سعودي عرب ۾ 30 سالن کانپوءِ فلم جي نمائش۔۔۔۔

'مختلف موضوع' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۾ تقريبن 30 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو هڪ ڪمرشل فلم جي نمائش پيش ڪئي وئي۔۔۔۔ شاه فهد ڪلچرل سينٽر ۾ فلم ”مناهي“ کي 300 ماڻهن انتهائي خوشي سان ڏٺو ۽ سينما هال تاڙين سان وڄندون رهيو۔۔۔۔ رياض کان اڳ هن فلم جي نمائش گذريل سال ڊسمبر ۾ جده ۾ به ٿي هئي ۽ ان کي بي پناه پذيرائي به ملي ۔۔۔۔ رياض ۾ هن فلم جي نمائش جي اجارت وٺندي وٺندي 5 مهينن جو عرصو لڳي ويو۔۔۔۔۔ اها فلم سعود انٽرٽينمينٽ ڪمپني ”روتانا گروپ“ جي ذريعي پيش ڪئي وئي۔۔۔۔ جڏهن ته فلم جو پروڊيوسر سعودي جو بزنس مين عبدالحسن الماني آهن۔۔۔۔
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    زبردست مطلب ته وڏي ايڊمن اڄڪلهه چنڊ جي دوري سان گڏ دنيا جي دوري تي پڻ آهن جو ڪڏهن اسڪندريه ، ڪڏهن قاهره احرام مصر، ڪڏهن جاپان جي مڇين جو حوال ۽ هينئر هي وري سعودي عرب ۾ فلم جي نمائيش جي ڳالهه پيا ڪن۔ اها ته ڳالهه آهي وڏي ايڊمن جي پر ننڍي ايڊمن علي علي ڀي خبر ناهي ڪٿي ڪٿي پيو گهمي قاهره کانپوءِ هڪ اڌ خبر شيئر ڪئي هُئائين پر هاڻ پتو ئي ڪونهي بهرحال وڏي ايڊمن جا شڪر گُذار آهيون جو پنهنجي سير سپاٽي جا گهٽ ۾ گهٽ اکين ڏٺا احوال ته اسان سان شيئر ڪن پيا۔ باقي سندس چنڊ جي دوري جو اکين ڏٺو احوال پينڊنگ ۾ آهي۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    ادا رشيد توهان هي شيئرنگ ته زبردست آهي پر سائين چواڻي مطلق اکين ڏٺو حال احوال شيئر ڪيو وڃي ته اصلي واه واه ٿئي وڃي shal judy hujeen

    lajwab-sharing

    sindhsalamatsaathsal
     
  4. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    سائين چنڊ ته هي بيٺو آهي توهان واري وڏي ايڊمن ته اڄ ڪلهه مشتري جي چڪر ۾ آهي۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    اها خبر باوثوق ذريعن جي طرفان توهان کي ملي آهي يا اندر جي خبر آهي يا افواهه سازي آهي ته وڏي ايڊمن مشتري تي وڃڻ جي سنبت پيو ڪري۔ ها اها خبر روز روز ايندي آهي ته خلائي شٽل ڊسڪوري روز روز پنهنجا پروگرام چينج پئي ڪري۔ ڪٿي انهيءَ خلائي شٽل جي پروگرام چينج ڪرڻ جي مين وجه وڏي ايڊمن ته ناهي۔ جو همراهه بنا ڀاڙي جي شٽل ۾ گهڙيو وڃي۔
     
  6. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    ڀاڙو ڪيترو لڳندو، مان به انهيءَ شٽل ۾ چڙهندس.[​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو