ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
بي نام عبارت۔۔۔۔ آفتاب احمد
دوست چون ٿا ته تون عوامي تحريڪ جو ماڻهو آهي. ڪي چون ٿا ته تون جيئي سنڌ جو ماڻهو آهي. ڪي چون ٿا ته تون سيڪيولر آهين. پر مان ڇا آهيان؟ پنهنجيءَ نظر ۾؟ مان ڪجهه به نه آهيان. ٽن ڪروڙ سنڌين مان هڪ سنڌي! پنهنجيءَ زندگي سان ٿيندڙ تماشا ڏسندڙ عوام جو هڪ حصو. اهڙو بدنصيب عوام جنهن جي قسمت جا فيصلا پنهنجن جي واتن مان پڻ ٻيا ئي ڪرائيندا آهن. مان تماش بين آهيان. وڏي ليڊر جي استقبال ۾ تاڙيون وڃائيندو آهيان. هر ويندڙ حڪومت جي وڃڻ جي خوشيءَ ۾ مٺائيون ورهائيندڙ عوام آهيان. هر روز آفيسن تي ٽن هزارن جي نوڪري لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ عوام جو حصو آهيان. خدا جي هن خلقيل جهان ۾ اربين ماڻهو آهن. هر ڪو ماڻهو هئڻ جي باوجود به هڪ الڳ ”ڪيٽيگري“ جو هوندو آهي. ڪي ظالم، ڪي غنڊا ڪي لٽجندڙ مظلوم، ڪي حاڪم ڪي محڪوم، ڪي غاصب ڪي فاتح . . . ۽ نڄاڻ ڪيترا قسم آهن. پر سڀني ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي ته اُهي سڀ ماڻهو آهن. هر ڪنهن وٽ ننڍپڻ ۾ جڏهن ٻاتيون ٻوليون ڪندا هئا تڏهن ننڍڙا ننڍڙا ۽ معصوم خواب هوندا هئا. جڏهن وڏا ٿيا تڏهن سماج جي بي رحم روين سندن معصوميت
کسي ورتي. سندن خوابن ۾ معصوميت بدران بي رحمي ڇانئجي ويئي. اُهي ڪامياب ٿي ويا.
۽ جيڪي ماڻهو وڏا ٿيڻ باوجود به پنهنجن خوابن ۽ امنگن ۾ بي رحمي سمائي نه سگهيا، سي مظلوم بڻيا، محڪوم بڻيا. ۽ هر دور ۾ لٽجندا رهيا. برسات کي پئي اڌ ڪلاڪ ٿي چڪو آهي، پر منهنجي ڪمري ۾ اڃان به ڇت ٽِمي رهي آهي. ۽ ايڪويهين صديءَ جي جديد دور ۾ ٽين دنيا جي غريب ديس جو هڪ نوجوان ڪمپيوٽر جي ڪيبورڊ تي ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سندس لکت ۾ ڪا به نواڻ نه آهي. ڪا به نئين شئي نه آهي. نه لفظن جي بناوٽ، نه خوبصورتي. ٻاهر نهاري ٿو. . . گهر ۾ بيٺل پاڻي ڏسي ٿو. . . ۽ سوچي ٿو، لکي ٿو ۽ پبلش ڪري ٿو. بشڪريه آفتاب احمد جو ذاتي بلاڪ