
سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ تقريبن 30 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو هڪ ڪمرشل فلم جي نمائش پيش ڪئي وئي۔۔۔۔ شاه فهد ڪلچرل سينٽر ۾ فلم ”مناهي“ کي 300 ماڻهن انتهائي خوشي سان ڏٺو ۽ سينما هال تاڙين سان وڄندون رهيو۔۔۔۔ رياض کان اڳ هن فلم جي نمائش گذريل سال ڊسمبر ۾ جده ۾ به ٿي هئي ۽ ان کي بي پناه پذيرائي به ملي ۔۔۔۔ رياض ۾ هن فلم جي نمائش جي اجارت وٺندي وٺندي 5 مهينن جو عرصو لڳي ويو۔۔۔۔۔ اها فلم سعود انٽرٽينمينٽ ڪمپني ”روتانا گروپ“ جي ذريعي پيش ڪئي وئي۔۔۔۔ جڏهن ته فلم جو پروڊيوسر سعودي جو بزنس مين عبدالحسن الماني آهن۔۔۔۔