هن باشعور ليکڪ جي ڳالهن کان ڪنهن کي ب اختلاف ن هوندو . الفاظن جي آئيني ۾ پنهنجي پاڻ کي هر ڪو بيٺل ڏسندو۔هي ڪا تحرير ن پر آداس ۽ دنيا جي بحسي ت هڪ ناميد دل جي ڪفيت جي ڄاڻ آهي۔جيڪو ب انسان همٿ مردا مدد خدا جو ورد ڪندو, هي سڀ مرحلآء ٽپي پار ڪندو ,ت اسان کي ڪامل يقين آهي ت آلله پاڪ هن کي هڪ بهترين منزل تي پهچائيندو۔۔۔۔بقول شاعر۔۔مت گهبرا ان تند و تيز هوائون سي ائ عقاب۔۔ي تو چلتي هين تجهي آونچا آڙاني کي ليئ۔
ادي غلام مصطفي ميمڻ جي ڳالهه تي هڪ شعر مونکي به ياد اچي ويو ۔۔۔
ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ۔
بيشڪ هيءَ دنيا جدوجهد جي دنيا آهي ۔۔۔ پاڻ کي بچائڻ جي دنيا آهي ۔۔۔ اهي مانجهي مڙس هوندا آهن جي تندوتيز هوائن جو مقابلو مڙسيءَ سان ڪندا آهن ۔۔۔ پر اهي سڀ خرابيون ۽ مشڪلاتون اسانجي سماج ۾ گهڻيون ڇو آهن ۔۔۔۔؟
الله جو رسول صه هڪ دفعي شهر مان لگهنيو ٿي ته هڪ نوجوان برن حالتن ۾ اتان اچي مٽيو، الله جي رسول صه نوجوان جي بري حالت ڏسي کائنس پڇيو ته تون ڪير آهين؟
نوجوان جڏهن تعرف ڪرايو ته هو ڳوٺ جي امير پيءُ جو پٽ هو ۔۔۔ تنهن تي الله جي رسول کيس نصيحت ڪئي ته هو پنهنجي پيءُ جي حيثيت مطابق پنهنجو پاڻ کي رکي ۽ پاڻکي صاف سٿرو ۽ سٺن ڪپڙن سان ڍڪي ته جيئن الله جي طرفان جيڪا نعمت مليل آهي انجو استعمال به ٿئي ۽ شڪرگذاري به ادا ٿئي ۔۔۔
دوستو! سنڌ دنيا جي اميرترين ڌرتين مان هڪ ڌرتي آهي، جنهن ۾ دنيا جي هر نعمت آهي پر پوءِ به سنڌ واسي بکيا، ڏکيا ۽ بڇڙي حالت ۾ آهن، رزق، صحت ۽ انصاف جي ڪميءَ مان گذرن پيا ۔۔۔۔
انڪري جو اسين رب جي شڪرگذاري ۽ پنهنجي رب جي ڪيل نعمتن کي وساري، پٺي ڏني آهي ۔۔۔ اچو ته اسين سڀ سنڌ جي مالڪي ڪيون ۽ رب جي ڏنل نعمتن جي حفاظت ڪريون ۔۔۔
رب العالمين اسانکي صبر ۽ سورهيائيءَ سان معاملن حل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين