چکيا

'سنڌي ادب' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2011۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    نرمل کوهارو
    رام لال شهر جي تمام وڏن رئيسن ۾ شمار ڪيو ويندو هو، ان جو موت هڪ قسم جو سانحو هو. پر ان جي موت جنهن واقعن جي سبب ٿيو اهو هڪ عجيب قسم جو واقعو هو. هن جي موت وقت سندس عمر 30 سال هئي، صحت ۾ تمام سٺو هو ۽ هي ڪنهن بيماري ۾ ورتل به نه هيو، پر اچانڪ هڪ رات پنهنجي ڪمري ۾ مرده حالت ۾ پيو هو، هزار ڪوششن جي باوجود پوليس قاتل جي ڳولا نه ڪري سگهي، پر قاتل اصل ۾ هن جي گهر ۾ ئي موجود هيو، شيلا پنهنجي گهر واري کي زهر پياري ماري ڇڏيو هو..... سبب؟
    هو چاهيندي هئي ته ڪنهن طريقي سان هوءَ مڙس جي بئنڪ ۾ پيل 2 لکن جي دولت تي قبضو ڪري سگهي جيڪا رام لال جي نالي سان بئنڪ ۾ جمع ٿيل هئي، اگر ڏٺو وڃي ته هڪ طرح سان اها اڳي يا پوءِ کيس ئي ملڻي هئي ، رام لال جي ملڪيت اصل ۾ شيلا جي ئي ٿيڻي هئي، پر شيلا جي چالاڪ ۽ دغاباز ڀاءُ سندس ڀيڻ کي انهن روپين حاصل ڪرڻ لاءِ ان خطرناڪ ڪم لاءِ راضي ڪيو، جنهن لاءِ شيلا پنهنجي مڙس کي ڪنهن شيءَ ۾ زهر وجهي ماري ڇڏيو هو ۽ رام لال جو ڪو ٻيو ويجهو وارث ڪو نه هيو تنهن ڪري اها سڄي دولت شيلا جي هٿ لڳي.
    ۽ اهڙي طرح رام لال پنهنجي ڪمري ۾ مرده حالت ۾ پيو هو.
    ڪهاڻي اصل ۾ هاڻي شروع ٿئي ٿي، رام لال جي موت کان هڪ مهيني کان پوءِ شيلا کي بئنڪ جو ڪتاب هڪ خاني مان مليو، ڪتاب کولي جڏهن هن ڏٺو ته حيرت مان هن کان رڙ نڪري وئي، گذريل هڪ هفتي ئي رام لال جي اڪائونٽ مان ڪنهن 10 هزار روپيا رام لال جي صحيحن سان ڪڍرائي ورتا هئا، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ رام لال ته مري چڪو آهي؟ پوءِ اهي پئسا بئنڪ مان ڪنهن ڪڍرايا هوندا؟ هن يڪدم ٽيلفون کڻي بئنڪ جو نمبر ملايو ۽ مينيجر کي چوڻ لڳي:
    ”مان رام لال جي گهرواري پئي ڳالهايان“
    ”جي فرمايو“
    ” هڪ هفتو اڳ رام لال صاحب جي اڪائونٽ مان ڪنهن 10 هزار روپيه ڪڍرايا هئا، توهان ٻڌائي سگهو ٿا ته اهو ماڻهو ڪير هئو؟“
    ”جي ها بلڪل“
    ”ٻڌايو؟“
    ”ها رام لال صاحب پاڻ آيو هو“ مينيجر جواب ڏنو.
    ”ڇا پيا چئو توهان پاڻ آيو هو!؟“
    جي ها، هو پاڻ سان گڏ بئنڪ ۾ پنهنجو ڪتاب به کڻي آيو هو، جيترا پئسا هن بئنڪ مان ڪڍرايا ان جو حساب ان ڪتاب ۾ لکرائي واپس هليو ويو هو.ٻڌئو، ٻڌئو، ڇا توهان ٻڌي رهيا آهيو؟“
    مينيجر ٻه ٽي دفعا ٽيليفون تي رڙيون ڪيون پر ڪو جواب نه مليو ۽ ملي به ته ڪيئن؟ شيلا اهو جواب ٻڌي بي هوش ٿي فرش تي ڪري چڪي هئي.
    جڏهن هن کي هوش آيو ته ان کي ڪمري مان خوف ٿيڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته اهو ڪمرو مرحوم رام لال جو ئي هو، هو ان ڪمري ۾ ڪڏهن نه اچي ها پر ٽيليفون ئي هن ڪمري ۾ پيو هو، پر مجبوراً هن کي هتي اچي فون ڪرڻو هو، جلدي سان هو ان ڪمري مان نڪري پنهنجي ڪمري ڏانهن ڊوڙڻ لڳي ۽ پنهنجي ڪمري ۾ اچڻ ساڻ هو پنهنجي بستري تي ليٽي پئي. هو تمام گهڻو گهٻرايل هئي ۽ پنهنجي منهن بڙ بڙ ڪري رهي هئي ۽ سندس ساهه گهٽجندي محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ کيس موت گهيري ورتو آهي ۽ هو جلد مري ويندي. پر هو تمام گهڻي دلير ۽ هوشيار هئي، ان ڪري جلدئي پاڻ تي ضابطو آندائين ۽ پاڻ کي سنڀالي ورتائين، پوءِ خاموش ٿي سوچڻ لڳي ته اهو سڀ ڪيئن ٿيو؟ رام لال هن جي سامهون ئي چکيا ۾ سڙيو هو! پر ان ئي رام لال بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي ورتا هئا! ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي!!؟ ڪاش هو ان مسئلي کي اتي ئي حل ڪري سگهي ها پر اوچتو دروازو کڙڪيو جنهن سان هن جي سوچن جو سلسلو هڪدم ٽٽي پيو، دروازي کڙڪڻ جو طريقو تمام عجيب هو ۽ گهر جي ڪا نوڪرياڻي ان طريقي سان دروازو ڪو نه کڙڪائيندي هئي.
    ”ڪير آهي!؟“ هو گهٻرائجي وئي.
    ”دروازو کوليو......مان آهيان......“
    ”مان ڪير؟“
    ”تنهنجو گهروارو........رام لال“
    نه.........!“ خوف سبب سندس آواز ئي نه نڪتو.
    ”اها ته منهنجي شرافت آهي جو توکي دروازي کولڻ جو چئي رهيو آهيان“ وڏي ڪڙڪي واري آواز ۾ رام لال چيو، ”نه ته مون کي ڪير به نڪي اندر اچڻ کان ۽ نڪي ٻاهر وڃڻ کان روڪي“ مان جڏهن چاهيان اندر اچي سگهان ٿو ۽ جڏهن چاهيان واپس وڃي سگهان ٿو.
    ”پر ڇا تو دروازو نه کوليندين ڇا؟“
    ”نه نه........ هليو وڃ......هليو وڃ....“
    زور زور سان ڌٻڪن جو آواز آيو ۽ دروازي جي وچان هڪ روح رام لال جي شڪل ۾ اندر داخل ٿيو، دروازو ته بند هئو پر هي هي روح اندر اچي چڪو هو. شيلا تمام خوفناڪ ۽ دل ڏاريندڙ رڙيون ڪرڻ لڳي ۽ پوءِ ڪجهه دل ڪري رام لال ڏانهن ڏسڻ لڳي.
    رام لال جو جسم غائب هو، بس صرف هڪ منهن ۽ ٻه سڪل هٿ نظر اچي رهيا هئا، منهن به سُڪل نظر اچي رهيو هو. گوشت ڪاغذ جو لڳي رهيو هو، اکين جي جڳهه تي ٻه وڏا کڏا نظر اچي رهيا هئا وات بند هو پر ان مان آواز اچي رهيو هو ۽ منهن هر طرف گهمي ڦري سگهيو ٿي.
    ”مون کي سڃاتوَ..... منهنجي پياري گهرواري.....مان لال رام آهيان، تنهنجو گهروارو رام لال آهيان.“
    ”ڀڳوان کي مڃو هتان هليا وڃون........ نه ته... مان مري وينديس“
    ”تون اڃان ڪو نه مرندئين....... منهنجي دولت تي قبضو ڪرڻ واري عورت تون اڃان ڪو نه مرندئين. تون اڃان مون سان ڳالهيون ڪندئين ۽ مون کي چانهه ڪري پياريندين..... تون ڏڪي ڇو رهي آهين. منهنجي گهرواري........ منهنجي عزت ڪر.....آخر مان تنهنجو گهروارو آهيان.“
    شيلا جو اکيون خوف سان ڀريو پيون هيون ان جي زبان سُڪي رهي هئي، لڳي رهيو هو جهڙو هو ساهه به نه پئي کڻي ان کي خاموش ڏسي رام لال جي روح چيو:
    ”خير ڇڏ ان سڀن ڳالهين کي جيڪو ٿيڻو هو سو ته ٿي چڪو آهي، تون مون کي مارڻ چاهين پئي سو آئون مري چڪو آهيان. تو مونکي زهر ڏيئي ماريو، زهر ڏيڻ جي ڪري ڏس منهنجو منهن ۽ هٿ ساوا ٿي چڪا آهن، مان توسان ڪا به شڪايت ڪرڻ نه آيو آهيان، مان ته صرف ايترو چوڻ آيو آهيان ته هڪ هفتو اڳ بئنڪ مان ڪڍرايل 10 هزار روپيا ۽ 3 لک روپين جا نوٽ مان هيٺئين زميني ٺڪاڻي ۾ لڪائي رکيا آهن، منهنجي ملڪيت اهڙي ٺڪاڻي ۾ لڪائڻ کان وڌيڪ بهترين جڳهه ڪا به نه هئي، ان ڪري اها سڀ دولت هيٺ محفوظ آهي، شيلا بئنڪ وارا پئسا ته توکي ملي ئي ويندا، پر هي لڪايل دولت توکي ڪيئن ملي ها؟ اهو ئي مان توکي ٻڌائڻ آيو آهيان. اچ مون سان گڏ اچ ۽ اهي رپيا وٺ.“
    ڊڄ نه.... شيلا مان توکي ڊيڄارڻ ڪو نه آيو آهيان، مرڻ کان پوءِ به مون کي تنهنجو تمام گهڻو خيال آهي، اچ اٿ مون سان گڏ هل.“
    ڪنهن اڻڄاڻ طاقت جي ڇڪڻ کان اڳ پاڻ ئي اٿي بيهي رهي ۽ دروازو کولي ٻاهر وڃڻ لڳي، رام لال جو منهن ۽ ٻانهون پڻ هن جي اڳيان هلڻ لڳا.
    ”منهنجو هٿ پڪڙ شيلا“
    ”شيلا مجبورن اهو سُڪل ۽ سائو پر ٿڌو هٿ پنهنجي هٿ ۾ پڪڙي اڳتي هلڻ لڳي ۽ پوءِ ڏاڪڻ لهڻ لڳي، گهڻن ڪمرن مان گذرندي ۽ بيشمار ڏاڪڻون لهندي آخر اهي ٻئي ٺڪاڻي جي دروازي تي پهتا، دروازي کي ڌڪو ڏئي رام لال چوڻ لڳو:
    ”توکي پدمڻي ته ياد هوندي شيلا؟“
    ”نه!“ شيلا ڊڄندي ورندي ڏني.
    ”مان ٿو ٻڌايائين، پدمڻي هڪ راجپوت راڻي هئي جيڪا پنهنجي گهرواري جي مرڻ تي سندس سڙندڙ چکيا ۾ پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو هو اها پراڻي زماني ۾ راجپوت ذات جي هڪ رسم هئي. هاڻي اها رسم ختم ٿي چڪي آهي، پر مان چاهيان ٿو ته اڄ کان ان رسم جي شروعات ڪجي....“
    ”نه نه.... مونکي واپس وڃڻ ڏي“ شيلا رڙيون ڪرڻ لڳي.
    ”تون واپس نه ٿي وڃين سگهين..... پهريان اها دولت مون کان حاصل ڪر....“
    رام لال جي روح اهو چئي شيلا کي پڪڙي اندر داخل ٿي، ٺڪاڻي مان عجيب قسم جي بدبوءِ اچي رهي هئي، ڪافي پري تائين اوندهه ۾ هلڻ بعد رام لال هڪ ڪنڊ ۾ پيل الماڙي کولي. پوري الماڙي نوٽن سان ڀريل هئي، نوٽن جون تمام گهڻيون ٿهيون شيلا کي ڏنائين ۽ چيائينس ته:
    ”اچ هلون...“
    ”ڪيڏانهن....؟“
    ”چکياوٽ.... توکي هاڻي قرباني ڏيڻي آهي.......“ خوفناڪ آواز ۾ روح جواب ڏنو.
    ”مون کي ڇڏي ڏي....ڀڳوان جي واسطي مون تي رحم ڪر...!!!“
    ”بي عقل عورت .....ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين، هو ڏس پنهنجي سامهون“
    ”شيلا غور سان ڏٺو ته ان جي سامهون هڪ چکيا سڙي رهي هئي، پنهنجو پاڻ هو ان طرف هلڻ لڳي، ڪا غيبي طاقت هن کي ان طرف ڌڪي رهي هئي، چکيا وٽ پهچي هو ڊڪي ان ۾ بل ڏنو ۽ ان جي بل ڏيڻ سان ئي رام لال هڪ تمام وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ ان سان گڏ اهو منهن ۽ اهي ٻئي هٿ غائب ٿي ويا. ٻئي ڏينهن جڏهن نوڪرياڻي چانهن کڻي شيلا جي ڪمري ۾ آئي. نوڪرياڻي هن جي جسم کي ڌنڌوڙي ڏٺو ته شيلا مئل حالت ۾ هئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو