ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
ڇا ڪيون بابا ڪاسائين جا ريٽ وڌي ويا آهن، هتي ٻڪر ڪُٺل ڪونهي پر لڳي پيو اسان جهڙو ڪو عوامي ٻڪرو يا ٻڪري ڪُٺي پئي آهي۔ ڇا خيال آهي دوستو ڦر نه ڪهنا خبر نه هُئي۔
.
ادي اوهانجي هي ونڊ ڪيل تصوير ڏسي، پنجابي شاعر جو هڪ شعر ڪجه هن طرح ياد اچي ويو
الله تينــــون جنــــت نصيــــب ڪــــــري پاڪستـــــــان بڻـــــــاوڻ والــــــي،
سانون سمجه ڪي بڪري قرباني دي، اٿ ڇڏ گئي او ڇريان چلاوڻ والي،
اٿي جو به آيا تيسا سنگهه آيا، اسي حالـــي به حاضر آن، ڇوڊي لواوڻ والي۔
تيسا پنجابي ۾ واهولي کي چئبو آهي، جنهن سان ڊکڻ ڇوڏا لاهيندا آهن*
ادا عاشق جيتري قدر مونکي خبر آهي ته هن تصوير ۾ ڪٿي به ڪُرسي ڪانهي پر هڪڙو اي ون ڪاسائي آهي ، هٿ ۾ ڪات اٿس، پياري عوام اونڌي ٽنگي پئي آهي ان پياري عوام جي کل به لٿي پئي ۔ باقي ڪرسي ورسي ڪانهي۔ مهرباني ادا۔ادي تمام بهترين ايڊٽنگ ٿيل آهي۔۔۔باقي اها ڪرسي شي ئي اهڙي آهي۔
ادا ڏاڏل شينا، مان غريب ڪير ٿيندي آهيان ان کي انهي ڌندي تي ويهارڻ واري، پر پياري پاڪستان جي سموري پياري عوام جنهن ۾ مان ۽ تون به شامل آهيون انهي همراهه کي انهي ڌندي تي ويهاريو آهي، هاڻي انهي ڌندي ڪرڻ واري جي مرضي آهي ته وڍي ٻوٽيون ڪري يا سُنبي ۾ اونڌو ٽنگي۔ادي ڪاسائي به ڪا هاڙي ويڌن نه ڪئي هوندي۔ جي ڪاسائي ڏسندو جنهن ماڻهون کي اوهان ان جي ڌنڌي تي ويهاريو آهي ته هو ويچارو پنهنجو ڌنڌو ڇڏي ڏيندوته آءُ اهڙو برو ته ناهيان۔
وسلام
مست اسد ڀا الله مونکي ڪوڙ نه ڳالهائي ته مُلڪ ۾ ڪاسائي کُٽي ويا آهن پر غريب عوام جي صورت ۾ ڍور وڌي ويا آهن ان ڪري هڪڙو ڪاسائي امپورٽ ڪري هتي ويهاريو اٿن هن تصوير جي صورت ۾ ته غربت مٽائو ملڪ بچائو، گهٽ ۾ گهٽ توهان فلسفو ته صحيح ڳالهائيندا ڪريو۔ادي مُلڪ ۾ڪاسائي وڌي ويا آهن، ڍور کُٽي ويا آهن پوءِ ايئن ته ٿيڻو ئي آهي نه۔۔۔
سائين نثار اڄڪلهه توهان سنڌ سلامت تي گهٽ پيا نظر اچو مان ته پريشان هُيس ته ڪٿي انهن ڪاسائين جي ور ته ڪونه چڙهي ويا ۔ معاف ڪجوشبانه ادي ڪاسائي کي ڏسون، ڪاسائي جي هٿ ۾ ڪات کي ڏسون، پنهنجو پاڻ کي ڏسون، يا اُن اڏِي کي ڏسون يا سُنبي کي ڏسون جنهن ۾ عوامي ٻڪرو يا ٻڪري ٽنگي پئي آهي، توهان جي موڪليل هن زبردست مزاحيه تصوير مان خبر پئي ته توهان جي مزاحيه حس به شاندار آهي۔
ادي شبانه ذري گهٽ واڳوئن جي وات آهيان، باقي ڪاسائي پوڙها ڍور ڪونه وڍيندو آهي ۽ نڪو پوڙهن ڍورن کي ابتو ٽنگيندو آهي۔ جيڪڏهن ڪاسائين ڀُلجي پوڙهن ڍورن تي ڇُري ڦيري ته ڦاسي پوندا آهن ٽن چئن ڏينهن کان پو پوڙهن ڍورن جو گوشت کپائي سگهندا آهن۔ ان ڪري سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي ته نثار ناز ڪاسائين جي ور چڙهي۔سائين نثار اڄڪلهه توهان سنڌ سلامت تي گهٽ پيا نظر اچو مان ته پريشان هُيس ته ڪٿي انهن ڪاسائين جي ور ته ڪونه چڙهي ويا ۔ معاف ڪجو
انکان پهريان به ڪاسائي هئا انهن جا نالا ئي ڪونه آهن هن ڪاسائي تي ايتري وڏي تنقيد ڇو؟؟
انکان پهريان به تمام وڏا وڏا ڪاسائي هئا انهن کي عوام ويساري ڇڏيو آهي سنڌين جي به پنجابن جي بلوچن جي به سڀن جي تنقيد هن ڪاسائي تي آخر ڇو؟؟؟ هن ڪاسائي عوام کي گهڻو ڪجه ڏنو به آهي پر آلائي ڇو هن ڪاسائي جا پازيٽو پوائنٽ ڪائونٽ ئي ڪونه ٿا ٿين آخر ڇو مان هن ڪاسائي جي سائيڊ ڪونه ٿو کڻا پر مان هڪ حقيقت پسند ماڻهو آهيان انڪري تنقيد هرهڪ تي هجڻ کپي۔ مهرباني ڪري انکي توهان پازيٽو وٺجو مان هڪ راءِ ڏني آهي نه ئي وري ڪا ڪنهن جي سائيڊ کئي آهي۔۔۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔۔۔۔