پرديس ۾ زال کان آيل هڪ خط

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پرديس ۾ زال کان آيل هڪ خط
    ترجمو؛ نثار ابڙو

    مليو آهي خط پيارا، ته موڪل اچي رهيو آهين،
    منهنجن خوابن ۾ صبح و شام، اچي رهيو آهين،

    جڏهن ايندي ته مون لئه ڏينهن عيد جو هوندو،
    عجب ڏيک منهنجا پيارا، تنهنجي ديد جو هوندو،

    گهڻ وزني هڪ ٻه بيگ، پيارا! تنهنجي هٿ ۾ هوندا،
    اٽيچي ڪيس ڏهه ٻارنهن، پيارا! توسان پڪ هوندا،

    رنگين ٽي وي ته کوکي کان ئي سڃاڻي وٺندس،
    فرج به جي گڏ کڻي آئين ته توکي مڃي وٺندس،

    ايئرپورٽ تي ايندس آءُ ، پنهنجي جان کي وٺڻ ،
    سوزوڪي وين به آڻيندس آءُ، سامان کي کڻڻ،

    تنهنجي لئه ڏسندس، ته هي منهنجو دل کلندو،
    کُلندا کوکا جڏهن ، ته هي منهنجو دل ڳائيندو،

    بهارن کي چئه ته، وسائن گل، محبوب آيو آ،
    جاپاني ساڙهيون مون لئه ڇا خوب وٺي آيو آ،

    آءُ ته نه ٿي چاهيان، پر، زماني سان به نڀائڻي آ،
    پوزيشن آخر ته ، هن کوٽي دنيا سان به رکڻي آ،

    ڪجه نئون ڪپڙو کپي، نون ڪپڙن ٺاهڻ لئه،
    صرف چاليهه وال ڪي ٽي به هجي، ڏيڻ وٺڻ لئه،

    ٻه درجن ڪڇا، رومال ۽ گنجيون ڪافي آهن،
    پوتن لئه هن دفعي صرف ٻه ٿانهه ڪافي آهن،

    اتان کان لڪس صابڻ، صرف ڏهه ويهه وٺي اچجانءِ،
    گرم ڪوٽن لاءِ ڪپڙو، صرف ڇهه پيس وٺي اچجانءِ،

    مونواري ڀاءُ جي راڊو واچ، هن دفعي نه وسارجانءِ،
    منهنجي خئير آهي، باجي جي ساڙهي نه وسارجانءِ،

    هي ننڍڙي ناديه، بابا کي هر وقت ياد ڪري ٿي،
    گهرائي ڏي قيمتي گڏي، اها فرياد ڪري ٿي،

    هي ڇا! لکيو اٿئي، ايگريمنٽ بس هي آخري هوندو،
    تنهنجو هي سال مسقط ۾ ، هاڻ بس آخري هوندو،

    الله جي واسطي پيارا، ايئن نه ڪڏهن سوچجانءِ،
    ڪندي هت ڇا اچي پيارا، ڪجه ته سوچجانءِ،

    اڃان ڊيفينس ۾ پاڻکي، نئون بنگلو به ٺاهڻو آ،
    اڃان مائٽن کي امارت جو، جلوو به ڏيکارڻو آ،

    اڃان ته سير ڪرڻ لاءِ، ٽوٽا ڪار به کپي،
    اڃان ته پنهنجي گهر ۾، وي سي آر به کپي،

    ڪڏهن ته مان به ڏسان، گهر پنهنجي ۾ ڀارتي فلمون،
    محبوب منهنجا،! ڇا ڇا دل ۾ ڪر کڻن ٿيون حسرتون،

    جدا رهي وٺنداسون ڪوڙي شان لئه،
    اتان جي بيش بها، قيمتي سامان لئه،

    دلبر منهنجا! منهنجي ڳالهين تي ذرا غور ڪجانءِ،
    هن دفعي وارو ايگريمنٽ تون ٻن سالن جو ڪجانءِ،

    ويهاري رکيو آهي مون توکي، پنهنجن خيالن ۾،
    دعا آهي منهنجي توکي ، کيڏندو رهه ريالن ۾،

    الله حافظ منهنجي جان، جواب جلد لکي موڪل،
    اينديون شيون ڪڏهن ، جواب جلد لکي موڪل،
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    وڃ ڙي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لڳي ٿو نثار ابڙو شاعر ٿي ويو
    پهرين پردي ۾ هو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر هاڻي ته هُو ٻاهر ٿي ويو
    زمانا ڪهاڻيڪار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ کان به اڳتي صفا هُو ته اڳتي
    لکي دل جون ڳالهيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ شاعري ۾ اصل ظاهر ٿي ويو
    اسان ناز پنهنجا ٽپڙ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ گول ڪريون ٿا ڪريون ٿا
    ادو نثار مڪي پاڪ وارو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڻ هڻان ۾ سڀني کان ماهر ٿي ويو​

    اصل ڇُٽيان ڳالهيان۔ هڻ کڻ شاعري آهي۔ زبردست ادا نثار ابڙا شاعري ڪري اسان کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيئي۔ جُڙيو هُجين پيارن سان
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه سائين واهه تمام بهترين لکيو اٿئو، اصل دل جي ڳالهه لکي اٿئو، ڀلا واقعي ڪراچي مان توهان کي اهو خط پهتو آهي،
    shal judy hujeen suhnan saan khil sahi sindhsalamatsaathsal lajwab-sharing asul matt
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين شاعري جو جواب شاعري سان ڏنو اٿئو واهه سائين واهه تمام بهترين، جواب asul matt سائين shal judy hujeen پر suhnan saan sindhsalamatsaathsal
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    شاعري ته پنهنجي جاءِ تي ۔۔۔۔۔۔۔۔ پر مون پرديس وڃڻ وارو فيصلو هاڻي تبديل ڪري ڇڏيو۔۔۔۔۔۔۔
    مهرباني ادا نثار ابڙو صاحب۔۔۔۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين نثار ناز، ڳالهه وڻي يا نه ... شاعري ته واقعي هڻ کڻ آهي پر مسئلو شاعري ناهي، زال جون فرمائشون آهن ... جي ويچارا پرديس ۾ ڪمائن ٿا ۽ حالت ڪتي واري اٿن ... جڏهن موڪل تي ويندا آهن ته سامان لاءِ ايئرپورٽ تي دانهون ڪندي ماڻهن کي ايلاز ڪندي نظر ايندا آهن ته يار مدد ڪريو ... يار مدد ڪريو ... يار مدد ڪريو ... بلڪل هڪ فلم ۾ دليپ ڪمار وارا ڊائلاگ ڳالهائيندا آهن ...
    اڙي ڪوئي هوئي؟

    ڀائڙا، اهو هڻ هڻان واري مهارت سمجهه ۾ نه آئي .... ان کان پهريان جو ڪو غلط مطلب نڪري ، وضاحت ضرور ڪندا ... جو اهو هڻ هڻان مان ڪئي مطلب نڪرنٿا ...
    pasand
    sindhsalamatsaathsal
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جيڪو مون سمجهي لکيو آهي سا مونکي خبر آهي هاڻي توهان ان لفظ مان ڪهڙي معنى ٿا ڪڍو اهو خالص توهان جو مسئلو آهي دوست ابڙا دنيا ۾ نگيٽو ۽ پازيٽو وارو جهيڙو ازل کان هلندو رهيو آهي ۽ شايد ابد تائين هلندو.
    توهان جي ترجمي واري هر شعر ۾ زال جي فرمائش جِي هڻ هڻان آهي. جتي هڻ هڻان هُجي اُتي تون ئي ٻُڌائي کڻي ته بچ بچان ڪيئن ٿيندي. هاڻي تون ٻُڌائي تو هڻ هڻان واري لفظ کي ڪهڙي نظر سان ڄاتو ۽ سُڃاتو آهي. ؟؟؟ وڌيڪ مڪي پاڪ وارا ادا نثار ابڙا بقول تُنهنجي سمجهو آهين.
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سهڻا ناز!
    غلط مطلب نه ورتو آهي نه وٺبو ڪڏهن،
    دل ۾ نه ڳالهه رکي آهي نه رکبي ڪڏهن،
    جنهن راهه هلندي، ٿين دوست ناراض،
    سا راهه نه هليا آهيون نه هلبو ڪڏهن.

    ڪيئن دوست! چالو شاعريءَ جا ماهر ٿيندا پيا وڃون نه ... خيال ڪجو

    ڀائڙا ! مستانن جون ڳالهيون دل ۾ نه ڪندا ڪريو، ڪجه ڏينهن اڳي مون خادم مستاني جو ذڪر ڪيو هو سو به ته منهنجو مائٽ ئي هو نه، متان ڪا لڇ مون وٽ به اچي وئي هجي ...

    ادي عبد الوهاب جيئان ڪراچيءَ مان اهڙا خط ايندا ته ماڻهون مستانو نه ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟

    ها هڪ ڳالهه جڏهن به ڪا اهڙي فرمائش ٿيندي هجي ته، پرديس ۾ رهندڙ دوستن کي عرض آهي ته فون مان آواز گم ٿيڻ جو ڍونگ ڪن ۽ هلو ... هلو ... هلو .... ڪري بند ڪري ڇڏين ... ڇا خيال آهي اهو ڪم چڱو آهي يا نه؟

    خوش هجو آباد هجو ... دل ۾ هجو ساهن ۾ هجو،
    دل ۾ ڪا رکي اٿوَ ... ته هينئر ئي ٻاهر ڪڍجو!
    suhnan saan
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    واهه واهه سائين ابڙا
    اها توهان جِي شاعري جي چالُو آهي،
    پوٌءِ اسان جي ته صرف ماما لالُو آهي
    دوست ناراض ٿيڻ وارا الائي ڪير آهن، پاڻ اڳ ۾ به مون لکيو هو ته ”نثار“ آهيون ۽ نثارن جو ڪم صرف قربان ٿيڻ آهن، فدا ٿيڻ آهي، مونکي ته پري پري تائين پاڻ ٻنهي ۾ قربان ۽ فدا ٿيڻ کانسواءِ ٻي ڪا ڳالهه نظر نه ٿي اچي تُنهنجي مٿيئن چالُو شعر کي هم ڪافيو بنايو اٿم توهان جو ڪافيو هو وٺبو پر توهان ان جو هم ڪافيو” رکبي“ لکيو مان وٺبو جو هم ڪافيو رکبو رکيو آهي ۽ باقي شعر توهان جي ئي ڪافئي هلبو سان مڪمل ٿيل آهي. ٿي سگهي ٿو ڪي دوست اسان جي هن جواب در جواب کي مذاق سمجهن پر اهي صرف ٿورو غور ڪن ته انهن لاءِ مزاح کان علاوه اسان جي جواب در جوابن ۾ گهڻي ڪجهه ڄاڻ رکيل آهي. باقي ياد رک نثار ، نثارَ پاڻ ۾ ناراض ٿين ته قيامت اچي ويندي.
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    shabashshabashshabashshabashshabashshabash



    lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing



    shal judy hujeenshal judy hujeenshal judy hujeenshal judy hujeensindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو