زندگي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
زندگي جا ساري جڪڙي پئي آهي زنجيرن ۾
پوءِ به پاڻ کي نٿا ڄاڻو اسان ڇو اسيرن ‌۾؟

سدائين کاڌو پيتو سون اوهانجي مرضي جو
آهي ڪير اسان جو شمار ڪري فقيرن ۾

اهڙا هٿ جا هاڃان ڪيا آهن هتي انسانن
اهڙيون ڪڌايون ڪونهن ڪي خنزيرن ۾

ڪاٿي ڪنهن تي ۽ ڪيئين ڪري روئجي
ڀلي ڀلائي، ناهي لکي برائي اسان جي نصيبن ۾

منهنجي جسم تي لڳيون ڪئي هيون تلوارون
اهو اثر ڪٿي جو تنهنجي الفاظن جي تيرن ۾

هي منهنجو خيال آهي سمجهان ٿو ته خام آهي
ڏاڏل محبت فقط رهجي وئي آهي نظيرن ۾
 
Back
Top