چنهونء جو دڙو ( ضلعو نوابشاه سنڌه )

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    چنهونء جو دڙو ( ضلعو نوابشاه سنڌه ) ​


    وزير احمد منگسي
    نواب شاهه ضلعي جي سکپور اسٽيشن کان اٽڪل ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي ڳوٺ بهادر جوکيو جي ويجهو هڪ شاهي کنڊر آهي. جيڪو ”چنهونءَ جو دڙو“ جي نالي سان مشهور آهي. هي دڙو شهر سڪرنڊ ۾ موجود آهي.
    سال 1936ع ڌاري محڪمه آثار قديمه طرفان هن دڙي جي کوٽائي شروع ڪئي وئي هئي ۽ دڙي مان موهن جي دڙي وانگر جهوني تهذيب جا نشان ڏسڻ ۾ آيا. ڪن هنڌن تي کوٽائي ڪندي اهڙيون به نشانيون ۽ ثابتيون مليون آهن ته ڪنهن زماني ۾ هن شهر جي ڀرسان درياهه وهندو هو. البته اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته چنهونءَ جو دڙو موهن جي دڙي کان وڌيڪ جهوني زماني سان تعلق رکندڙ آهي يا نه. پر جيئن ته هن دڙي جي کوٽائي مڪمل ٿيل نه آهي انهيءَ ڪري سموري ايراضي جي ٻيهر کوٽائي ڪئي وڃي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي وڌيڪ اهڙيون شيون لڀي وڃن. جن جي ذريعي ڪا وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي. هن دڙي جي کوٽائي ڪندي پتل ۽ ٽامي جا ڪيترائي اوزار ڪهاڙين جا ڦر، ڀالن ۽ رنبن جا منهن ۽ گهڻن قسمن جا ٿانو ڏٺا ويا آهن. جن مان ظاهر آهي ته چنهونءَ جو دڙو به آڳاٽي زماني ۾ ڌاتوءَ جي شين جو مکيه مرڪز هو، ڇاڪاڻ ته جيڪي ٿانو هن دڙي اندران لڌا ويا آهن. ساڳئي قسم جا ٿانو هڙاپا، جهڪر ۽ موهن جي دڙي مان هٿ آيل آهن. پروفيسر پتاوالا جو چوڻ آهي ته چنهونءَ جي دڙي مان هڪ دفعي کوٽائي بعد جن ڌاتن جي شين مان ٺهيل شيون هٿ آيون آهن.
    اوترو موهن جي دڙي مان چار دفعا کوٽائي وقت به هٿ نه اچي سگهيون آهن. ڊاڪٽر منڪي راءِ چيو آهي ته چنهونءَ جو دڙو هڙاپا جي تهذيب سان گهرو واسطو رکندڙ آهي. ڊاڪٽر منڪي پنهنجي پوسٽر ميوزيم آف فاٽن آف بليٽن ۾ صفحي نمبر 83 تي ڄاڻائي ٿي ته پراڻي زماني ۾ چنهونءَ جو دڙو جدا جدا کنڊر سبب هڪ ئي شهر هو. جن کي دريائي سيلاب هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڇڏيو هن شهر جي برباد ٿيڻ جو سبب ٻوڏ آهي. هن وقت دڙن کان 12 ميل مفاصلي تي اهو درياهه وهي رهيو آهي، پر ڪنهن وقت هن شهر کان فقط ٽن ميلن جي مفاصلي تي اهو درياهه وهندو هو.
    دڙي جي کوٽائي مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سنڌ جو هيءُ آڳاٽي زماني وارو شهر ماڳ سين درياهه يا درياهه جي ڪنهن مکيه واهه يا شاخ تي ٻڌل هو. هن کنڊر جي کوٽائي ڪندي اهڙيون ڪيتريون ئي ثابتيون مليون آهن جن مان صاف ظاهر آهي ته هڙاپا واري تهذيب سان مشابهت رکندڙ هن شهر جي ماڻهن کي لاچار ٿي ٻه ٽي دفعا پنهنجا شهر ڇڏي ٻئي ڪنهن هنڌ پنهنجا گهر آباد ڪرڻ پيا. هن کنڊر جون ڪيتريون ئي جايون ٻوڏ سبب برباد ٿي ويل ڏسجن ٿيون انهيءَ ڊٺل جڳهين جي کوٽائي ڪندي ڪن جاين کي مورڳوئي پاسي ڀر ڪريل ڏٺو ويو آهي. ساڳئي ريت موهن جو دڙو به ٻه دفعا سنڌو نديءَ جي ٻوڏ جو شڪار ٿيل ڏسجي ٿو، انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هڙاپا جي تهذيب وارن موهن جي دڙي ۽ چنهونءَ جي دڙي ۽ جهڪر جي دڙي وارن موهن جي دڙي ۽ چنهونءَ جي دڙي ۽ جهڪر جي دڙي وارن ماڻهن کي ڌارين دشمنن سان ايترو مقابلو ڪو نه ڪرڻو پيو هوندو. جيترو پنهنجي ڀر درياهه سان ڪرڻو پيو هوندو.
    موهن جي دڙي ۽ چنهونءَ جي دڙي جي تهذيب سنڌو ندي سبب ڦٽي ناس ٿي هوندي. فقط موهن جي دڙي ۽ چنهونءَ جي چؤگرد پاڻي اڇ لڳي پئي ٿي ڏسجي. پر اهو شهرن ۾ ڪاهي ويل ٿو ڏسجي. جنهن ڪري انهن اڳوڻي شهر جا ڪيترائي گهر ڊهي پٽ بڻجي ويا. ڪن ڄاڻن جي مطابق ڊاڪٽر منڪي جو مٿي ڄاڻايل رايو صحيح نه آهي. ڇاڪاڻ ته هي ڳالهه مڃڻ جهڙي نه آهي ته سنڌ جا جملا پراڻا شهر درياهه جي اٿل سبب غرق ٿي ويا هجن. اهڙي ڪنهن طوفان نوح جو تاريخن ۾ ذڪر ئي نه آهي. جن مان اهو ظاهر ٿي نه سگهيو ته سڀ شهر ڪنهن بي پناهه سيلاب سبب غرق ٿيا هجن. دراصل پراڻي زماني جي گهڻن شهرن جي برباد ٿيڻ جو سبب جابلو قومن جون ڪاهون آهن. ڪيترن ئي هنڌن تي کوٽائي ڪندي ماڻهن جا هڏا ۽ انهن سان گڏ هٿيار لڌا ويا آهن. جنهن مان هي شڪ پيدا ٿئي ٿو ته ڌارين ملڪن جي حملا آور ماڻهن جي ڪاهه سبب اهي ماڻهو موت جو شڪار ٿيا هوندا ته انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته سنڌ تي هميشه ڌارين جون يلغارون رهيون آهن.*بشڪريه روشني ڊاٽ ڪام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو