• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوڪري درخواستن ۾ پڪوڙا ملندا، ڍور پاليو: خورشيد شاهه جا نوجوانن کي مشورا

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
هڪ طرف وفاق ۾ سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن ته ٻئي طرف سنڌين جي ئي ووٽن سان وفاقي وزير بڻيل خورشيد شاهه بي روزگار نوجوانن لاءِ مايوسي جا بيان ڏئي کين وڌيڪ مايوسي جي ڌٻڻ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. سندس اهڙا بيان اخبارن جي سرخين جو مرڪز بڻيا آهن وفاقي وزير فرمايو هو ته بي روزگار نوجوان نوڪرين لاءِ درخواستون نه ڏين، ڇو ته کين اهي ساڳيون درخواستون پڪوڙن ۾ ملنديون. هڪ ٻئي موقعي تي صاحب موصوف جو ارشاد هو ته بي روزگار نوجوان سرڪاري نوڪرين جي آسري نه پون ۽ وڃي ڍور پالي گذارو ڪن. جڏهن ته ٻئي طرف حالت اها آهي ته سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا تي 35 هزار ملازم سنڌ شهري جي ڪوٽا تي رکيا ويا آهن۔

روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
 
جواب: نوڪري درخواستن ۾ پڪوڙا ملندا، ڍور پاليو: خورشيد شاهه جا نوجوانن کي مشورا

ان کي چئبو آهي انڌير نگري
 
جواب: نوڪري درخواستن ۾ پڪوڙا ملندا، ڍور پاليو: خورشيد شاهه جا نوجوانن کي مشورا

ان کي چئبو آهي انڌير نگري


ڏسو نه سائين اهي حال آهن اسان جا


ڪلهه ڪلهوڪا ڏينهن آهن ته اهو خورشيد شاه هڪ ميٽر ريڊر هوندو هو ...............


سدائين گڏ
 
جواب: نوڪري درخواستن ۾ پڪوڙا ملندا، ڍور پاليو: خورشيد شاهه جا نوجوانن کي مشورا

ادا اهو ٻڌو تمام گهڻو افسوس ٿيو۔
ان کي چئبو آهي پيٽ ڀرائي۔۔۔۔ها وري ڏنڍو ساڻ هجي ته گڏھ گهوهي نه ڪري۔۔۔موچڙي ۾ طاقت آهي۔
غريب ۽ بيوس نوجوانن کي آٿت ته جيڪا ڏئي رهندو انهن جي دل ڏکائي وئي۔۔۔واھ پاڪستان جا قانون۔۔هتي چور ئي چوڪيدار آهن۔
 
Back
Top