ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
جواب: ممتاز علي وگهيو کي 1000 موضوع مڪمل ڪرڻ تي سلام
ادا طاهر سنڌي صاحب توهان جون به مهربانيون جو توهان منهنجي هر تحرير جو جائزو وٺي ڪري پنهنجا خيال پيش ڪندا رهيا آهيو، جنهن لاء مان توهان جو ٿورائتو آهيان، ادا باقي بقول سائين نثار ابڙو صاحب جن جي ته 1000 ڇا، 5000ڇا۔۔۔ هت سنڌ سنڌي ماڻهون ۽ سنڌي ٻولي سان ته ڪو حساب ئي ڪونهي، بس پنهنجي ڌن ۾ لڳا رهو، پوء اڳيو جواب ڏئي يا نه ڏئي، توهان پنهنجي ڪوشش نه ڇڏيو، ۽ ڪاميابي جو اهيوئي اصول آهي، ادا سنڌ سلامت جي جن ساٿين منهنجي تحريرن کي پڙهي ڪري انهن تي پنهنجا خيالات ظاهر ڪيا ۽ انهن تحريرن جو جواب ڏنو انهن تمام دوستن جي به مهرباني، ۽ جن دوستن ميمبرن صرف منهنجن تحريرن ۽ ونڊن کي پڙهيو ۽ ڪن سبب جي ڪري جواب ڏئي نه سگهيا انهن دوستن جي به مهرباني، ان کان علاوه اهي دوست جيڪي سنڌ سلامت جا ميمبر ته نه آهن پر پنهنجي محبت مان نيٽ گردي ڪندي يا پوء فيس بڪ جي رستي منهنجي تحريرن کي يا ونڊن کي پڙهيو ۽ پسند يا ناپسند ڪيو ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار چاهيندي به ڪري نه سگهيا انهن دوستن سنڌين ڀائرن جو به مان شڪرگذار ۽ ٿورائتو آهيان۔۔ دعا آهي ته اسان جي سنڌي ٻولي سنڌي ماڻهون دنيا جي هر ڪنڊ ۾ وسندو رهي ۽ پنهنجي سنڌ امڙ کي ياد ڪندو رهي۔ادا ممتاز هن مسڪين پاران به اوهان کي لکين واڌايون ۽ اوهان جي محنت کي سلام