هدايت بلوچ جي صدارت هيٺ سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بوڪ جي پهرين گڏجاڻي

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بوڪ جي پهرين تاريخ ساز گڏجاڻي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ناليواري شاعر ھدايت بلوچ جي صدارت ۾ 6 فيبروري 2011 تي ٿي گذري جنھن ۾ ذولفقار بھڻ صاحب ، شفيق احمد جوکئي ،ادل سولنگي ، محمد سليمان وساڻ ، ضياء الدين ابڙو ، واحد سومرو ، سليم منڱرئي ۽ ابراهيم هنڱوري شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دنيا جي سنڌي اديبن دانشورن ٻوليءَ جي ماهرن کي فيس بوڪ ذريعي متحرڪ ڪيو ويندو.

    گڏجاڻيء ۾ ھيٺيان فيصلا ٿيا

    تنظيم جو نالوسنڌي ادبي فيس بوڪ رھندو

    خالص ادبي ۽ ادب دوست تنظيم طور ڪم ڪندي،غير سياسي/سيڪيولر بنيادن طور ڪم ڪندي.SAAF
    سنڌي ٻولي۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندي

    ايسوسيشن جي آفيشل ٻولي سنڌي(رومن/ھندي لپي) ۽ انگريزي ھوندي.

    دنيا جي ڪھڙي به ڪنڊ ڪڙڇ سان تعلق رکندڙ سنڌي اديب ۽ ادب دوست سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بوڪ
    جو ميمبر/عھديدار ٿي سگھي ٿو.

    ايسوسيشن جو پليٽ فارم انٽرنيٽ ۽گراس روٽ عوام رھندو.

    ايسوسيشن مختلف وقتن تي آن لائين ۽ مختلف ملڪن جي شھرن ۾ سيمينار ، ،ورڪشاپ ، ڪانفرنس ۽ ايوارڊ پروگرام ڪرائيندي.

    گروپ ۾ غير سنجيدھ ماڻھن کي گروپ مان خارج ۽ دل آزاري وارو مواد خارج ڪرڻ جو حق رکي ٿي،

    ميمبرن کي گذارش آھي غير سنجيدھ دوستن کي گروپ ۾ شامل ڪرڻ کان پاسو ڪن،ڀڃڪڙي ڪندڙن جي سندن به ميمبرشپ خارج ٿي سگھي ٿي.

    ماھوار مئگزين صاف نالي سان آن لائين شايع ڪيو ويندو
    [/JUSTIFY]

    The First meeting of the the Organizing Committee have unanimously selected the following Body of the SAAF:-

    Chair Person: .......... Mr.Hidayat Baloch.
    Secretary General: Mr.Zulfiqar Behan.
    Spokes Person SAAF: Mr.Ibrahim Saleh Mohammad.
    Co-Spokes Person: Mr.M.Suleman Wassan.

    Members Organizing Committee:-

    1.Mr.Irfan Abbasi.
    2.Mr.Raufparas Dayo
    3.Mr.Shabbir Lashari.
    4.Mr.Sayed Ali Shah.
    5.Ms.Attiya Dawood
    6.Ms.Zeb Nizamani.
    7.Mr.Shafiq Ahmed Jokhio.
    8.Mr.Adal Solangi.
    9.Mr.Zia Abro.
    10.Mr.Abdul Wahid Soomro.
    11.Mr.Saleem Mangrio.
    12.Mr.Rizwan Gul.

    Organizors for:-
    INDIA:...... MS.Indara Shabnam Ponawala
    Singapore: Mr.Ahmed makhdoom
    Saudi Arabia: Mr.Nisar ahmed Abro


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ‫پهرين گڏجاڻي جي موقعي تي ورتل تصوير ۾ ابراهيم صالح محمد ، ادل سولنگي، سائين هدايت بلوچ ، ذوالفقار بهڻ ، سليمان وساڻ ۽ شفيق احمد جوکيو
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هدايت بلوچ جي صدارت هيٺ سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بوڪ جي پهرين گڏجاڻي

    مون کي انتهائي افسوس آهي جو ان ميٽنگ ۾ ڪافي دوستن جي اسرار باوجود اچي نه سگهيس ۔۔۔۔ بحرحال هڪ انتهائي اهم پليٽ فارم آهي ۔۔۔ جتان اهي سيکڙاهٽ اديب جن کي پنهنجي لکڻين کي اهم مقام ۽ اديب دوستن اڳيان پيش ڪرڻ جو موقعو ملندو۔۔۔۔ هتي جيڪو اهم فيصلو ٿيو اهو هو ماهوار ميگزين شايع ڪرڻ جو ۔۔۔ پر ان ۾ فيصلي ۾ ماهوار ميگزين تي ايندڙ خرچي جو ذڪر توهان نه ڪيو ۔۔۔
    ڇو ته اهڙو ميگزين سنڌ سلامت طرفان به اڳتي هلي کولڻ جو ارادو آهي ان ڪري ان اهم ڳالهه طرف ڌيان ويو۔۔۔
    باقي مون توهان کي سنڌ سلامت جي نمائندي طور به ان پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ زور ڀريو هيو۔۔۔ ڇا سنڌ سلامت لاءِ به ڪا ذميداري دوستن ڏني يا توهان ڪا ذميداري پيش ڪئي۔۔۔؟
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هدايت بلوچ جي صدارت هيٺ سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بوڪ جي پهرين گڏجاڻي

    [JUSTIFY]

    سائين جيستائين مون کي سمجهه ۾‌اچي ٿو ته مٿئين ليک مطابق ته saaf وارن آن لائين ميگزين ڇاپڻ‌جو فيصلو ڪيو آهي جنهن کي پاڻ‌ اي ميگزين چئي سگهون ٿا، باقي اهڙي تنظيمن جو قيام هڪ سٺي ڳالهه آهي، سنڌي جتي به هجن متحد هجن، چاهي انٽرنيٽ هجي يا عام زندگي۔۔۔۔​
    [/JUSTIFY]
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هدايت بلوچ جي صدارت هيٺ سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بوڪ جي پهرين گڏجاڻي

    دوستن کي جس هجي جو هن مصروف ترين زندگي مان پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ڪري به اهڙيون ادبي ايسوسيئيشن قائم ڪري رهيا آهن

    تمام بهترين ڪم آهي ادا سليمان وساڻ صاحب

    جس هجي دوستن کي

    سدائين گڏ
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هدايت بلوچ جي صدارت هيٺ سنڌي ادبي ايسوسيشن فيس بوڪ جي پهرين گڏجاڻي

    جديد علمن ۾ هن وقت انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر، علم کان وڌي ڪري ضرورت ٿيندو وڃي ۽ ان کان علاوه ترت رابطي جو هڪ بهترين وسيلو ثابٿ ٿي رهيو آهي ۔۔۔ مزي جي ڳالهه ته هاڻ ماڻهون کي گهر کان نڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي رابطي جو هر معاملو، ڌنڌي جا ڪافي ڪم ۽ وندر ورونهن جون گهڻيون شيون انٽرنيٽ تي مليو وڃن ۔۔۔

    ٻيو ته ٻيو هاڻ انٽرنيٽ انقلابي ۽ تنظيمي ڪمن ۾ پڻ ڪارائتي ٿيندي وڃي، جنهن ۾ دوستن کي خبر آهي ته وچ اوڀر جي ملڪن ۾ موجوده اڀرندڙ انقلاب ۾ گهڻو هٿ انٽرنيٽ جو پڻ آهي ۔۔۔

    خوشي ان ڳالهه جي ته سنڌي قوم جا ماڻهون، گهڻين مجبورين جو هوندي به هاڻ آهستي آهستي انٽرنيٽ جي مختلف اوطاقن تي اچن ٿا ۽ پنهنجن خيالن جو ڀرپور اظهار ڪنٿا ۔۔۔ ڪجهه عرصو اڳ جڏهن اڃان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دوست پنهنجي فڪر ۽ ڪلام کي سهڻو سينگاري پيش ڪندا هئا ۔۔۔ هاڻ ان جي جا تي سوين نوجوان اهو ڪم ڪن پيا ۔۔۔

    هن وقت ماشاء الله فيسبڪ تي به ڪافي اوطاقون سنڌين جون کليل آهن جت هزارن جي تعداد ۾ روزانه دوست اچن ٿا ۽ اچي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪن ٿا ۔۔۔

    اسين سڀ پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل دوست ان وهندڙ درياهه جي پاڻي کي سٺن فصلن لا استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ انهن دوستن کي سنڌ ۽ سنڌيت طرف موڙي سگهون ٿا ۔۔۔ صرف سچائي جي ضرورت آهي ۽ سهي رخ رکڻ جي ضرورت آهي ۔۔۔

    اچو ته انهن سڀني دوستن ۾ پنهنجي فڪر ۽ ڪلام کي عام ڪندا رهون

    ۽ هڪ ڳالهه ياد رکو ته سنڌ سلامت هڪ مستقل اوطاق آهي ۽ هڪ مڪمل منظم اوطاق آهي انڪري سنڌ سلامت جو ڪردار فيسبڪ يا ٻين سوشل نيٽ ورڪ کان وڌيڪ اهم ۽ ٽڪائو آهي انڪري اسانکي ٻين اوطاقن تي ۽ پنهنجي هن اوطاق کي اڳ کان اڳرو ڪندي، سنڌ دوستي جو فرض نڀائڻ گهرجي ۔۔۔

    اسين صف جي هنن سڀني دوستن کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ اميد ڪريون ٿا ته هو سنڌ ۽ سنڌيت جي مد ۾ سهڻا ليک پيش ڪندا ۽ قومي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائندا ۽ سنڌي ٻولي کي جديد سهولتن سان روشناس ڪرائيندا ۔۔۔ اسانجون نيڪ خواهشون ۽ ممڪن حد تائين خدمتون شامل ۽ حال حاضر آهن ۔۔۔

    سڌائتـــي سڀ ڪــــا، بـــک نه باسي ڪا،
    جيهي تيهي ذات جي جنبش ڪانهي جـا،
    موسين هلي سا، جــا جي مٺو نه ڪـــري۔

    رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو