ڪجهه ڏينهن پهريان ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندي بجلي هلي وئي، جڏهن وري آئي ته ڪمپيٽر تي هڪ عجيب صورتحال تي وئي، ڪجهه فولدر جن تي مان ڪم پيو ڪريان، اهي وري نه پيا کلن، ڊيليٽ به نه پيا ٿين، جڏهن سائيز چيڪ پئي ڪيم تي سئو جي بي پي ٻڌايائين، پر منهنجي ڪمپيوٽر ۾ ته 20 جي هارڊ ڊسڪ آهي، ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪيم ته مسئلو حل ٿي ويو، هاڻي مون کي ٻڌايو ته اهو مسئلو چو آيوء پاڻهي ڃاڻهي ڪيئن ٺيڪ ٿي ويو؟
ادا اهوگهڻو ڪري ايب نارمل شٽ ڊائون جي ڪري ٿيندو آهي ۽ وري جڏهن توهان سسٽم کي ري اسٽارٽ ڪيو هوندو ته ونڊوز اهي ايرر ريڪور ڪري ورتا ان لا۽ توهان جو اهو مسئلو حل ٿئي ويو . دعائن ۾ ياد
ادا ڦلپوٽو جن صحيح چيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٿورو وضاحت ڪندو هلان ته ڇو ته ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندي بجلي هلي وئي هئي ۽ آپريٽنگ سسٽم کي کليل فائيلز ۽ سافٽويئرز کي صحيح طريقي سان بند ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو ان ڪري انهن فائلز جو خراب ٿيڻ هڪ معمول جي ڳالهه آهي۔۔۔ انهن فائيلز جي خرابي جي ڪري هارڊ ڊسڪ تي غلط انٽريز (Invalid File Entries) ٺهي وينديون آهن۔۔۔ جنهن ڪري انهن جي سائيز وڏي ڏسڻ ۾ ايندي آهي۔۔۔۔ جنهن کي فائيل سسٽم ايرر پڻ چوندا آهن۔۔۔۔۔ ڇو ته هي مسئلو عام آهي ان ڪري مائڪروسافٽ ونڊوز جي سڀني ورجنن ۾ ان جي حل لاءِ اسڪين ڊسڪ ۽ چيڪ ڊسڪ نالي يوٽيليٽيز موجود آهن۔۔۔ جڏهن به ڪمپيوٽر غير معمولي طور بند ٿيندو آهي ته ونڊوز ٻيهر هلڻ تي مختلف ڊرائيوز کي فائيل سسٽم ايررز جي لاءِ اسڪين ڪندي آهي۔۔۔۔ انهن ٻنهي يوٽيليٽيز ۾ اها صلاحيت موجود هوندي آهي ته اهي فائيل سسٽم جي ايررز کي هٽائين۔۔۔ ادا وحيد توهان شايد چيڪ ڊسڪ يوٽيليٽي کي ڊرائيوز سڪين ڪرڻ نه ڏنو۔۔۔ ان جي ڪري ئي فائل سسٽم جا ايررز هٽي نه سگهيا ۽ ٻئي دفعي جڏهن توهان ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪيو ته توهان چيڪ ڊسڪ يوٽيليٽي کي ڊرائيوز اسڪين ڪرڻ ڏنو جنهن سان تمام فائيلز سسٽم ايررز هٽي ويا۔۔۔۔ هي ڳالهه انتهائي اهم آهي ته جڏهن به ڪمپيوٽر غير معمولي طور بند ٿئي ۽ توهان ڪنهن اهم فائيل تي ڪم ڪندا هجو ته ضروري آهي ته ڪمپيوٽر کي ٻيهر کولڻ تي چيڪ ڊسڪ يوٽيليٽي کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو۔۔۔۔ ٻي صورت ۾ توهان به سائين نثار ناز وانگر پنهنجي ڪم واري فائيلز کان مڪمل طور محروم به ٿي سگهو ٿا۔۔۔۔۔۔
ادا زاهد مونکي پڪ هئي ته مونسان صرف توهان ئي متفق ٿيندا۔ pasand يا وري فقير ڦلپوٽه عرف آل پاڪستان عاشق ايسوسيئشن جو ضلعي سڪريٽري، اهو ئي متفق ٿي سگهي ٿو، پر اهو عاشق ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري آهي ڪٿي ۔ suhnan saan khil sahi sindhsalamatsaathsal
ادا توهان جو جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي منهجي تنظيم ۾ ته مون کي پي ايم ڪريو hall chari hatt-pare sindhsalamatsaathsal