ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن

لاهور ۾ آمريڪي شهري ريمنڊ ڊيوس هٿان مارجي ويل پاڪستاني شهري فهيم جي بيواهه شمائلا ڪنول ريمنڊ ڊيوس کي آزاد ڪرڻ جي ڪوششن بعد مايوس ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، شمائلا ڪنول انصاف جون سڀ اميدون ختم ٿيڻ تي اهڙو انتهائي قدم کنيو، ڪالهه شام جو خودڪشي جي ڪوشش ڪرڻ بعد جڏهن کيس اسپتال داخل ڪرايو ويو ته هوءَ هوش ۾ اچڻ بعد اهو چئي رهي هئي ته مون کي انصاف ناهي مليو، ڪالهه شام جو ريمنڊ ڊيوس هٿان قتل ٿيل نوجوان فهيم جي بيواهه شمائلا ڪنول زهريلي دوا پي پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، کيس انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ فيصل آباد جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، رپورٽن موجب انصاف ملڻ جي اميد ختم ٿيڻ تي شمائلا ڪنول ڪالهه گهر ۾ پيل زهريلي دوا پي ڇڏي ۽ ننڊ واريون گوريون کائي ڇڏيون، جنهن بعد هوءَ بيهوش ٿي وئي ۽ کيس اسپتال داخل ڪرايو ويو، اسپتال ۾ علاج بعد جڏهن هوءَ هوش ۾ آئي ته هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن منهنجي مڙس جو قاتل بچي وڃي ٿو ته پوءِ مون لاءِ زندهه رهڻ جو ڪو به مقصد ناهي، هن چيو ته انصاف جي اميد ختم ٿيڻ تي مون خودڪشي ڪرڻ چاهي، هوڏانهن ڊاڪٽر سندس حياتي بچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا ۽ هوءَ رات جو فوت ٿي وئي.هوڏانهن مقتول فهيم جي ڀاءُ به ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن انصاف نه مليو ته هو به آپگهات ڪري ڇڏينديو.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان