• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ سلامت جي هيرو ممتاز علي وگهيو کي پوري سنڌ سلامت سٿ پاران سلام

اسان جي سنڌ سلامت جي پياري، محنتي، جاکوڙي ۽ ادب دوست ادا ممتاز علي وگهيو کي سنڌ سلامت تي 1000 موضوعن جي تڪميل تي دل جي گهراين سان واڌايون. ممتاز علي وگهيو علمي ۽ ادبي حوالي سان هميشه بهترين تحريرون ۽ مواد ونڊ ڪندو رهيو آهي۔ سنڌ سلامت جي انتظاميه سندس بهترين تحريرن تي کيس دلي واڌايون پئي پيش ڪري۔

دعا آهي ته پاڻ هميشه خوش رهن ۽ دوستن سان علمي ، ادبي ۽ ڄاڻ سان ڀرپور ليک ونڊ ڪندا رهن۔ پاڻ صحت جي خرابيء هڳندي به سنڌ سلامت سان ناتو قائم رکندا آيا آهن ۽ پنهنجي علمي ليکن سان دوستن کي به سيراب ڪندا رهيا آهن. 1000 ليک چوڻ ۾ ته اولا آهن پر ان لاء جيڪا محنت ۽ جفاڪشي اسان جي هن دوست ڪئي آهي اهو قدردان ئي سمجهي سگهن ٿا

هڪ دفعو وري اوهان کي سلام

attachment.php
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

مست جي طرفان به سنڌ سلامت جي محنتي دوست سائين ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوعن جي منزل تي رسڻ‌ تي دل جي گهراين سان مبارڪ باد هجي۔۔۔ 1000 موضوع ڪا عام ڳالهه نه آهي، اهو به معلوماتي، ناياب ليک۔۔۔ زبردست۔۔۔۔​
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

سائين محترم ممتاز وگهيو صاحب جن کي اسان پاران به وڌايو۔
سائين جن هر ليک مان اها خبر پوندي آهي ته سائين جن ڪيترا محنتي ۽ علمي دوست آهن۔


الله تعالى انهن جي علم ۾ اڃان واڌرو ڪري۔۔(آمين)
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

السلام عليڪم حق موجود

سائين محترم ممتاز علي وگهيا صاحب اوهان کي هن عاجز طرفان به مبارڪون قبول هجن اوهان جي هر تحرير ۾ تحقيق ، تدقيق محنت ۽ محبت سمايل هوندي آهي سائين جن جي هر پوسٽ مان ضرور پڙهندو آهيان اهو سوچي ڪري ته ادي جي محنت سان اسان کي ضرور فايدو رسندو آهي ڇو ته ادي جو اڪثر رپورٽون ۽ علمي مقالا تمام بهترين ۽ من کي موهيدڙ هوندا آهين
اوهان جي ساٿ سان سنڌ سلامت جو پيار ڀريو اڱڻ هميشه مهڪندي نظر ايندو آهي ۔ ان محبت جي موٽ ۾ اوهان کي الفت ڀريو سلام ۽ ڪجهه هي تحفه قبول پون۔

000e052r2vf.jpg
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

سنڌ ۽ سنڌيت تي معلوماتي ليک ونڊ ڪرڻ جيڪڏهن ڪنهن کي سکڻا آهن ته ادي ممتاز کان سکي ۔۔۔ سندس هر هڪ ليک ائين مڪمل ڪيل هوندو آهي جو ان ۾ ڪنهن ٻي شئي کي ڳنڍڻ جي گنجائش، نه جي برابر هوندي آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت سان دوستي نڀائڻ به جيڪڏهن ڪنهن کي سکڻي هجي ته ممتاز کان سکي ۔۔۔ لڱائي هجي يا چڱائي، ليک تي ڪجهه موٽ ملي يا نه ۔۔۔ دوست کيس چڱو چون يا مٺو پر ممتاز پنهنجي ڌن ۾ مگن، سنڌ سلامت سان پنهنجي ياري نڀائڻي آهي ته نڀائڻي آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستي ۽ اخلاق جا دائرا وڌائڻ ڪنهنکي سکڻا آهن ته ممتاز کان سکي ۔۔۔ اختلاف به ڪندو ته پيار ۽ اخلاق جي دائري ۾ ۽ جيڪڏهن ڪنهن اختلاف کي منهن ڏيندو ته به پيار ۽ اخلاق سان ۔۔۔

مطلب ته ممتاز هن اڱڻ جو هڪ اهڙو بااخلاق دوست جنهن جو وچ ۾ ويهڻ باعث راحت آهي ۔۔۔

دوست ممتاز، منهنجون دعائون ۽ نيڪ خواهشون اوهان سان، باقي پنهنجي انگن واري ياري آهي ئي ڪون ۔۔۔۔1000 يا 5000 يا لک ليک سنگت تان ۽ سنڌيت جي سر تان نثار ۔۔۔

اڃان منزل اڳتي آهي ۔۔۔ اميد ته ساٿ سلامت رهندو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

ادا ممتاز هن مسڪين پاران به اوهان کي لکين واڌايون ۽ اوهان جي محنت کي سلام
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

ممتاز مبارڪ اٿئي يار 1000 ٿريڊ وڏي ڳالهه آهي

مبارڪ هجي ادا

سدائين گڏ
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

سنڌ ۽ سنڌيت تي معلوماتي ليک ونڊ ڪرڻ جيڪڏهن ڪنهن کي سکڻا آهن ته ادي ممتاز کان سکي ۔۔۔ سندس هر هڪ ليک ائين مڪمل ڪيل هوندو آهي جو ان ۾ ڪنهن ٻي شئي کي ڳنڍڻ جي گنجائش، نه جي برابر هوندي آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت سان دوستي نڀائڻ به جيڪڏهن ڪنهن کي سکڻي هجي ته ممتاز کان سکي ۔۔۔ لڱائي هجي يا چڱائي، ليک تي ڪجهه موٽ ملي يا نه ۔۔۔ دوست کيس چڱو چون يا مٺو پر ممتاز پنهنجي ڌن ۾ مگن، سنڌ سلامت سان پنهنجي ياري نڀائڻي آهي ته نڀائڻي آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستي ۽ اخلاق جا دائرا وڌائڻ ڪنهنکي سکڻا آهن ته ممتاز کان سکي ۔۔۔ اختلاف به ڪندو ته پيار ۽ اخلاق جي دائري ۾ ۽ جيڪڏهن ڪنهن اختلاف کي منهن ڏيندو ته به پيار ۽ اخلاق سان ۔۔۔

اڃان منزل اڳتي آهي ۔۔۔ اميد ته ساٿ سلامت رهندو ۔۔۔


ڪڏهن سوچيو به نه هو ايترو جلد ڪو پنهنجي موضوعن جي تعداد کي چئن عدد ۾ آڻيندو ۔۔۔ پر يقين ڏيارڻ لاءِ اداممتاز وگهيو جون لکڻيون جو آهن۔۔۔۔ شاباش آهي هن جوان کي جنهن اهو سوچڻ بنا ته موضوع تي ڪو ميڙاڪو ٿئي پنهنجي چونڊ لکڻيون ۽ مختلف هنڌا پنهنجي لاجواب سليڪشن گڏ ڪري سنڌ سلامت جي زينت بڻائينديو رهندو آهي۔۔۔ سندس لڳايل لکڻيون ايتريون ته جاندار هونديون آهن جو فورم تي ايندڙ سنجيده شخصيتون جڏهن فون تي ڳالهائين ته ڪچهري به انهن موضوعن تي ئي ڪن۔۔۔
سنڌ سلامت کي ارپيندڙ 1000 موضوعن تي ادا ممتاز جي مهرباني ادا ڪندي سنڌ سلامت انتظاميه کيس سلام پيش ڪري ٿي۔۔۔ ان کانسواءِ اها اميد رکجي ٿي ته پاڻ پنهنجي اهڙين ڪوششن جاري رکندي سنڌ جي ماڳن، مقامن، شخصيتن ۽ تهذيب جي عڪاسي جاري رکندا۔۔۔
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

ادا اسان جي طرفان به ڀا‌ ممتاز وگهيي هڪ هزار موضوعن لکڻ تي لک لک مبارڪون هجن۔
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

سائين محترم ممتاز علي وگهيا صاحب اوهان تمام گهڻيون واڌيون هجن
توهانجي محنت ء سچائيء جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي
وري به کوڙ ساريون مبارکون
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

سائين اوهان جي ڪاوشن ۽ ڪوششن کي سڪ ڀريو سلام الله اوهان جي ان عشق کي دن دگني ترقي عطا ڪري
وسلام
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

ادا ممتاز ڪمال ڪري ڇڏيو آهي اوهان ، بلڪل ادا اوهان جي محنتن کي سلام ۽ آفرين هجي اوهان کي جو ايڏي محنت ۽ عرق ريزي سان مضمون ٺاهي اسان لا پيش ڪندا اهيو ۔ اوهان جي مضمونن جي هميشه اها ڪواليٽي هوندي آهي جو هر مضمون ۾ نواڻ هوندو آhي جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ هوندو آهي ۔
الله تعالى کان هن دعا آهي سدا خوش رهو ۽ اوهان کي مڪمل صحت يابي نصيب ٿئي ۔آمين
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

ادا توهانجا سنڌ سلامت تي موڪليل موضوع علمي ۽ تمام بهترين هوندا آهن۔ ۽ ان مان اسانجي ڄاڻ ۾ به اضافو ٿيندو آهي.
ادا ممتاز علي وگهيو صاحب توهانکي 1000تحريرون لکڻ تي اسانجي طرفان مبارڪون هجن.
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

سنڌ سلامت جي هيرو ممتاز علي وگهيو کي پوري سنڌ سلامت سٿ پاران سلام

اسان جي سنڌ سلامت جي پياري، محنتي، جاکوڙي ۽ ادب دوست ادا ممتاز علي وگهيو کي سنڌ سلامت تي 1000 موضوعن جي تڪميل تي دل جي گهراين سان واڌايون. ممتاز علي وگهيو علمي ۽ ادبي حوالي سان هميشه بهترين تحريرون ۽ مواد ونڊ ڪندو رهيو آهي۔ سنڌ سلامت جي انتظاميه سندس بهترين تحريرن تي کيس دلي واڌايون پئي پيش ڪري۔
دعا آهي ته پاڻ هميشه خوش رهن ۽ دوستن سان علمي ، ادبي ۽ ڄاڻ سان ڀرپور ليک ونڊ ڪندا رهن۔ پاڻ صحت جي خرابيء هڳندي به سنڌ سلامت سان ناتو قائم رکندا آيا آهن ۽ پنهنجي علمي ليکن سان دوستن کي به سيراب ڪندا رهيا آهن. 1000 ليک چوڻ ۾ ته اولا آهن پر ان لاء جيڪا محنت ۽ جفاڪشي اسان جي هن دوست ڪئي آهي اهو قدردان ئي سمجهي سگهن ٿا
هڪ دفعو وري اوهان کي سلام

attachment.php
ادا سليمان وساڻ صاحب توهان جا لک لائق ۽ مهربانيون جو توهان هميشه جيان منهنجي ٽارگيٽ پوري ٿيڻ تي سڀ کان پهرين توهان مبارڪون پيش ڪندا آهيون جنهن لاء مان توهان جو ٿورائتو آهيان، ادا توهان جي مهرباني جو توهان مون کي سنڌ سلامت جو هيرو ڪري لکيو آهي پر ادا اسان ته هيرو نه آهيون اسان ته زيرو آهيون، بس پيا محبت مان رنڊا روڙيندا آهيون بس دوستن کي جيئن پسند اچن، باقي اسان جو ڪو حال ڪونهي، ڪو۔ ادا وساڻ صاحب توهان سان گڏ تمام انهن دوستن جو به مان ٿورائتو آهيان، جن مون کي هڪ هزار موضوعن جي پورائي تي مبارڪ پيش ڪئي آهي۔ ادا حقيقت ته اهيا آهي ته مون کي پاڻ اهيو يقين ڪو نه هو ته مان ڪو هڪ سال اندر هڪ هزار موضون پورا ڪري ويندس مگر شايد اهيا توهان دوستن جي محبت آهي ۽ سنڌ ۽ سنڌ سلامت جي محبت ۽ چاهت آهي جنهن جي نتيجي ۾ مون هڪ سال اندر هڪ هزار موضون پورا ڪيا آهن اهي به سنڌ سلامت جي باقي سڀني ساٿين کان اڳ ۾۔ بس ادا اهيا سنڌ سلامت جي محبت ۽ چاهت جو ڪمال آهي۔ادا وساڻ صاحب مان ته اهيو ٿو محسوس ڪريان ته توهان جي محنت به ڪنهن کان گهٽ نه آهي ۽ توهان به شايد مون وانگر سنڌي ادب، تاريخ جا شوقين آهيو جو توهان به مون وانگر انهن عنوانن تي پنهنجا مضمون سنڌ سلامت جي فورم تي لکندا ۽ ونڊ ڪندا رهندا آهيو۔ ۽ مان توهان جا به مضمون پڙهندو آهيان جنهن ۾ پڻ سنڌ دوستي کان وٺي دين اسلام تائين معلومات هوندي آهي، جيڪا پڻ تعريف جي لائق آهي۔ توهان کان علاوه ڪجهه ٻيا دوست پڻ آهن جن کي سنڌي ادب سان لڳاءُ آهي، ۽ سنڌي ادب بابت ونڊون ڪندا رهندا آهن۔۔۔ ادا سليمان وساڻ صاحب بس الله جا اهي ڪرم ۽ احسان آهن جنهن اسان کي ايتري همت ۽ طاقت ڏني آهي جو اسان ڪجهه نه ڪجهه خريدارن ۾ پنهنجو نالو لکرائڻ جهڙا ٿيا آهيون، ورنه هي ناچيز بندو ڪنهن ڪم جي لائق ئي نه آهي۔۔ ادا مان ته محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب جو به ٿورائتو آهيان جو اسان کي ههئڙو سنڌ سلامت جهڙو فورم مهيا ڪري ڏنو اٿس۔ ۔
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

مست جي طرفان به سنڌ سلامت جي محنتي دوست سائين ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوعن جي منزل تي رسڻ‌ تي دل جي گهراين سان مبارڪ باد هجي۔۔۔ 1000 موضوع ڪا عام ڳالهه نه آهي، اهو به معلوماتي، ناياب ليک۔۔۔ زبردست۔۔۔۔​
ادا مست صاحب توهان جون به مهربانيون جو توهان به مون کي هميشه ياد رکيو آهي ۽ هر موقعي تي ناهي وساريو، ادا مان توهان کان شرمنده آهيان جو مان توهان جي ڀاءُ جي وفات تي توهان وٽ اچي نه سگهي، ۽ ان جو سبب منهنجي بيماري هئي، ادا مان انهن ڏينهن ۾ ڪاڏي نڪري نه پيو سگهان، ۽ حقيقت ته اهيا آهي ته هيئر به منهنجي صحت اڃان بلڪل درست نه آهي بس اهيا توهان سڀني دوستن جي ۽ سنڌ سلامت جي محبت ۽ چاهت آهي جو سنڌ سلامت تي ڪجهه نه ڪجهه ونڊ ڪري وجهندو آهيان، ادا توهان جي ڀاء وٽ هت ڪراچي اسپتال به انهيء ڪري پهچي نه سگهيو هئس، جنهن لاء مان توهان کان مٿذرت پيو ڪيان ۔۔ اميد ته منهنجي مجبوري سمجهندا، ادا منهنجي ته اهيا دعا آهي ته رب پاڪ توهان جي ڀاءُ جون بشري خطائون ميٽي ڪري جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آمين۔
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

سائين محترم ممتاز وگهيو صاحب جن کي اسان پاران به وڌايو۔
سائين جن هر ليک مان اها خبر پوندي آهي ته سائين جن ڪيترا محنتي ۽ علمي دوست آهن۔


الله تعالى انهن جي علم ۾ اڃان واڌرو ڪري۔۔(آمين)[/size]

ادا عاشق صاحب توهان جون به محبتون ۽ قرب چئبا جو توهان به مون کي هر تحرير ۾ ياد رکيو آهي ۽ منهنجي هر تحرير جو تقريبن جائزو ورتو آهي ۽ ان کي پسند ڪري پنهنجي خيالات کان آگاهه ڪيو آهي، ادا بس محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب جون مهربانيون آهن جو اسان کي اهڙو هڪ فورم مهيا ڪري ڏنو اٿس جنهن سان اسان پنهنجي دل جا سور ڏک درد ۽ خوشيون هت هڪٻئي سان ونڊ ڪري سگهون ٿا، ۽ هڪٻئي جي مدد سان ڪجهه معلومات هڪٻئي تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب وڇون ٿا۔ ادا عاشق سولنگي صاحب وري به توهان جي مهرباني، ۽ قرب۔۔۔۔
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

السلام عليڪم حق موجود

سائين محترم ممتاز علي وگهيا صاحب اوهان کي هن عاجز طرفان به مبارڪون قبول هجن اوهان جي هر تحرير ۾ تحقيق ، تدقيق محنت ۽ محبت سمايل هوندي آهي سائين جن جي هر پوسٽ مان ضرور پڙهندو آهيان اهو سوچي ڪري ته ادي جي محنت سان اسان کي ضرور فايدو رسندو آهي ڇو ته ادي جو اڪثر رپورٽون ۽ علمي مقالا تمام بهترين ۽ من کي موهيدڙ هوندا آهين
اوهان جي ساٿ سان سنڌ سلامت جو پيار ڀريو اڱڻ هميشه مهڪندي نظر ايندو آهي ۔ ان محبت جي موٽ ۾ اوهان کي الفت ڀريو سلام ۽ ڪجهه هي تحفه قبول پون۔


000e052r2vf.jpg
ادا علي ظفر عرف علي علي صاحب وعليڪم سلام ۽ حق موجود سدا موجود ۔۔۔ ادا توهان جي مهرباني جو توهان منهنجن تحريرن کي پڙهڻ سان سان گڏ انهن تي ڳالهايو به ٿا، جنهن لاء مان توهان جو شڪرگزار آهيان، اميد ته اهڙي نظر آئيندا به ڪندارهندا مهربانيون۔ ادا پنهنجي ڪوشش ته اهيا هوندي آهي ته سنڌ سلامت کي سينگاريندا رهون ۽ ان لاء محنت ڪوشش ۽ جدو جهد به ڪندا رهندا آهيون، ۽ منهنجي اهيا ئي ڪوشش هوندي آهي ته سنڌ سلامت جي دوستن لاء گهڻي مان ًهڻو مواد ونڊ ڪجي، ادا اهيا به هڪ حقيقت آهي ته انٽر نيٽ هڪ وڏو نشو آهي پر مان ته اهيو چوندس ته اسان جيڪي سنڌي سنڌ سلامت مان وقف آهيو انهن لاء سنڌ سلامت به هڪ وڏو نشو آهي، جڏهن ته ادا منهنجي صحت اڃان بلڪل صحيح نه آهي ۽ مون کي آغا خان اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي ۔۔ ڊاڪٽر ڪشور جمال ته ڪمپيوٽر تي ويهڻ کان ئي منع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مان انهيء دوران ٻه دفعا اسپتال ۾ داخل به ٿي چڪو آهيان۔۔ مگر ادا ڇا ڪيان منهنجي سنڌ سلامت ۽ سنڌ سلامت جي ساٿين کان دل پري ٿيڻ ئي نه ٿي ڏئي۔ ۽ باوجود منع ڪرڻ جي مان سنڌ سلامت تي به نظر ايندو آهيان۔ ۽ سمجهو ته سنڌ سلامت ته منهنجي لاء هڪ نشو ٿئي ويو آهي۔۔۔ ۽ ادا اهيا به حقيقت آهي ته مان جيترو وقت به ڪمپيوٽر تي ويهندو آهيان ان مان 90 سيڪڙو ته مان سنڌ سلامت جي فورم تي ئي موجود هوندو آهيان۔۔۔سنڌي ٻولي سان ٻٽيهه جو دليون آهن ادا علي ظفر صاحب وري به توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي لاء هي الفاظ استعمال ڪيا آهن ۔۔۔۔( ادي جو اڪثر رپورٽون ۽ علمي مقالا تمام بهترين ۽ من کي موهيدڙ هوندا آهين۔۔۔ علي علي ۔۔ )
 
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام

سنڌ ۽ سنڌيت تي معلوماتي ليک ونڊ ڪرڻ جيڪڏهن ڪنهن کي سکڻا آهن ته ادي ممتاز کان سکي ۔۔۔ سندس هر هڪ ليک ائين مڪمل ڪيل هوندو آهي جو ان ۾ ڪنهن ٻي شئي کي ڳنڍڻ جي گنجائش، نه جي برابر هوندي آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت سان دوستي نڀائڻ به جيڪڏهن ڪنهن کي سکڻي هجي ته ممتاز کان سکي ۔۔۔ لڱائي هجي يا چڱائي، ليک تي ڪجهه موٽ ملي يا نه ۔۔۔ دوست کيس چڱو چون يا مٺو پر ممتاز پنهنجي ڌن ۾ مگن، سنڌ سلامت سان پنهنجي ياري نڀائڻي آهي ته نڀائڻي آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت جي دوستن سان دوستي ۽ اخلاق جا دائرا وڌائڻ ڪنهنکي سکڻا آهن ته ممتاز کان سکي ۔۔۔ اختلاف به ڪندو ته پيار ۽ اخلاق جي دائري ۾ ۽ جيڪڏهن ڪنهن اختلاف کي منهن ڏيندو ته به پيار ۽ اخلاق سان ۔۔۔

مطلب ته ممتاز هن اڱڻ جو هڪ اهڙو بااخلاق دوست جنهن جو وچ ۾ ويهڻ باعث راحت آهي ۔۔۔

دوست ممتاز، منهنجون دعائون ۽ نيڪ خواهشون اوهان سان، باقي پنهنجي انگن واري ياري آهي ئي ڪون ۔۔۔۔1000 يا 5000 يا لک ليک سنگت تان ۽ سنڌيت جي سر تان نثار ۔۔۔اڃان منزل اڳتي آهي ۔۔۔ اميد ته ساٿ سلامت رهندو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سائين نثار ابڙا صاحب توهان جون مهربانيون قرب ۽ لک لائق جو توهان پورو سال منهنجي هر تحرير تي ايڪسپريس نيوز وانگر هر خبر تي نظر وانگر ۔۔ نظر رکي آهي ۽ ان منهنجي تحرير تي پنهنجا خيال پيش ڪيا آهن جنهن لاء مان اوهان جو ٿورائتو آهيان، ادا نثار صاحب توهان منهنجي لاء تمام سٓٺا ۽ مون کي ونندڙ الفاظ استعمال ڪيا آهن ته ۔۔۔ ( سنڌ ۽ سنڌيت تي معلوماتي ليک ونڊ ڪرڻ جيڪڏهن ڪنهن کي سکڻا آهن ته ادي ممتاز کان سکي۔۔۔ نثار ابڙو ) سو ادا ان لاء عرض ته بس اسان ته سنڌ ، سنڌي ماڻهون ۽ سنڌي ٻولي جي محبت ۾ پيا ڪچا ڦڪا رنڊا روڙيندا آهيون، اسان وٽ ته سنڌ ۽ سنڌيت تي لکڻ لاء الفاظ ئي ڪونهن۔ بقول مرحوم سائين تاجل بيوس صاحب ته ۔۔۔ سنڌ منهنجي امان ، ڇا لکي ڇا لکان۔۔۔ بس ادا محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب جن جون مهربانيون آهن جو اسان کي ههئڙو سنڌي ٻولي تي ڳالهائڻ لاء فورم مهيا ڪري ڏنو اٿس، اسان ته محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب کي هميشه دعائون ئي ڪنداسين۔ ۽ دعا آهي رب پاڪ محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب کي صحت سان گڏ عمر دراز عطاء ڪري آمين۔۔ جو سمون صاحب سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندو رهي۔ ادا هي سنڌ سلامت اها اوطاق آهي جنهن ۾ وڻ وڻ جي ڪآٺي ٿي اچي گڏ ٿئي، ۽ هر ڪآٺي جي پنهنجي خوبي آهي، جيڪا هر روز هن سلامت تي پنهنجو جوهر ڏيکاريندي آهي،،
ادا ابڙا صاحب مان ته توهان جي همت ۽ عزمت کي به سلام پيش ڪندس جو توهان سنڌ سلامت هر ساٿي جي تقريبن هر تحرير هر ونڊ تي پنهنجي نظر رکو ٿا ۽ ان جو هڪ تفصيلي مفصل، ۽ جامع جواب به ڏيو ٿا، ۽ توهان جي ان جواب ۾ به بهترين معلومات هوندي آهي، ادا ابڙا صاحب اهيا توهان جي محبت ۽ حوصلاافزائي آهي جو مون جهڙي سست ماڻهون به سڀ کان پهرين هڪ سال جي اندر هڪ هزار موضون سنڌ سلامت تي پورا ڪيا آهن۔جنهن لاء اوهان تمام ساٿين جون مهربانيون ۽ قرب۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top