نثارناز
سينيئر رڪن
دوستو هڪڙو نڪور غزل کڻي آيو آهيان توهان سنڌ سلامت جي سڀني دوستن سامهون۔ واندا مل آهيون ، مڙوئي رنڊا پيا روڙهيون۔ باقي وس توهان جي آهيون جيئن چاهيو تئين واريو۔
غزل نثاراحمدناز
ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان
فنا جو قسم آ فنا ٿِي ويس مان
جُدائِيءَ جي جهوري ته ايڏو نهوڙيو
جوانِيءَ ۾ پوڙهو صفا ٿِي ويس مان
قيامت قيامت ته مون لئه بپا ٿي
جڏهن يار توکان جُدا ٿِي ويس مان
ڪري ياد توکي کلان ٿو رُئان ٿو
چريو نيٺ پاڳل الا! ٿي ويس مان
هٿين خالي آهيان دل آ نه دلبر
تونگر مان يارو گدا ٿِي ويس مان
وڳِي نينهن نوبت جڏهن سنڌ مٺِيءَ لئه
ڪري ساهه صدقو فدا ٿِي ويس مان
لکي ”ناز“ سنڌ لئه سُريلا غزل هِي
ثناگر ته سنڌ جو سدا ٿِي ويس مان
ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان
فنا جو قسم آ فنا ٿِي ويس مان
جُدائِيءَ جي جهوري ته ايڏو نهوڙيو
جوانِيءَ ۾ پوڙهو صفا ٿِي ويس مان
قيامت قيامت ته مون لئه بپا ٿي
جڏهن يار توکان جُدا ٿِي ويس مان
ڪري ياد توکي کلان ٿو رُئان ٿو
چريو نيٺ پاڳل الا! ٿي ويس مان
هٿين خالي آهيان دل آ نه دلبر
تونگر مان يارو گدا ٿِي ويس مان
وڳِي نينهن نوبت جڏهن سنڌ مٺِيءَ لئه
ڪري ساهه صدقو فدا ٿِي ويس مان
لکي ”ناز“ سنڌ لئه سُريلا غزل هِي
ثناگر ته سنڌ جو سدا ٿِي ويس مان