ڊي وي ڊي برننگ ۾ مسئلو

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2011۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    السلام عليڪم

    (1) ڊي وي ڊي رائيٽ ڪرڻ دوران هي هيٺيون ايرر اچي رهيو آهي.


    [​IMG]

    ڪالهه تائين بالڪل صحيح طريقي سان ڊي وي ڊي رائيٽ ٿي رهي هئي، ونڊوز نئين سري سان انسٽال ڪرڻ کان پوءِ به مسئلو حل نٿو ٿئي. سروسز سينٽنگ ۾، برننگ سروس رڪجي وڃي ٿي، انهيءَ کي اسٽارٽ ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ڪمپيوٽر ري اسٽارٽ ڪجي ٿو ته وري برننگ سروس اسٽاپ ٿي وڃي ٿي.

    (2) نيرو ۽ ٻين برننگ سافٽويئرن ذريعي جڏهن ڊي وي ڊي رائيٽ ڪجي ٿي ته هڪڙو ٻيو مسئلو سامهون اچي ٿو. ڇاهي ته جيڪي فائيل آئون ڊائونلوڊ ڪرڻ چاهيان ٿو، اڪثر فائلن جا نالا عربيءَ ۾ ڏنل آهن (جن کي چينج نٿو ڪري سگهان) ڊي وي ڊي رائيٽ ٿيڻ کان پوءِ عربيءَ ۾ ڏنل سمورا فائيل خراب ٿي وڃن ٿا ۽ ڪم جا نٿا رهن.

    دوستن کي گذارش آهي مٿين ٻنهي مسئلن جو حل تلاش ڪري ڏين. مهرباني ٿيندي.


     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڊي وي ڊي برننگ ۾ مسئلو

    سائين فقير سائين ڪو ڍارو ڦيرائي باقي اسان کي ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته اوهان کان ئي پڇندا آهيون نالن جي خراب ٿيڻ جو جيتري قدر تعلق آهي ته منهنجي خيال ۾ توهان جي انسٽاليشن وقت بنيادي لينگيوئيج عربي سيٽ ڪرڻ سان حل ٿيڻ گهرجي. وڌيڪ وري تجربو شرط آهي هڪ دفعو مون سان به ائين ٿيو هو ليڪن پوء ڌڪا هڻي درست ڪري ورتو ليڪن هن وقت مڪمل ياد نه آهي فقير سائين جن کي عرض آهي ته ڪو تڪڙو حل پيش ڪن يا وري سائين عبدالرشيد جن ڪو ڪرتب ڏيکارين.
     
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: ڊي وي ڊي برننگ ۾ مسئلو


    نيرو برننگ 7 انسٽال ڪري، انهي ذريعي ڊي وي ڊي رائيٽ ڪيم. ڊي وي ڊي رائيٽ به ٿي ويئي ۽ عربي فائلن وارو مسئلو به حل ٿي ويو.
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڊي وي ڊي برننگ ۾ مسئلو

    ادا ابو زين يار ان معاملي ۾ پاڻ کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي

    باقي هڪ معاملي ۾ وري توهان مون جي رهنمائي ڪريو ته مان پاڻ هڪ ٻه دفعو سال کن اڳ ۾ ڊي وي ڊي رائيٽ ڪئي پر هاڻي جڏهن ڊي وي ڊي (ويڊيو) ۾ رائيٽ پيو ڪريان ته ڊي وي ڊي رائيٽ ٿئي وڃي ٿئي پر ويڊيو ۾ هلي ئي ڪانه پئي ڪو ايرر وغيره به نه پيو ظاهر ٿئي
    مان NTI CD & DVD Burner استعمال ڪيو هيم
    توهان جي را۽ جو انتظار رهندو

    توهان جو مسئلو ادا رشيد ئي حل ڪري سگهي ٿو

    مهرباني

    سدائين گڏ
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڊي وي ڊي برننگ ۾ مسئلو

    اڪثر سافٽويئر کان بغير سي ڊي يا ڊي وي ڊي رائيٽ ڪرڻ دوران اهڙا آپشنس ۽ ايررس ايندا رهندا آهن۔۔۔
    جنهن جو سبب گهڻو ڪري اوريجنل ونڊوز نه هجڻ ۽ ونڊوز جي ٻيهر اپڊيٽ نه ٿيڻ هوندو آهي۔۔۔ ان ڪري پروفيشنل سي ڊي يا ڊي وي ڊي ميڪر هميشه ٿرڊ پارٽي سافٽويئر ذريعي ئي سي ڊيز يا ڊي وي‌ ڊيز رائيٽ ڪندا آهن۔۔۔ نيرو يا ادا ڦلپوٽو جو ٻڌايل سافٽويئر ان مقصد لاءِ‌ ڀلا سافٽويئرس آهن۔۔۔۔
    توهان پنهنجو مسئلو حل ڪري ورتو ۔۔۔ ان کانسواءِ جنهن ڳالهه مون کي توهان جي سوال منجهان متاثر ڪيو سا آهي توهان جو آندل تصوير۔۔۔ جيڪڏهن سنگت سان اها ونڊ ڪيو ته توهان اها ريڪارڊ ڪيل گف فارميٽ واري تصوير ڪيئن بڻائي ته جيئن آئنده دوست پنهنجي سوال يا جواب ۾ اهڙيون تصويرون ڏئي وضاحت ڪري سگهن ۔۔۔۔ مهرباني
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڊي وي ڊي برننگ ۾ مسئلو

    سائين تمام سٺو جو توهان جو مسئلو حل ٿي ويو سائين عبدالرشيد جن جي ڳالهه تي نظر ڪندا ته سائين چوي ٿو ته توهان انيميٽيڊ گف فائيل ڪهڙي سافٽوئير ذريعي ڪريئيٽ ڪيو ٿا. ان جو طريقو به شيئر ڪندا ته مهرباني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو