شادي خانه آبادي ۔۔۔۔۔

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    موبائيل پيغام به ڪيڏا نه عجيب ۽ مرڪائيندڙ هوندا آهن۔۔۔۔۔ منهنجي هڪ ويجهي دوست کي خبر پئي ته مان شادي ڪري رهيو آهيان۔۔۔۔ هن مون ڏي ڪافي پيغام موڪليا ۔۔۔۔ ڪجهه منهنجي موبائيل ۾ محفوظ آهن ۔۔۔۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    مريض: ڊاڪٽر صاحب ڪو وڏي حياتي لاءِ نسخو آهي۔۔؟
    ڊاڪٽر: شادي ڪريو۔۔۔
    مريض: ڇا اها واقعي ڪارائتي آهي۔۔۔۔؟
    ڊاڪٽر: نه۔۔۔۔ پر اهڙو خيال وري نه ايندو۔۔۔۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    زال: اڄ اسان جي شادي جي سالگره آهي۔۔۔ ٻڌايو اڄ ڇا ڪجي۔۔؟
    مڙس: ٻن منٽن جي خاموشي۔۔۔۔۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    اهو ڪيڏو نه وڏو مزاق آهي جو پيار واري شادي ۽ مائيٽن جي پسند واري شادي تي بحث ڪجي۔۔۔۔
    اهو ته ائين آهي جهڙوڪ فيصلو ڪجي ته خودڪشي بهتر آ يا قتل ٿيڻ۔۔۔۔۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    جيڪڏهن توهان شادي شده آهيو ته پيغام کي نظر انداز ڪجو۔۔۔۔۔۔
    ”سڀني کي آزادي جو ڏينهن مبارڪ هجي“
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    توهان کي خبر آهي ته ڪتا شادي ڇو نه ٿا ڪن۔۔۔۔۔۔؟
    ڇو ته هو اڳي ئي ڪتي واري زندگي گذاري رهيا آهن۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    چڱو ادا رشيد توهان جي انهن شادي خانه آباديءَ وارن ميسيجن کي سيو ٿا ڪري ڇڏيون ڪڏهن جو موبائل ورتوسين ته کڻي توهان جهڙن دوستن کي سينڊ ڪنداسين پر هڪڙي ڳالهه ته ٻُڌائي ته ادو وحيد ڦلپوٽو اڄ سمورو ڏينهن نظر ڪونه آيو۔ ير مونکي لڳي ٿو ته مُنهنجي مزاح واري فقرن هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۔ ادو وحيد ڦلپوٽو شايد مونکان ڪاوڙجي ويو آهي۔ ادا رشيد مان هتان کان ئي مُعافي وٺي ٿو ڇڏيان اميد ته فقير سائين سخي بڻجي مونکي معاف ڪري ڇڏيندا۔
     
  3. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    واهه ادا ارشيد واهه، هي آخري پيغام ته تمام زبردست آهي.

    مون به هڪڙو لطيفو ڪٿي پڙهيو هو، سو هي آهي:

    (الف) يار توهان ڪٿي هئا، ڪافي ڏينهن کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيا آهيو.
    (ب) مان اسپتال ۾ هُيس.
    (الف) مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو.
    (ب) مون هڪڙي نرس سان شادي ڪئي.
    (الف) وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
    (ب) شاديءَ کان پوءِ خبر پئي ته سندس ٻه ٻار به آهن.
    (الف) اها ته وڏي ڏک ڀري خبر آهي.
    (ب) ڪا خاص نه، هُن کي هڪڙو بنگلو به هيو.
    (الف) اها ته خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
    (ب) خوشيءَ جي وري ڌوڙ، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بنگلي کي باهه لڳي ويئي.
    (الف) اهو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو.
    (ب) نه افسوس ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه آهي، اُنهيءَ ۾ هوءَ پاڻ به سڙي ويئي.
    (الف) اها ته تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
    (ب) ها واقعي، هيءَ وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي.

    هڪڙو ڀيرو وري به توهان جي وڏي مهرباني.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا رشيد تمام زبردست شيئرنگ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا ابو زين اوهان ته اصل هن تحريرکي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن۔۔۔۔۔ پر اها فيوچر واري وائيف واري تصوير تمام کلايو منهنجو هڪڙو شادي شده دوست منهنجي ڀرسان ويٺل آهي مون سندس کي اوهان واريون اهي تصويرون ڏيکاريون ۽ پڇيو مانس ته دوست ڏئي خبر اوهان سان ڪهڙي حالت هوندي آهي۔۔۔ مونکي ته لڳي ٿو ته فيوچر واري تي تمام گهڻو کليو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    زبردست ادا زين توهان جي هي شيئرنگ انتهائي لاجواب آهي۔ ادا زين ڪو آهي جو زال ۽ مُڙس جو دنيا ۾ سڀ 'کان پهرين جهيڙي جو بيان پڪن دليلن سان سان ٻُڌائي ته دنيا ۾ زال مُڙس جو جهيڙو سڀ کان پهرين ڪٿي ٿيو ۽ اُهي ڪهڙا خوشنصيب يا بدنصيب هُئا جو اهو جهيڙو ڪري سموري دنيا کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو۔ ڇو ته جيڪا به ڳالهه کنئي ويندي آهي ان جو بار ارادتن يا غير ارادتن حضرت آدم عليه السلام جي پُٽن تي وڌو ويندو آهي۔ جيئن دنيا جي پهرين قتل جو بيان هابيل ۽ قابيل جي درميان آهي ۽ ائين ئي هن دنيا ۾ قتل جو بنياد پيو. تئين مونکي يقين آهي ڪا زال يا ڪو مُڙس لازمي لازمي پاڻ ۾ وڙهيا هوندا جو ساري دنيا کي ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو اٿن............. ابو زين انهيءَ سلسلي ۾ تُنهنجي ڄاڻ ڇا ٿي چُوئِي .............. آهي ڪو مستند دليل يا ڳولهيون ڪنهن مواليءَ کي جيڪو ڄٽاڻا ڌُڪا هُڻي. سارين کي ساريون ڪري ڏيکاري، چانورن کي چانورن ۾ گڏي ڇڏي، جَوَنِ کي جَوِنّ ۾ مِلائي ڇڏي. ادا تون کِل نه جيستائين ڪنهن به جهيڙي جي بنياد جي خبر ڪانه پوندي تيستائين حل شايد ڪڏهن به نه! ! !
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا رشيد ۽ ادا ابو زين؛

    يار جي اهڙي ڳالهه هئي ته اڳ۾ ته ٻڌايو ها ... هاڻ ته ڳالهه اچي خود سوزيءَ تي پهتي آهي ... ڏاڍا زورآور آهيو ...

    هاڻ ته هي گانو ئي بس ٻڌي پيا پاڻ وندرائيون

    دل ڍونڍتا هي ڦر وهي فرصت ڪي رات دن ...

    اصل وڻ ئي وڄي ويا ...

    hall charihall charihall chari
    hatt-parehatt-parehatt-pare
    suhnan saan
    sadayeen gud
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا ابو زين، اوهان ته اصل ڳالهه کي اصل پڪو ڪري ڇڏيو ...

    ادا سائين! ڇا پراڻو دور وري واپس نه ايندو؟ هن دور ۾ ته ڳالهه اصل پاڻ بچائڻ ۾ پوري آهي ... هڪ ٻي ڳالهه ته لڳي ٿو مستقبل وري به چڱو جو پتني پنهنجي منهن اخبار ته پڙهي پئي ... مڙس خدمتگار ته ازل کان آهي ... بس انهن دڙڪن کان جان ڇٽي ته گنج ٿيو ...
    sindhsalamatsaathsal
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين محترم نثار ناز صاحب مان اڄ ٽن ڏينهن کان پو۽ آيو آهيان ان جو سبب مان آئوٽ آف سٽي هوس سائين توهان واري مزاح وارا فقرا پڙهي ته ڏاڍجو خوش ٿيندو آهيان باقي رهي معافي جي ڳالهه ته سائين مان پنهنجن پيارن سان ڪاوڙبو ئي ناهيان باقي مون کي لڳي ٿو ته توهان ڪاوڙيل آهيو توهان ائين ڪانه پرچبو مان ادي وهاب ۽ ادا زاهد ٻنهي کي توهان ڏي وٺي ايندس تڏهن توهان وٺي پرچبوءٌ .:shal judy hujeenD
    suhnan saan

    khil sahi

    sindhsalamatsaathsal

    ادا رشيد تمام پياري شيئرنگ آهي ۽ مٿان وري ادا ابو زين ان کي اڄا وڌيڪ خوبصورت بنايو آهي باقي ادا زاهد توهان اهي تصويرون دوست کي ڏيکاريون يا پنهنجو فيوچر ڏسي کِلَ نڪري ويوَ :D
    shal judy hujeen


    lajwab-sharing



    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو