• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ٺاهڻ جو رڪارڊ ڀارت وٽ

جواد رضا

سينيئر رڪن
ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ٺاهڻ جو رڪارڊ ڀارت وٽ

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ٽيم جو اعزاز ڀارت وٽ آهي جنهن 2007ع ۾ برموڊا خلاف 5 وڪيٽن جي نقصان تي 413 رنسون ٺاهيون هيون جيڪو هيل تائين ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ آهي، ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ۾ ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪندڙ ٽيم سريلنڪا جي آهي جنهن 1996ع ۾ ڪينيا خلاف 5 وڪيٽن جي نقصان تي 398 رنسون ٺاهيون هيون. ان ميچ ۾ ارونڊا دي سلوا 115 بالن تي 5 ڇڪن ۽ 14 چوڪن جي مدد سان 145 رنسون ٺاهيون هيون. ٽئين نمبر تي سريلنڪا خلاف 1999ع جي عالمي ڪپ ڪرڪيٽ ۾ ڀارت 373، جڏهن ته 1987ع جي عالمي ڪرڪيٽ ڪپ ۾ ويسٽ انڊيز سريلنڪا خلاف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 360 رنسون ٺاهيون هيون.
 
Back
Top