاضي صاحب مضمون شاهه جي عظمت لکي بيان ڪري چڪو آهي.
    لطيف جي شاعري اهڙي آهي، جنهن ۾ هزارين گل پيا آهن ۽ هر گل هڪ الڳ الڳ شڪل جو پر اهڙيءَ طرح سجايل ۽ سنواريل آهن جو هڪجهڙا پيا لڳن ۽ دل لڀائيندڙ ۽ من موهيندڙ ۽ من ۾ راحت پيدا ڪندڙ ائين ئي لطيف جو شعر آهي جنهن ۾ هزارين معائن جا موتي آهن: جنهن کي جهڙي وڻي اها کڻ: صوفي، تصوف تي ته سنت، ويدانيت تي مذهب تي ته، ٻائو هندو ازم تي، عاشق محبوب تي ته سچو، ڪوڙ ۽ تي معني جنهن کي جهڙي معني وڻي ۽ دل سان لڳي اها کڻي اها لطيف جي شعر جي خوبي انفراديت آهي.
    لطيف سرڪار جي شاعريءَ کي گهڻو ڪري اسلامي تصوف سان ڳنڍيو ويو آهي، بلڪه لطيف جي گهڻي کان گهڻي شاعري آهي تصوف جي رنگ سان رتيل، پر جيڪڏهن اسان اڃان وڌيڪ گهرائيءَ ۾ سوچ ويچار سان غور ڪنداسين ته سندس شاعري ويدانيتي فلسفي کي به Own ڪري ٿي، لطيف سرڪار ويدانتي اثر کي به قبول ڪيو آهي؛ ۽ خاص ڪري سندس رسالي ۾ ٽي سر سر کاهوڙي، سر رامڪلي ۽ سر پورب ويدانتي فلسفي مطابق آهن. جن ۾ هو جوڳين، سنياسين جي جڏهن سنگ ۾ آيو هو، ان وقت جي حالتن جو ذڪر ڪري ٿو:
    لطيف جي شاعريءَ ۾ اهي ٽي سر گهڻو ڪري ويدانيت تي آهن سندس محرڪ جوڳي آهن.
    جي ڀانيئن ته جوڳيان ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام.
    ويدانتي شاعريءَ جو فلسفو به ساڳيو ئي آهي ۽ جيڪو لطيف جي شاعريءَ جو آهي. معني پاڻ سڃاڻڻ، انسان فنا آهي، رب بقا آهي. دنيا جي هر شيءَ فاني آهي:
    هڪل حقيقت جي، ٻوڙو ٿي ٻڌيج،
    انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو.
    جيئن ويدن ۾ آهي، انسان ۽ خدا هڪ آهن، سو جڏهن خدا کي پسڻو آهي ته انڌو ٿي پسجي ۽ لطيف سرڪار جوڳين کي محرڪ ڪري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي، ۽ ٽنهي سرن ۾ جوڳين کي ئي ٽيهن مختلف نالن سان مخاطب ٿيو آهي ۽ سندن جوڳ کي ساراهيو به آهي:
    مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
    رهي اچجي راتڙي، جنگن سندي جاءِ،
    تنين جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تار ۾.
    جوڳين جي سنگ ۾ لطيف ايترو ته رنگجي ويو هو جو راتين جون راتيون وٽن رهندو هو ۽ سندن رياضتن بابت چوي ٿو ته:
    جت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي،
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙيءَ کير ري.
    کاهوڙي... جوڳي پنهنجيءَ ڪرت سان ايترا سچا آهن جو جبل جهاڳين ٿا ۽ اڙانگا سفر طئي ڪري پنهنجي منزل تي پڄن ٿا ۽ جوڳين جو ناتو انسانذات سان هوندو آهي، اهي رنگ نسل ذات پات کي اصل ڪين مڃين:
    ڪاري رات، اڇو ڏينهن، اي ۽ صفتان نور،
    جتي پرينءَ حضور، تتي رنگ نه روپ ڪو.
    ويدانتي شاعريءَ ۾ تصوف ۾ جيتوڻيڪ صرف لفظي فرق آهي، پر پوءِ به ماڻهن اجايا هل هلائي هڪٻئي کي جدا ڪيو آهي:
    حق حقيقي هيڪڙو، وائي ٻي مَ ڀل.
    انسان صرف ظاهري شين تي مرندو آهي، جيڪي به فنا آهن ۽ باطني شين کي سمجهي ناهي سگهندو.
    وَٽن ويٺي آهيان، ڏسير ڪين ڏسان.
    لطيف سرڪار چوي ٿو ته: انهن سان گڏ ويٺو ڏسان، پيو ٿو پر پوءِ به ڏسي نٿو سگهان، جوڳين جي ڪامت ئي اهڙي آهي، جو هنن جو دنيا سان ڪو به ڪم ئي ڪانهي.
    جزو وڃايو جوڳين، ڪل سين آهين ڪم،
    آسڻ جن عدم، آئون نه جيئندي ان ري.
    جوڳين جو دنيا جي ڪنهن به شيءَ سان ڪو به ڪم ڪانهي هنن کي هر دم رام جي فڪر جي آهي، روح ۾ رلڻ جي روح کي راحت ڏيڻ لاءِ ائين ڪن ٿا.
    روح پنهنجو رام سين، پر ۾ پرتائون.
    يا
    سامي کامي پرينءَ لئه ڪسي ٿيا ڪباب.
    سامي، جوڳي هر وقت جدوجهد ۽ رياضت ۾ گذارين ٿا سندن دنيا سان لڳ لاڳاپو ڪونهي ۽ پري جبلن تي وڃي پيڙا ۾ پچن ٿا.
    مونا طور سينا سرندا سنياسين.
    اهو هو ويدانتي اثر جيڪو لطيف سرڪار جي شاعريءَ ۾ آهي ۽ لطيف جوڳين کي تمام گهڻو قريب کان ڏٺو آهي جو ساڻن ڪيتريون ئي راتيون گڏ رهيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو