شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار رضوان گل کي جنم ڏينهن جون واڌايون

'جنم مبارڪ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ سلامت جي ساٿي ، نئين ٽهيء جي شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار محترم رضوان گل کي جنم ڏينهن جون واڌايون ۔ محترم رضوان گل لاڙڪاڻي جي مهراڻ ادبي مرڪز سان لاڳاپيل هئڻ سبب هن وقت نه صرف عملي طور پر فيس بوڪ ۽ انٽرنيٽ تي به سنڌي ٻوليء جي ترقي ۽ واڌاري لاء اڻٿڪ ڪوششون وٺي رهيو آهي۔

    رضوان گل شاعري ۽ ادبي حوالي کان علاوه ڊگري ڪاليج ۾ گريجوئيشن جا ڪلاسز ، علامه اقبال يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪلاسز ۽ مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۾ ڪيترائي ليڪچر ڏيندو رهي ٿو۔ رضوان لاڙڪاڻي جي جيوگرافي تي ست تحقيقي مقالا ۽ مهين جي دڙي جي کوٽائي بابت تحقيق به ڪري چڪو آهي۔ سندس هن وقت تائين پنج ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪجهه ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن.

    سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون۔ سندس فيس بوڪ ۽ انٽر نيٽ تي ڪيل ڪم تاريخي آهي جنهن ۾ پاڻ هند ۽ سنڌ جي سڀني ادبي شخصيتن ۽ شاعرن جي تصويري تاريخ سهيڙڻ ۾ مصروف آهن۔ ان کانسواء چونڊ شاعرن جي چونڊ شاعريء جي چترڪاري به ڪو کانئس سکي۔

    ڏســو اڄ هي ڪــهڙو گـــل ٽـڙيو آ باغ ۾
    جنهن جي خوشبوءِ تي ميلو مڙيو آ باغ ۾
    سڀئي ڏيو مبارڪ مٺري”گل“ رضوان کي
    اڄ جنهن مــٺڙو مـٺڙو قــدم ڌريو آ باغ ۾

    آزاد آخوند
    تعارف

    نالو : رضوان الحق ولد ڊاڪٽر بشير احمد پٺاڻ
    ادبي نالو : رضوان گل
    جنم : 13 فيبروري 1977، لاڙڪاڻو
    ادب ۾ سڃاڻپ جا حوالا : شاعر ،ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار
    تعليم : ايم ايس سي جيوگرافي (فرسٽ ڪلاس) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    ڪرت : ليڪچرار، هيڊ آف جيوگرافي ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو

    تعليمي ذميواريون :

    ڊگري ڪاليج ۾ گريجوئيشن جا ڪلاسز
    علامه اقبال يونيورسٽي ۾ پوسٽ گرجوئيٽ ڪلاسز
    مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۾ ڪيترائي ليڪچر

    تحقيقي ڪم :

    لاڙڪاڻي جي جيوگرافي تي 7 تحقيقي مقالا ۽ مهين جي دڙي جي کوٽاهي بابت تحقيق

    مختلف تنظيمن سان وابستگي:

    سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت هاسٽل شاخ ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    انفارميشن سيڪريٽري؛ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي
    پريس سيڪريٽري؛ سچل ادبي مرڪز
    ايڊيٽر: ماهوار ”شعور“ لاڙڪاڻو
    ايڊيٽر ” جيو مئگ“
    ميمبر: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو
    ميمبر: نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن

    ڇپيل ڪتاب :

    ”پنج ڏينهن“ سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين جو ترجمو

    ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ (سنڌي جي مختلف شخصيتن تي مضمون، خاڪا)،

    ”پيار جي پهرين بارش“ شاعريءَ جو مجموعو

    ”جاگرافيءَ جي لغت“

    ”سپنن جو انت“
    ڪهاڻيون

    روزاني ”عوامي آواز“، ”هلال پاڪستان“ ۽ ”جاڳو“ ۾ 1994 کان ڪرنٽ افيئرس تي 700 کان مٿي ڪالم ۽ مختلف شخصيات جي جنم ڏينهن ۽ ورسين جي مناسبت سان ڇپيل مضمون.

    ايوارڊ:

    1. ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ
    پاران: عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ
    2. بهترين ڪهاڻيڪار ايوارڊ، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو
    دعا آهي ته پاڻ هميشه خوش رهن ۽ زندگيء جون ڪيئي بهارون مسڪرائيندي ملهائن۔


    [​IMG]
    سنڌ سلامت جي ٽيم 17 جنوري 2011 تي لاڙڪاڻي ۾ سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء سان ملاقات ڪئي. عبدالرشيد سمون ، رضوان گل ، مولوي رحيم بخش ڏاهري ، محمد سليمان وساڻ ، سائين عبدالماجد ڀرڳڙي ، بشير احمد شاد ۽ سائين بخش وساڻ​
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 فيبروري 2015
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نئين ٽهيء جي شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار محترم رضوان گل کي جنم ڏينهن جون واڌاي

    سائين محترم رضوان گل جو فيسبڪ تي ڪيل ڪم، مون ڏٺو ته اصل دل چاهيو ته کيس وڃي مٿي تي ڍير ساتريون پپيون ڏيان ۔۔۔ ماڻهون آءُ پڻي ۾ مبتلا ٿي پنهنجيون تصويرون ڪٺي ڪندا آهن پر هي ڏاهو انسان سنڌ ۽ سنڌي سڄڻن جو آلبم ويٺو ٺاهي، سنواري ۽ گڏ ڪري ۔۔۔

    رضوان گل سان هڪ يا ٻه دفعو سڌو سنئون يا معرفت سان واسطو پيو ته خبر پئي ته هي ڏاهو انسان سنڌيت جي جذبي سان سرشار پنهنجيون سموريون سگهون سنڌ تان نڇاور ڪرڻ لاءِ تيار رهي ٿو

    دوست رضوان! آءُ اوهانکي اوهانجي ڄم جون ته نه، پر اوهانکي سنڌ دوستيءَ جون واڌايون ضرور ڏيندس، سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن تي شاباسون ضرور ڏيندس، سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ تي پنهنجو پيار ضرور آڇيندس ۔۔۔ شل قبول پوي ۔۔۔ اوهان جهڙن دوستن تي جيترو فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي ۔۔۔

    سنڌي ماڻهون سهڻا جڳ جڳ شال جيئن ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    جواب: نئين ٽهيء جي شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار محترم رضوان گل کي جنم ڏينهن جون واڌاي

    کين منهنجي طرفان پن کوڙ ساريون مبارڪون۔ ساڻس گهاريل گهڙيون يادگار آهن
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: نئين ٽهيء جي شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار محترم رضوان گل کي جنم ڏينهن جون واڌاي

    محترم رضوان گل جن کي سندن جنم ڏينهن جي موقعي تي هن عاجز طرفان پڻ دعائون آهن الله تعالي سنڌ جي اهڙن نوجوانن کي سلامت رکي جيڪي پنهنجي قوم جو سرمايو آهن.
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: نئين ٽهيء جي شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار محترم رضوان گل کي جنم ڏينهن جون واڌاي

    اســــان طرفان به سائين جن کي جنم ڏينهن جو لک لک وڌايون.​
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: نئين ٽهيء جي شاعر ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار محترم رضوان گل کي جنم ڏينهن جون واڌاي

    ڌڻي کين شال هميشه خوش رکي.
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 فيبروري 2015
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل: رضوان گُل

    اسان کي آ ڏاڍي وڻي ڇوڪري،
    جا چاهت اسان جي بڻي ڇوڪري.

    هو مرڪي پئِي، ٿو صفا ايئن لڳي،
    ته معصوم آهي گھڻي ڇوڪري.

    اسان جون وفائون نه ٺُڪراءِ تون،
    اٿئي ڪوئي سائين ڌڻي ڇوڪري.

    سڄو ڄامشورو ويو واسجي،
    گھمي ٿي ائين گل هڻي ڇوڪري.

    [​IMG]


    وائي : رضوان گُل

    هٿ ڏئي منهن تي
    هوءَ شرمائي ٿي
    چوڙيون کڙڪن ٿيون

    نيڻ کڻي هر هر
    ڪنڌ جھڪائي ٿي
    چوڙيون کڙڪن ٿيون

    ناري ڪمري ۾
    ويس مٽائي ٿي
    چوڙيون کڙڪن ٿيون

    بارش ۾ پُسندي
    دل هرکائي ٿي
    چوڙيون کڙڪن ٿيون

    هٿ اشارن سان
    ڳالهه ٻڌائي ٿي
    چوڙيون کڙڪن ٿيون

    [​IMG]


    نظم : رضوان گل
    ---------

    ڇوڪريون
    پوپٽن جي پَرن جهڙيون
    ڪومل ۽ نازڪ ...
    خيالن ۾ جن جي
    اڏامڻ جون ڳالهيون
    اکين ۾ حياء
    ۽ لبن تي ڪهاڻيون
    ها مرڪن جا ٽولا
    سندن ساڻ هريل ..!
    گهمن ٿيون هوائن سان
    گڏجي جيئين
    پوپٽن جون اڏارون...

    [​IMG]
     
  9. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    پياري شاعررضوان گل کي جنم جون واڌايون[​IMG]
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    پياري رضوان کي جنم ڏڻ جون واڌايون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو