• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جي سنڌ يونيورسٽي ۔۔ يونيورسٽي اندر ٻن شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ يونيورسٽي اندر ٻن شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙو، فائرنگ، نوجوان قتل، ٻيو زخمي، هڙتال


2zoz1v9.jpg


حيدرآباد (رپورٽ: امتياز چانڊيو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ٻن شاگرد تنظيمن ۾ خوني جهيڙو، هڪ ٻئي مٿان سڌي فائرنگ ڪرڻ دوران گوليون لڳڻ ڪري هڪ شاگرد مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، مڇريل شاگردن انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ڄامشورو شهر بند ڪرائي ڇڏيو، ڪالهه ٻن تنظيمن جي ڪارڪنن سنڌ يونيورسٽي ۾ ريليون ڪڍي هڪٻئي خلاف نعريبازي ڪئي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي تنظيمن جي ڪارڪنن هڪٻئي مٿان سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب فيڪلٽي آف آرٽ جو سيڪنڊ ايئر جو شاگرد خيرپورميرس جو رهواسي 28 سالن جو بابر عباس سنديلو ۽ راجا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڄامشورو اسپتال پهچايو ويو، جتي بابر عباس سنديلو زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، جڏهن ته راجا جي حالت پڻ خراب آهي، اهڙي واقعي سبب يونيورسٽي جي شاگردن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته جساف جي ڪارڪنن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرائي هاسٽلن کي تالا هڻائي ڇڏيا، جنهن ڪري هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگرد پنهنجن ڳوٺن ڏانهن روانا ٿي ويا، جنهن بعد جساف جي ڪارڪنن انڊس هاءِ وي تي ڄامشورو لڳ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ڄامشورو شهر کي بند ڪرايو ويو، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي سبب سوين گاڏيون بيهي ويون، رينجرس ۽ پوليس جي اهلڪارن پهچي ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شاگردن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي رينجرس ۽ پوليس لاٺي چارج ڪري ڏني، جنهن دوران افضل پنهور ۽ اسحاق جمالي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پوليس شاگردن ڊاڪٽر گلزار سولنگي، افضل پنهور، خالد جمالي، جبار جهتيال، منظور احمد ۽ مقصود کي گرفتار ڪري ورتو. جساف جي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته هنن تنظيم ڪاري جي سلسلي ۾ يونيورسٽي ۾ ريلي ڪڍي، جنهن تي جسمم جي ڪارڪنن کين منع ڪيو ۽ سندن ڪارڪنن کي گوليون هنيو. هوڏانهن مقتول جو لاش سندس وارث خيرپور کڻائي ويا، جڏهن ته پوليس فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪرڻ جو ڪيس نامعلوم ماڻهن مٿان داخل ڪري ورتو آهي.

6 شاگردن جي داخلا رد، ڪلاس ۽ امتحان جاري رهندا: سنڌ يونيورسٽي

حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي جا ڪلاس پنهنجي شيڊول مطابق جاري رهندا ۽ پيپر پڻ پنهنجي مقرر وقت تي ٿيندا، جڏهن ته پوائنٽ بسن لاءِ سيڪيورٽي جو انتظام ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ يونيورسٽي انتظاميا جو چوڻ آهي ته جهيڙي ۾ ملوث 6 شاگردن جون داخلائون رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ سندن والدين کي نوٽيس جاري ڪري کين 12 فيبروري تي طلب ڪيو ويو آهي. انتظاميا چواڻي ته يونيورسٽي ۾ ڪجهه سياسي تنظيمن جا گروپ موجود آهن، جيڪي پنهنجو اثر وڌائڻ لاءِ ٿوري ٿوري ڳالهين تي هڪٻئي سان جهيڙا ڪن ٿا، انهن خلاف سخت قدم کڻي سيڪيورٽي انتظامن کي بهتر ڪيو ويندو، صبح جو 10 وڳي کان پوءِ يونيورسٽي جا گيٽ بند ڪيا ويندا ۽ رينجرس کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ لاءِ مٿي سفارش ڪئي ويندي ته جيئن شاگردن ۾ ٿيندڙ جهيڙا بند ٿي سگهن.

شاگرد جو لاش احمد پور لڳ اباڻي ڳوٺ پهچايو ويو، پيرڳوٺ ۽ سکر ۾ احتجاج

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) سنڌ يونيورسٽي ۾ قتل ٿيل احمد پور لڳ ڳوٺ تڳيل سنديلو جو رهواسي 19 سالن جي شاگرد بابر علي پٽ محمد اسلم سنديلو جو لاش سندس وارث اباڻي ڳوٺ کڻائي آيا آهن، ٻئي طرف واقعي بعد پيرجوڳوٺ ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻن سيد ابوبڪر شاهه راشدي، خادم سنڌي، امتياز جسڪاڻي، فهد مڱريو، نعيم انصاري ۽ ٻين سنڌ يونيورسٽي انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري، نعري بازي ڪئي، هنن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا هٿ سان ماحول خراب ڪري شاگردن ۾ جهيڙا ڪرائي رهي آهي. هنن مقتول شاگرد جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هوڏانهن سکر ۾ جسمم ۽ جساف جي ڪارڪنن شاگرد جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري کي لال سهيل پٺاڻ، شاهه رخ منگي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

جساف ڪارڪن جي قتل ۾ رياستي ادارا ملوث آهن: قوم پرست​

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد جي قتل واري واقعي جي قوم پرست پارٽين، سپنا، جسمم، جسقم ۽ ٻين مذمت ڪندي چيو آهي ته رياستي ادارا جساف ڪارڪن جي قتل ۾ ملوث آهن، جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته رياستي ادارا ڪارڪن جي قتل ۾ ملوث آهن، هن چيو ته بابر سنديلو جو خون رائيگان نه ويندو. هن جساف ڪارڪنن ۽ شاگردن کي اپيل ڪئي ته هو تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪن. جسقم چيئرمين بشير قريشي چيو ته واقعي ۾ ايجنسين جا نمائندا ملوث آهن، انهن کي بي نقاب ڪيو وڃي. سپنا جي ڪنوينر اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌي عوام جي نجات لاءِ عوامي سياسي جدوجهد ضروري آهي. قوم پرستن جي سياست ۾ رستا روڪ لاءِ اهڙا واقعا ڪيا پيا وڃن.

ڄام شوري ۾ دڪانن تي پٿراءُ، شهرين جو احتجاج

حيدرآباد: فائرنگ دوران شاگرد جي مارجي وڃڻ واري واقعي کان پوءِ نامعلوم نوجوانن ڄامشوري ڦاٽڪ تي دڪانن تي پٿراءُ ڪري دڪان بند ڪرايا، اهڙي عمل خلاف ڄامشوري جي دڪاندارن ۽ رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته جڏهن به يونيورسٽي ۾ شاگرد پاڻ ۾ جهيڙو ڪن ٿا ته اهي ڄامشوري شهر ۾ اچي دڪانن مٿان پٿراءُ ڪري سندن نقصان ڪن ٿا، جن کي روڪڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

بابر کي اسان قتل نه ڪيو، پلئه ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: سپاف (ش ڀ)

ڄام شورو: سنڌيونيورسٽي ۾ شاگردن جي ٻن گروپن جي جهيڙي ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي ٻئي سال جي شاگرد بابر علي سنديلو جي قتل جو الزام سپاف (شهيد ڀٽو) جي اڳواڻن مٿان مڙهڻ واري عمل تي سپاف (شهيد ڀٽو) سنڌ يونيورسٽي جي چيف آرگنائيزر عبدالخالق جوڻيجو چيو آهي ته اسان جو ڪوبه اڳواڻ يا ڪارڪن بابر سنديلي جي قتل ۾ ملوث ناهي، ان کي پنهنجي ساٿي جي گولي لڳي آهي، ان ڪري جساف جسمم وارا ڀلي واقعي جي جاچ ڪن اسان هر پلئه پلاند ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، هن چيو ته بابر اسان جو ڀاءُ هيو ۽ هن جي قتل کي پنهنجو قتل سمجهون ٿا، هن چيو ته اڳ ۾ ڪجهه سازشي ماڻهن جهيڙي جي ڪوشش ڪئي پر اسان ان کي ٽاري ڇڏيو هو، هن چيو ته اسان جي شاگرد اڳواڻ آغا عباس کي بيگناهه گرفتار ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته گرفتار ڪيل ارسلان بروهي جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان تعلق ناهي هو عام شاگرد آهي.
 
جواب: اسان جي سنڌ يونيورسٽي ۔۔ يونيورسٽي اندر ٻن شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙو، فائرنگ، نوجوان

خبر ناهي اسان ڪيڏاهن وڃي رهيا آهيون۔

ڇا هي رستو ڪنهن ترقيء ڏانهن پيو وڃي ؟؟

اسان جا نوجوان ڪهڙي رخ ڏانهن پيا وڃن ؟؟

اسان جي سياسي پارٽين جي ڪهڙي ايجنڊا آهي ؟؟

اسان جو مادر علميون اسان لاء درسگاه بجاء قتل گاه ڇو آهن ؟؟؟

اهي ۽ انهن جهڙا ڪيترائي سوال آهن، اهي سوال ڪنهن کان پڇجن ، هتي ڪير ذميوار آهي ؟ اڃان تائين ته اسان اهو به سمجهي ڪونهيون سگهيا۔ هنن درسگاهن ۾ استاد ، شاگرد ، انتظاميه سڀ سنڌي آهن پوء به هي سڀ ۔۔۔۔۔۔۔۔

ان ماء ، پيء ، ڀاء ۽ ڀيڻ جي ڪهڙي صدا هوندي جن الائي ڪيترا سهانا سپنا ڏٺا هوندا

ڪنهن در ڏيون دانهڙي ؟؟
 
جواب: اسان جي سنڌ يونيورسٽي ۔۔ يونيورسٽي اندر ٻن شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙو، فائرنگ، نوجوان

انا لله وانا عليه راجعون

رب العالمين سنڌي نوجوان جي مغفرت فرمائي ۽ سندس خاندان کي صبر جميل عطا ڪري ۔۔۔

سنڌ جي تعليمي ادارن کي هٿ وٺي تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي ۔۔۔ سنڌ جي سڀني سڄڻن کي گذارش اهي ته خدارا، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ تعليم جي معيار وڌائڻ ۽ اهڙن خوني جهڳڙن کي بند ڪرائڻ جا يقيني قدم کڻن ۔۔۔

جيئن ته دنيا جي سڀني تعليمي ادارن ۾ ننڍا وڏا گروهه ٿين ٿا ۽ هٿا پائي به ٿئي ٿي پر هٿيارن جو استعمال نه ٿيندو آهي ۔۔۔ ڪنهن انسان جي جان جي اهميت کي سمجهڻ گهرجي ۽ پنهنجي ئي قوم جي نوجوانن کي مارڻ واري رسم ختم ٿيڻ گهرجي ۔۔۔۔

رب العالمين سنڌين جي ايمان سگهه وڌائي ۽ کين حقيقي دشمن سان وڙهڻ جي سگهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
 
جواب: اسان جي سنڌ يونيورسٽي ۔۔ يونيورسٽي اندر ٻن شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙو، فائرنگ، نوجوان

انا لله وانا عليه راجعون
اسانکي نوجوان جو دلي ڏک ۽ صدمو تمام گهڻو آهي.
بابر سنڌيلي جو فيس بوڪ اڪائونٽ وزٽ ڪرڻ جي لاءِ هتي ڪلڪ ڪندا.
 
جواب: اسان جي سنڌ يونيورسٽي ۔۔ يونيورسٽي اندر ٻن شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙو، فائرنگ، نوجوان

انا لله وانا عليه راجعون

رب العالمين سنڌي نوجوان جي مغفرت فرمائي
۽ سندس خاندان کي صبر جميل عطا ڪري
 
Back
Top