ادا ابوزين تُنهنجي هن پوسٽ موڪلڻ تي مُنهنجي طرفان مُبارڪباد قبول ڪندا ۔ اسان پُراڻن ڪتابن ۾ پڙهيو هو جنهن ۾ ياد ٿو پوي ته اهو مثال لکيل هو ته ائي مُئي کي شل ڪا مُنهن ۾ اُماڙي پوي۔ ٿورو سوچيو وڃي پاڪستان جو هر ٻيون ماڻهو فخريه انداز سان مُنهن ۾ اُماڙي وجهيو هلي۔ پاڻ ته پنهنجي ٻيڙي ٻوڙيو هلي پر ڪُنڊ پاسن کان بيٺل ۽ ويٺل ماڻهن جِي صحت جي به پرواهه ڪونه ٿو ڪري۔ خاص ڪري بسن ۾ اهڙا ماڻهو اسان کي عام جام نظر ايندا چند ڪلاڪن جي مُسافري ۾ اهڙن ماڻهن جو محبوب مشغلو هوندو آهي سگريٽ ڇڪڻ ائين لڳندو آهي ۔ همراهه صرف بس جو سفر صرف سگريٽ ڇڪڻ لاءِ اختيار ڪيو آهي۔