نثارابڙو
نائب منتظم
هيءَ هڪ آکاڻي آهي تمام امير واپاري ماڻهون جي جنهنکي چار زالون هونديون هيون ...
* هي همراه چوٿين نمبر زال کي تمام گهڻو پيار ڪندو هو ۽ کيس تمام قيمتي ڳهن ۽ ڪپڙن سان کيس سنواري رکندو هو ۽ ان زال کي هڪ تمام وڏي ماڻهونءَ جهڙي عزت بخشيندو هو ۽ تمام گهڻي خدمت ڪندي دنيا جي سڀ کان سٺيون شيون کيس پيش ڪندو هو ...
* ٽين نمبر زال کي به تمام گهڻو ڀائيندو هو، کيس پنهنجي هن زال تي فخر هوندو هو ۽ هميشه هن زال کي پنهنجن عزيزن ۾ مثال ڏيندو ۽ نمائش ڪندو هو ... پر پوءِ به کيس اهو خوف هوندو هو ته ڪٿي هوءَ ٻي ڪنهن ماڻهونءِ سان ڀڄي نه وڃي ...
* ٻي نمبر زال سان به کيس گهڻو لڳاءُ هو ... هيءَ زال تمام سٺي سوچ واري ۽ گهڻو خيال رکندڙ هوندي هئي ... هميشه صبر ڪندڙ بلڪ سندس جي پر اعتماد زال هئي ... هن کي جڏهن به ڪا تڪليف ٿيندي هئي ته هن زال وٽ ايندو هو ۽ هيءَ کيس مدد ڪندي هئي ۽ گهڻو تڻو سندس مشڪلاتون ڏور ڪندي هئي ... مطلب هر مشڪل ۾ ساڻس ساٿ ڏيند هئي ...
* امير واپاريءَ جي پهرين زال پڻ تمام وفادار ساٿي هئي ۽ هن جي صحت ۽ مال جي وڌاءَ ۾ پڻ تمام وڏو ڪردار ادا ڪندي هئي ۽ سموري گهر جو خيال ڪندي هئي، جيتوڻيڪ هي واپاري کيس پيار نه ڪندو هو پر پوءِ به هوءَ کيس گهڻو پيار ڪندي هئي ۽ سندس تمام گهڻو خيال ڪندي هئي ... پر هي مڙس ان زال کي ڪڏهن توجهه ڪون ڏيندو هو ...
هڪ ڏينهن اهو امير واپاري سخت بيمار ٿي پيو، ۽ ڪيترن ڏينهن جي سخت بيماريءَ کانپوءِ کيس احساس ٿيو ته هاڻ هو مرڻ وارو آهي ... کيس پنهنجي ٺاٺ باٺ واري زندگي ياد اچڻ لڳي ۽ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو؛ ” هن وقت مونکي چار زالون آهن، پر جڏهن آءُ مرندس ته آءُ اڪيلو ٿي ويندس ۽ اڪيلائيءَ جي زندگي ڪيتري ڀيانڪ هوندي“ اهو سوچي کيس ڏڪڻي وٺي وئي ...
گهرايائين چوٿين زال کي ” آءُ توسان تمام گهڻو پيار ڪريانٿو، مون توکي سهڻا ڪپڙن ۽ سينگار سان سنواري رکيو آهي ۽ هميشه خيال ڪيو آهي تنهنجو ... هاڻ آءُ مرڻ ڪنڌيءَ تي آهيان، ڇا تون مونسان گڏ نه هلندينءَ ۽ منهنجو ساٿ نه ڏيندينءَ،
زال چيو؛ هر گز نه، ائين چئي هوءِ ڪمري کان نڪري هلي وئي ...
امير واپاريءَ جواب ٻڌو ته سندس حيانءُ تي ڄڻ ڇريون هلڻ لڳس ۽ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، انکانپوءِ پنهنجي ٽين نمبر زال کي سڏ ڪري چيائين ته مون سڄي عمر توسان تمام گهڻو پيار ڪيو آهي ۽ هاڻ آءُ مري رهيو آهيان، ڇا تون منهنجو ساٿ ڏيندينءَ، زال جواب ڏنو؛ نه، هتان جي زندگي وڌيڪ بهتر آهي ۽ آءُ توکان پوءِ ٻي شادي ڪندس ...
واپاريءَ جو دل ٻڏڻ لڳو ۽ ٽين نمبر زال جو جواب ٻڌي ٿڌو ٿي ويو ... انکانپوءِ ٻي نمبر واري زال کي سڏ ڪري چيائين ته ڏس آءُ هميشه توسان رجوع ڪيو آهي، جڏهن به ڪا تڪليف ٿيندي هئي ته آءُ تو وٽ ايندو هيس ۽ تون منهنجي مدد ڪندي آهين، هاڻ وري آءُ مشڪل ۾ آهيان منهنجي مدد ڪر، آءُ مري رهيو آهيان، ڇا تون مونسان ساٿ نه نڀائيندينءَ ... زال چيو معاف ڪجو هن دفعي آءُ اوهانجي ڪا مدد نه ٿي ڪري سگهان، ها آءُ تنهنجي مڙهه کي قبر تائين ضرور پهچائيندس ...
زال جو جواب ٻڌي واپاريءَ کي ڄڻ ته ڪنهن ڪارتوس هڻي ڪڍيو هجي ۽ مايوس ٿي بس مرڻ وارو هيو ته هڪ آواز آيو ...
” آءُ توسان گڏ رهندس، آءُ تنهنجو ساٿ نڀائيندس پرواه ناهي تون ڪيڏانهن به وڃين، آءُ توسان گڏ گڏ هونديس“ واپاريءَ مٿي ڏٺو ته سندس پهرين زال مٿان بيٺي هئي، سنهڙي سڪڙي پوڙهي زال ... ڄڻ بک وگهي مرندي هجي ...
واپاري ڏکياري انداز ۾ پنهنجي پهرين زال کي چيو، ” ڪاش آءُ تنهنجي وڌيڪ خدمت ڪريان ها ۽ توکي سکيو رکان هان جڏهن مون وٽ موقعو به هيو حياتي به هئي“ ۽ واپاري اکيون بند ڪري ابدي ننڊ ۾ هليو ويو ...
________________________________________
اخلاقي سبق؛
اصل ۾ اسان سڀني کي هن دنيا ۾ چار زالون آهن؛
أ. چوٿين زال آهي اسانجو جسم، ڀل اسين کيس ڪيترو به سينگاريون ۽ کيس ڪيترو به پيار ڪريون پر مرڻ کانپوءِ جسم اسانجو ناهي، مٽيءَ سان مٽي ٿي ويندو.
ب. ٽين زال آهي، اسانجو مال ملڪيت، حيثيت ۽ پئسو ... جڏهن مرنداسون ته پڪ سان ڪنهن ٻي جو ٿي ويندو.
ت. ٻيو نمبر زال آهي، اسانجو خاندان ۽ دوست، ڀل ڪيترا به اسانجي ويجهو هجن پر اسانجي قبر ۾ اسان سان گڏ ڪوئي نه هلندو ... ها قبر تائين پهچائي ضرور ويندا ... شايد
ث. پهرين زال اسانجو روح آهي، جنهن کي اسين پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪجهه به نه سمجهندا آهيون ۽ انجي سنوارڻ ۽ پرورش جو ڪو خاص بندوبست ناهيون ڪندا ...
اهو روح آهي جيڪو اسان سان تاقيامت گڏ هجي ٿو، اسانجا اخلاقي قدر اسانجي روح جي پرورش آهن ... اسانجون نيڪيون اسانجي روح جو سرمايو آهن ... اسانجي سچائي اسانجي روح جي غذا ۽ سينگار آهي ... اهي سڀ شيون اسان سان آخر تائين رهن ٿيون ... باقي سڀ شيون فنا ٿي وڃن ٿيون ۽ ساٿ ختم ڪري وڃن ٿيون ...