نثارابڙو
نائب منتظم
پرديس ۾ زال کان آيل هڪ خط
ترجمو؛ نثار ابڙو
مليو آهي خط پيارا، ته موڪل اچي رهيو آهين،
منهنجن خوابن ۾ صبح و شام، اچي رهيو آهين،
جڏهن ايندي ته مون لئه ڏينهن عيد جو هوندو،
عجب ڏيک منهنجا پيارا، تنهنجي ديد جو هوندو،
گهڻ وزني هڪ ٻه بيگ، پيارا! تنهنجي هٿ ۾ هوندا،
اٽيچي ڪيس ڏهه ٻارنهن، پيارا! توسان پڪ هوندا،
رنگين ٽي وي ته کوکي کان ئي سڃاڻي وٺندس،
فرج به جي گڏ کڻي آئين ته توکي مڃي وٺندس،
ايئرپورٽ تي ايندس آءُ ، پنهنجي جان کي وٺڻ ،
سوزوڪي وين به آڻيندس آءُ، سامان کي کڻڻ،
تنهنجي لئه ڏسندس، ته هي منهنجو دل کلندو،
کُلندا کوکا جڏهن ، ته هي منهنجو دل ڳائيندو،
بهارن کي چئه ته، وسائن گل، محبوب آيو آ،
جاپاني ساڙهيون مون لئه ڇا خوب وٺي آيو آ،
آءُ ته نه ٿي چاهيان، پر، زماني سان به نڀائڻي آ،
پوزيشن آخر ته ، هن کوٽي دنيا سان به رکڻي آ،
ڪجه نئون ڪپڙو کپي، نون ڪپڙن ٺاهڻ لئه،
صرف چاليهه وال ڪي ٽي به هجي، ڏيڻ وٺڻ لئه،
ٻه درجن ڪڇا، رومال ۽ گنجيون ڪافي آهن،
پوتن لئه هن دفعي صرف ٻه ٿانهه ڪافي آهن،
اتان کان لڪس صابڻ، صرف ڏهه ويهه وٺي اچجانءِ،
گرم ڪوٽن لاءِ ڪپڙو، صرف ڇهه پيس وٺي اچجانءِ،
مونواري ڀاءُ جي راڊو واچ، هن دفعي نه وسارجانءِ،
منهنجي خئير آهي، باجي جي ساڙهي نه وسارجانءِ،
هي ننڍڙي ناديه، بابا کي هر وقت ياد ڪري ٿي،
گهرائي ڏي قيمتي گڏي، اها فرياد ڪري ٿي،
هي ڇا! لکيو اٿئي، ايگريمنٽ بس هي آخري هوندو،
تنهنجو هي سال مسقط ۾ ، هاڻ بس آخري هوندو،
الله جي واسطي پيارا، ايئن نه ڪڏهن سوچجانءِ،
ڪندي هت ڇا اچي پيارا، ڪجه ته سوچجانءِ،
اڃان ڊيفينس ۾ پاڻکي، نئون بنگلو به ٺاهڻو آ،
اڃان مائٽن کي امارت جو، جلوو به ڏيکارڻو آ،
اڃان ته سير ڪرڻ لاءِ، ٽوٽا ڪار به کپي،
اڃان ته پنهنجي گهر ۾، وي سي آر به کپي،
ڪڏهن ته مان به ڏسان، گهر پنهنجي ۾ ڀارتي فلمون،
محبوب منهنجا،! ڇا ڇا دل ۾ ڪر کڻن ٿيون حسرتون،
جدا رهي وٺنداسون ڪوڙي شان لئه،
اتان جي بيش بها، قيمتي سامان لئه،
دلبر منهنجا! منهنجي ڳالهين تي ذرا غور ڪجانءِ،
هن دفعي وارو ايگريمنٽ تون ٻن سالن جو ڪجانءِ،
ويهاري رکيو آهي مون توکي، پنهنجن خيالن ۾،
دعا آهي منهنجي توکي ، کيڏندو رهه ريالن ۾،
الله حافظ منهنجي جان، جواب جلد لکي موڪل،
اينديون شيون ڪڏهن ، جواب جلد لکي موڪل،