ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    دوستو هڪڙو نڪور غزل کڻي آيو آهيان توهان سنڌ سلامت جي سڀني دوستن سامهون۔ واندا مل آهيون ، مڙوئي رنڊا پيا روڙهيون۔ باقي وس توهان جي آهيون جيئن چاهيو تئين واريو۔

    غزل نثاراحمدناز

    ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان
    فنا جو قسم آ فنا ٿِي ويس مان

    جُدائِيءَ جي جهوري ته ايڏو نهوڙيو
    جوانِيءَ ۾ پوڙهو صفا ٿِي ويس مان

    قيامت قيامت ته مون لئه بپا ٿي
    جڏهن يار توکان جُدا ٿِي ويس مان

    ڪري ياد توکي کلان ٿو رُئان ٿو
    چريو نيٺ پاڳل الا! ٿي ويس مان

    هٿين خالي آهيان دل آ نه دلبر
    تونگر مان يارو گدا ٿِي ويس مان

    وڳِي نينهن نوبت جڏهن سنڌ مٺِيءَ لئه
    ڪري ساهه صدقو فدا ٿِي ويس مان

    لکي ”ناز“ سنڌ لئه سُريلا غزل هِي
    ثناگر ته سنڌ جو سدا ٿِي ويس مان
    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ناز صاحب ؛
    واه ادا واه

    جدائيءَ جي جهوريءَ ته ايڏو نهوڙيو،
    جوانيءَ ۾ پوڙهو صفا ٿي ويس مان.

    دل تي اثر ڪندڙ جذبا ڀريل آهن ...

    پنهنجي دل جي ڳالهه ته آهي ئي آهي پر ادي علي علي سان اسان کان به وڌ ويڌن آهي ... پاڻ ته مورڳو پوڙهپ کي به جوانيءَ جو ويس ڏئي پيا هلون پر ادو علي علي ته جوانيءَ کي پوڙهپ جو ويس ڏئي پيو هلي ... اڄلڪلهه امتحانن ۾ مصروف آهي ... واندو ٿئي ته ڪي ساڻس حساب ٿين ...

    مهرباني ادا نثار ناز، اهڙن سهڻن جذبن جي اظهار جي ...
    shal judy hujeen
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪوشش ته پنهنجي به زور تي آ پر لڳي ٿو ناڪامي کان پوءِ پنهنجا خيال به سائين نثار ۽ ادا علي علي جهڙا ٿي ويندا۔۔۔۔ :D

    وڳي نينهن نوبت جڏهن سنڌ مٺي لاءِ
    ڪري ساه صدقو فدا ٿي ويس مان​

    سائين ڇا ڳالهه ڪجي توهان جي سوچ جي ۔۔۔۔۔ ماشاء الله
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نثار مُنهنجا نالي ڀائي ڳالهه ڪُرو اي آهي ته ادا علي علي اصل زورا ور آهي، پرايو پُتر آهي، چاهي جواني ۾ پوڙهو سڏائي يا چاهي اسان وانگر پوڙهائپ ۾ جوان ٿئي۔ اُن جي بات ڪُرو پنڊ کان ٻوري آهي۔ اسين ڪڙهون پنهنجي حال تي۔ هڪڙي ڳالهه سچي ٻُڌايان ته مون واري غزل جي اها مصرع مون ڊاريڪٽ يا ان ڊاريڪٽ ادا علي علي کي مدنظر رکي لکي هُئي۔ جيئن جُدائي جو جڏهن مُنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ٿيندو آهي تون سئو فيصد مُنهنجي اندر ۾ صرف تون هوندو آهين تئين جڏهن جواني ءَ ۾ پوڙهائپ جو ذڪر آيو تئين علي علي مُنهنجي هينئڙي ۾ هُري آيو۔ باقي شاعرن جي ته توکي خبر آهي ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ هوندا آهن۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    شڪر سائين وڏي ائڊمن چنڊ تان ته لٿو جو اسان جي غريباڻي شاعريءَ تي نظر ته پيس باقي وڏي ائڊمن کي ساهه صدقو واري مصرع وڻي نوازشون آهن ادا رشيد جون اسان تي
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي توهان جي
    توهان جي ان شاعري جي ڪري ته دل چوندي آهي ته سڄو ڏينهن سنڌ سلامت تي ويٺو هجان
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. mujeeb

    mujeeb
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان

    an excellent ghazal and feelings of love coupled with love of sindh. what an expression
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان

    سائين تمام بهترين محنت آهي الله توهان کي سلامت رکي۔
     
  9. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان

    محترم سائين نثار احمد ناز صاحب اسلام عليڪم
    شال سدا جُڙيا هجو سائين سچ پڇو ته تمام لاجواب تخليق آهي اڻ کٽُ محبتن جي احساسن سان ڀرپور خيال آهن۔ واه واه

    ڏکن کان جڏهن آشنا ٿي ويس مان،
    فنا جو قسم آ فنا ٿي ويس مان۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان

    يار ستار چنا تون آهين ڪٿي توکي منهنجي تخليق وڻي لک لائق پر ادا پنهنجن کان اهي دوريون ٺهن ڪونه ٿيون
    ڪري ياد توکي کلان ٿو رُئان ٿو
    چريو نيٺ پاڳل الا! ٿي ويس مان !
    جلد ور ڙي مٺا ستار چنا ڪراچي وارا واسطو ٿئي الله سائين جو !
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان

    بس ڙي ادا ناز، چار ڏينهنِ جي چانڊوڪي کان پو جي اوندهه جو اثر آهي ۔۔۔ همراه وڃي ڪي ٻيا در کڙڪايا آهن ۔۔۔ هاڻ الله ئي آڻيس، باقي اميد گهٽ آهي ۔۔۔ پر وري به صبح جو ڀليل واپس اچي ته ڀليل نه چئبو ۔۔۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان

    ادا نثار ابڙا اميدن تي دنيا قائم آهي شل ڪا رحم رتي ستار چنا جي دل ۾ پوي، عبدالستار چنا لاءِ هڪڙو اردو جو شعر پيو ياد اچيم ته

    وه مجهه سي روٺا هي مجهي منظور هي ليڪن
    يارو اسي سمجهائو ڪه وه ميرا شهر ڇوڙ نه جائي​


    ادا عبدالستار چنا تولئه ته مٺا
    اڱڻ‌ بُهاريان تنهنجون واٽون نهاريان او يار سڄڻ
    ادا عبدالستار چنا
    ڀلي اڏي ڇڏ محل آسمانن ۾
    زمين وارن وٽ به ايندو ڪر
    تنهنجي آ وڏي پهچ زمانن ۾
    ڪجهه پيار اسان وٽ به ونڊيندو ڪر
     
  13. وقار

    وقار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان

    واهه واهه سائين زبردست تمام بهترين ڪم آهي اوهان جو واهه واهه،،
     
  14. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڏُکن کان جڏهن آشنا ٿِي ويس مان

    بهترين تمام سٺو ونڊ ڪرڻ تي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو