ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
هڪ طرف وفاق ۾ سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن ته ٻئي طرف سنڌين جي ئي ووٽن سان وفاقي وزير بڻيل خورشيد شاهه بي روزگار نوجوانن لاءِ مايوسي جا بيان ڏئي کين وڌيڪ مايوسي جي ڌٻڻ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. سندس اهڙا بيان اخبارن جي سرخين جو مرڪز بڻيا آهن وفاقي وزير فرمايو هو ته بي روزگار نوجوان نوڪرين لاءِ درخواستون نه ڏين، ڇو ته کين اهي ساڳيون درخواستون پڪوڙن ۾ ملنديون. هڪ ٻئي موقعي تي صاحب موصوف جو ارشاد هو ته بي روزگار نوجوان سرڪاري نوڪرين جي آسري نه پون ۽ وڃي ڍور پالي گذارو ڪن. جڏهن ته ٻئي طرف حالت اها آهي ته سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا تي 35 هزار ملازم سنڌ شهري جي ڪوٽا تي رکيا ويا آهن۔
روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان