ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
پاڪستاني ڄائي آمريڪي وٽرنري ڊاڪٽر عنايت ڪاٺيو آمريڪا ۾ بغير آپريشن ڪتي جي هڏين کي درست ڪري ماڻهو حيران ڪري ڇڏيا، فائبر گلاس نالي هڪ سخت، مضبوط، هلڪو، آسان، چٻو ۽ ڪٽڻ وارو هڪ مٽيريل آهي، جنهن سان ڪتي جي ٽٽل هڏين کي درست ڪرڻ جو ڪارنامو ڊاڪٽر عنايت ڪاٺيو سرانجام ڏنو آهي. ان سان چئن هفتن ۾ ٽٽل هڏيون جڙيو وڃن ٿيون. هي علاج سستو آهي ۽ هڏين جي ٽٽڻ سان پيدا ٿيل مسئلن کي به حل ڪري ٿو، ڊاڪٽر عنايت ڪاٺيو هڪ نينگري مس لوديا جي ڪتي کي بغير آپريشن جي فائبر گلاس سان علاج ڪري سندس ٽٽل هڏيون جوڙي ورتيون آهن.
روزانه عبرت جي ٿورن سان