ادا ٿورو سمجهايو؟

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ وحيد سمون طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2009۔

  1. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    ڪجهه ڏينهن پهريان ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندي بجلي هلي وئي، جڏهن وري آئي ته ڪمپيٽر تي هڪ عجيب صورتحال تي وئي، ڪجهه فولدر جن تي مان ڪم پيو ڪريان، اهي وري نه پيا کلن، ڊيليٽ به نه پيا ٿين، جڏهن سائيز چيڪ پئي ڪيم تي سئو جي بي پي ٻڌايائين، پر منهنجي ڪمپيوٽر ۾ ته 20 جي هارڊ ڊسڪ آهي، ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪيم ته مسئلو حل ٿي ويو،
    هاڻي مون کي ٻڌايو ته اهو مسئلو چو آيوء پاڻهي ڃاڻهي ڪيئن ٺيڪ ٿي ويو؟
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا اهوگهڻو ڪري ايب نارمل شٽ ڊائون جي ڪري ٿيندو آهي ۽ وري جڏهن توهان سسٽم کي ري اسٽارٽ ڪيو هوندو ته ونڊوز اهي ايرر ريڪور ڪري ورتا ان لا۽ توهان جو اهو مسئلو حل ٿئي ويو .

    دعائن ۾ ياد
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا ڦلپوٽو جن صحيح چيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٿورو وضاحت ڪندو هلان ته ڇو ته ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندي بجلي هلي وئي هئي ۽ آپريٽنگ سسٽم کي کليل فائيلز ۽ سافٽويئرز کي صحيح طريقي سان بند ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو ان ڪري انهن فائلز جو خراب ٿيڻ هڪ معمول جي ڳالهه آهي۔۔۔ انهن فائيلز جي خرابي جي ڪري هارڊ ڊسڪ تي غلط انٽريز (Invalid File Entries) ٺهي وينديون آهن۔۔۔ جنهن ڪري انهن جي سائيز وڏي ڏسڻ ۾ ايندي آهي۔۔۔۔ جنهن کي فائيل سسٽم ايرر پڻ چوندا آهن۔۔۔۔۔
    ڇو ته هي مسئلو عام آهي ان ڪري مائڪروسافٽ ونڊوز جي سڀني ورجنن ۾ ان جي حل لاءِ اسڪين ڊسڪ ۽ چيڪ ڊسڪ نالي يوٽيليٽيز موجود آهن۔۔۔ جڏهن به ڪمپيوٽر غير معمولي طور بند ٿيندو آهي ته ونڊوز ٻيهر هلڻ تي مختلف ڊرائيوز کي فائيل سسٽم ايررز جي لاءِ اسڪين ڪندي آهي۔۔۔۔ انهن ٻنهي يوٽيليٽيز ۾ اها صلاحيت موجود هوندي آهي ته اهي فائيل سسٽم جي ايررز کي هٽائين۔۔۔
    ادا وحيد توهان شايد چيڪ ڊسڪ يوٽيليٽي کي ڊرائيوز سڪين ڪرڻ نه ڏنو۔۔۔ ان جي ڪري ئي فائل سسٽم جا ايررز هٽي نه سگهيا ۽ ٻئي دفعي جڏهن توهان ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪيو ته توهان چيڪ ڊسڪ يوٽيليٽي کي ڊرائيوز اسڪين ڪرڻ ڏنو جنهن سان تمام فائيلز سسٽم ايررز هٽي ويا۔۔۔۔
    هي ڳالهه انتهائي اهم آهي ته جڏهن به ڪمپيوٽر غير معمولي طور بند ٿئي ۽ توهان ڪنهن اهم فائيل تي ڪم ڪندا هجو ته ضروري آهي ته ڪمپيوٽر کي ٻيهر کولڻ تي چيڪ ڊسڪ يوٽيليٽي کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو۔۔۔۔ ٻي صورت ۾ توهان به سائين نثار ناز وانگر پنهنجي ڪم واري فائيلز کان مڪمل طور محروم به ٿي سگهو ٿا۔۔۔۔۔۔
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا رشيد سمان، اسان جهڙن ڪمپيوٽرن کان اڻ واقف ماڻهن کي اهڙي ناياب ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني،
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)

    سچ ٿو چوي ادو قمبراڻي۔۔۔۔
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا زاهد مونکي پڪ هئي ته مونسان صرف توهان ئي متفق ٿيندا۔ pasand
    يا وري فقير ڦلپوٽه عرف آل پاڪستان عاشق ايسوسيئشن جو ضلعي سڪريٽري، اهو ئي متفق ٿي سگهي ٿو،
    پر اهو عاشق ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري آهي ڪٿي ۔ suhnan saan khil sahi sindhsalamatsaathsal
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    ادا توهان جو جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي منهجي تنظيم ۾ ته مون کي پي ايم ڪريو hall chari

    hatt-pare


    sindhsalamatsaathsal
     
  8. اختر علي

    اختر علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 جولائي 2009
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا وحيد سمون مونکي لڳي ٿو ته ادا ڦلپوٽو فقير سحيح آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو