چار زالون

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    [JUSTIFY]هيءَ هڪ آکاڻي آهي تمام امير واپاري ماڻهون جي جنهنکي چار زالون هونديون هيون ...

    * هي همراه چوٿين نمبر زال کي تمام گهڻو پيار ڪندو هو ۽ کيس تمام قيمتي ڳهن ۽ ڪپڙن سان کيس سنواري رکندو هو ۽ ان زال کي هڪ تمام وڏي ماڻهونءَ جهڙي عزت بخشيندو هو ۽ تمام گهڻي خدمت ڪندي دنيا جي سڀ کان سٺيون شيون کيس پيش ڪندو هو ...

    * ٽين نمبر زال کي به تمام گهڻو ڀائيندو هو، کيس پنهنجي هن زال تي فخر هوندو هو ۽ هميشه هن زال کي پنهنجن عزيزن ۾ مثال ڏيندو ۽ نمائش ڪندو هو ... پر پوءِ به کيس اهو خوف هوندو هو ته ڪٿي هوءَ ٻي ڪنهن ماڻهونءِ سان ڀڄي نه وڃي ...

    * ٻي نمبر زال سان به کيس گهڻو لڳاءُ هو ... هيءَ زال تمام سٺي سوچ واري ۽ گهڻو خيال رکندڙ هوندي هئي ... هميشه صبر ڪندڙ بلڪ سندس جي پر اعتماد زال هئي ... هن کي جڏهن به ڪا تڪليف ٿيندي هئي ته هن زال وٽ ايندو هو ۽ هيءَ کيس مدد ڪندي هئي ۽ گهڻو تڻو سندس مشڪلاتون ڏور ڪندي هئي ... مطلب هر مشڪل ۾ ساڻس ساٿ ڏيند هئي ...

    * امير واپاريءَ جي پهرين زال پڻ تمام وفادار ساٿي هئي ۽ هن جي صحت ۽ مال جي وڌاءَ ۾ پڻ تمام وڏو ڪردار ادا ڪندي هئي ۽ سموري گهر جو خيال ڪندي هئي، جيتوڻيڪ هي واپاري کيس پيار نه ڪندو هو پر پوءِ به هوءَ کيس گهڻو پيار ڪندي هئي ۽ سندس تمام گهڻو خيال ڪندي هئي ... پر هي مڙس ان زال کي ڪڏهن توجهه ڪون ڏيندو هو ...

    هڪ ڏينهن اهو امير واپاري سخت بيمار ٿي پيو، ۽ ڪيترن ڏينهن جي سخت بيماريءَ کانپوءِ کيس احساس ٿيو ته هاڻ هو مرڻ وارو آهي ... کيس پنهنجي ٺاٺ باٺ واري زندگي ياد اچڻ لڳي ۽ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو؛ ” هن وقت مونکي چار زالون آهن، پر جڏهن آءُ مرندس ته آءُ اڪيلو ٿي ويندس ۽ اڪيلائيءَ جي زندگي ڪيتري ڀيانڪ هوندي“ اهو سوچي کيس ڏڪڻي وٺي وئي ...

    گهرايائين چوٿين زال کي ” آءُ توسان تمام گهڻو پيار ڪريانٿو، مون توکي سهڻا ڪپڙن ۽ سينگار سان سنواري رکيو آهي ۽ هميشه خيال ڪيو آهي تنهنجو ... هاڻ آءُ مرڻ ڪنڌيءَ تي آهيان، ڇا تون مونسان گڏ نه هلندينءَ ۽ منهنجو ساٿ نه ڏيندينءَ،
    زال چيو؛ هر گز نه، ائين چئي هوءِ ڪمري کان نڪري هلي وئي ...

    امير واپاريءَ جواب ٻڌو ته سندس حيانءُ تي ڄڻ ڇريون هلڻ لڳس ۽ کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، انکانپوءِ پنهنجي ٽين نمبر زال کي سڏ ڪري چيائين ته مون سڄي عمر توسان تمام گهڻو پيار ڪيو آهي ۽ هاڻ آءُ مري رهيو آهيان، ڇا تون منهنجو ساٿ ڏيندينءَ، زال جواب ڏنو؛ نه، هتان جي زندگي وڌيڪ بهتر آهي ۽ آءُ توکان پوءِ ٻي شادي ڪندس ...

    واپاريءَ جو دل ٻڏڻ لڳو ۽ ٽين نمبر زال جو جواب ٻڌي ٿڌو ٿي ويو ... انکانپوءِ ٻي نمبر واري زال کي سڏ ڪري چيائين ته ڏس آءُ هميشه توسان رجوع ڪيو آهي، جڏهن به ڪا تڪليف ٿيندي هئي ته آءُ تو وٽ ايندو هيس ۽ تون منهنجي مدد ڪندي آهين، هاڻ وري آءُ مشڪل ۾ آهيان منهنجي مدد ڪر، آءُ مري رهيو آهيان، ڇا تون مونسان ساٿ نه نڀائيندينءَ ... زال چيو معاف ڪجو هن دفعي آءُ اوهانجي ڪا مدد نه ٿي ڪري سگهان، ها آءُ تنهنجي مڙهه کي قبر تائين ضرور پهچائيندس ...

    زال جو جواب ٻڌي واپاريءَ کي ڄڻ ته ڪنهن ڪارتوس هڻي ڪڍيو هجي ۽ مايوس ٿي بس مرڻ وارو هيو ته هڪ آواز آيو ...
    ” آءُ توسان گڏ رهندس، آءُ تنهنجو ساٿ نڀائيندس پرواه ناهي تون ڪيڏانهن به وڃين، آءُ توسان گڏ گڏ هونديس“ واپاريءَ مٿي ڏٺو ته سندس پهرين زال مٿان بيٺي هئي، سنهڙي سڪڙي پوڙهي زال ... ڄڻ بک وگهي مرندي هجي ...

    واپاري ڏکياري انداز ۾ پنهنجي پهرين زال کي چيو، ” ڪاش آءُ تنهنجي وڌيڪ خدمت ڪريان ها ۽ توکي سکيو رکان هان جڏهن مون وٽ موقعو به هيو حياتي به هئي“ ۽ واپاري اکيون بند ڪري ابدي ننڊ ۾ هليو ويو ...
    ________________________________________
    اخلاقي سبق؛
    اصل ۾ اسان سڀني کي هن دنيا ۾ چار زالون آهن؛
    أ‌. چوٿين زال آهي اسانجو جسم، ڀل اسين کيس ڪيترو به سينگاريون ۽ کيس ڪيترو به پيار ڪريون پر مرڻ کانپوءِ جسم اسانجو ناهي، مٽيءَ سان مٽي ٿي ويندو.
    ب‌. ٽين زال آهي، اسانجو مال ملڪيت، حيثيت ۽ پئسو ... جڏهن مرنداسون ته پڪ سان ڪنهن ٻي جو ٿي ويندو.
    ت‌. ٻيو نمبر زال آهي، اسانجو خاندان ۽ دوست، ڀل ڪيترا به اسانجي ويجهو هجن پر اسانجي قبر ۾ اسان سان گڏ ڪوئي نه هلندو ... ها قبر تائين پهچائي ضرور ويندا ... شايد
    ث‌. پهرين زال اسانجو روح آهي، جنهن کي اسين پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪجهه به نه سمجهندا آهيون ۽ انجي سنوارڻ ۽ پرورش جو ڪو خاص بندوبست ناهيون ڪندا ...

    اهو روح آهي جيڪو اسان سان تاقيامت گڏ هجي ٿو، اسانجا اخلاقي قدر اسانجي روح جي پرورش آهن ... اسانجون نيڪيون اسانجي روح جو سرمايو آهن ... اسانجي سچائي اسانجي روح جي غذا ۽ سينگار آهي ... اهي سڀ شيون اسان سان آخر تائين رهن ٿيون ... باقي سڀ شيون فنا ٿي وڃن ٿيون ۽ ساٿ ختم ڪري وڃن ٿيون ...
    [/JUSTIFY]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: چار زالون

    محترم نثار ابڙو صاحب تمام بهترين ڪهاڻي اوهان شيئر ڪئي آهي...اوهانجي ڪهاڻي پڙهي ضمير کي ڪجھ ڌڪ لڳو ۽ دماغ ۾ ڳالھ ويٺي.
    سچ ته اهو آهي ته اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ يا پڙهڻ جي لاءِ نه هونديون آهن...انهن تي عمل لازمي آهي.
    اڄ ڪل اسان اهڙيون ڳالهيو پڙهيون اڻ پڙهيو ڪري ٿا ڇڏيون، ٻڌيون اڻ ٻڌيون ٿا ڪري ڇڏيو.
    اسان کي الله سائين هنن ڳالهين تي عمل جي توفيق عطا فرمائي....آمين​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: چار زالون

    جي ادا عاشق، منهنجا سهڻا سائين! ۔۔۔۔ عمل سان ئي ته زندگيءَ جون بهارون آهن ۔۔۔ ڏاهن جا سڀ ليک ۽ ڏاهن جون سڀ نصيحتون عمل ڪرڻ لاءِ ئي هونديون آهن ۔۔۔ انڪري هڪ سياڻي ڇا خوب چيو آهي ته ؛

    ڳالهين سان اولاد ناهي ٿيندو ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: چار زالون

    عمل سے زندگي بنتي ہے جنت بھي، جہنم بھي
    يہ خاکي اپني فطرت ميں نہ نوري ہے نہ ناري ہے
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: چار زالون

    ادا بهترين آهي..........
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: چار زالون

    سائين قرب

    ڪهاڻيء جي ڪهاڻي ۽ ڇا ته پيغام آهي۔ سهڻو ونڊ آهي

    سائين اوهان جا قرب ، ڪجه مصروفيتن سبب فورم کي وقت ڪونه پيا ڏئي سگهون۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: چار زالون

    واه ادا نثار واه تمام بهترين سمجهاڻي ملي وئي اوهان جي اهڙن ونڊن جو شدت سان انتظار رهندو آهي

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: چار زالون

    لاجواب سمجهاڻي آهي

    تمام سٺي نموني ڳالهه سمجهائي اٿو
    نصحيت ڀريا اهڙا ونڊ جاري رکو

    وڏي مهرباني
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: چار زالون

    ادا بهترين سمجهه ڀريي ڪهاڻي آهي ۔ انهن مان اسان کي سبق حصل ڪرڻ کپي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: چار زالون

    ادا سائين توهانجي نصحيت ڀري ڪهاڻي پڙهي هر انسان کي سبق سکهڻ گهرجي ۽ هو دنيا جي کوکلي شو شعا کي ڇڏي صحيح راه تي آچي۔توهانجي لکيل ڪهاڻي تعريف قابل آهي انجي لاء آوهان کي کوڙ ساريون مبارڪون هجن
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: چار زالون

    لاجواب ونڊ ۽ بهترين سمجهاڻي پڻ آهي

    جزاڪ الله سائين

    سدائين گڏ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
  13. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    اصل ۾ اسان سڀني کي هن دنيا ۾ چار زالون آهن؛
    أ‌. چوٿين زال آهي اسانجو جسم، ڀل اسين کيس ڪيترو به سينگاريون ۽ کيس

    ڪيترو به پيار ڪريون پر مرڻ کانپوءِ جسم اسانجو ناهي، مٽيءَ سان مٽي ٿي ويندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مونكي ياد آهي ته تقريبا هك سال اك جدهن سائين نثار صاحب جن هي موضوع ونديو ته انترنيت م بار بار مسئلو هجن كري جواب نه دئي سكهيو هوس، اج اتفاق سان هي ليك وري سامهو آيو آهي ته وري سارو واقعو تازو تهي ويو.
    سائين الله اوهان كي خوش ركي، ء اسان كي عمل كرن جي توفيق عطا فرمائي، آمين...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو