بهار آندا پٽن جا لاشا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهار آندا پٽن جا لاشا

    نسيم بخاري

    [justify]هڪ دفعو وري سنڌ جي مادي علمي لهوءَ تي لال ٿي آهي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ تعليم جا خواب کڻي ايندڙ هڪ ڳڀرو نوجوان جو قتل ٿيو آهي، بابر عباس سنديلي جي ڪک ۾ لڳل گولي سنڌ جي ساڃاهه، سنڌ جي ضمير ۽ سنڌ جي سُرت جي سيني ۾ لڳل گولي آهي، اخبارن هن واقعي تي وڏا باڪس ٺاهي هلايا آهن، اسان جي ٽي وي چئنلز ان واردات کي پڻ اهم جاءِ ڏني آهي، اهو واقعو اهو عمل ۽ ان جا اثر واقعي به ايڏا وڏا ۽ سنگين آهن جو ان کي اها اهميت ملڻ کپندي هئي، اڃا به ايئن چئون ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا هن معاملي کي جيتري گهڻي ڪوريج ڏني آهي اهو معاملو اڃا به وڌيڪ تحقيقي رپورٽنگ جو گهرجائو هو.

    پاڻ ان بحث ۾ نه ٿا پئون ته هن واقعي ۾ ڪنهن ڪنهن جو هٿ آهي، پر جنهن جنهن جو به هٿ آهي انهن جي ساک ۽ ڪردار داءَ تي آهي، اسان جي سياسي پارٽين ۾ جيڪا هڪ ٻئي خلاف نفرت، چڙ، ساڙ، بغض ۽ ڪينو توڙي ڪروڌ جڳن کان موجود رهندو آيو آهي تنهن ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجي اندر جي باهه ماري آهي.

    زيرو پوائنٽ وٽ ڪالهه جيڪو واقعو پيش آيو آهي، تنهن رڳو هڪ فرد جو ساهه نه ڪڍيو آهي پر سڄي سنڌ کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جن مائٽن جي اولاد سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهي ٿي سي وڏي ٻڏ تر جو شڪار آهن، انهن جي اندر ۾ انيڪ قسمن جا امڪاني خطرا ويهجي ويا آهن ۽ خود علم پرائيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ذهني ۽ نفسياتي ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل آهن. هنن جي ذهنن ۽ دلين ۾ هڪ ئي سوال وري وري اُڀري ٿو ته ڇا اسان جو آئيندو محفوظ آهي؟ يا اسان مان به ڪڏهن ڪنهن کي ڪا گولي ايئن ڳڙڪائي ويندي، جيئن بابر عباس سنديلي جو انت ٿيو آهي. بابر ڪمپيوٽر سائنس جي ٻئي سال جو شاگرد هو پر هاڻ هو احمد پور لڳ پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفن آهي، اهو هڪ بابر دفن ناهي پر ان جا سمورا خواب سندس خاندان جون سڄيون اميدون دفن آهن، سنڌ جو شعور اهو سوچي ٿو ته اسان کي هي آخر ڪهڙي قسم جي تباهي ۽ بربادي جي طرف ڌڪيو پيو وڃي؟ اسان ڪهڙي ڪُن ۾ ڦاسندا پيا وڃون؟ اسان ڪهڙي ڌٻڻ طرف ڌڪجي رهيا آهيون؟ سنڌ يونيورسٽي هن واقعي کان پوءِ باهه جي گولي جهڙو ڏيک ڏئي رهي آهي، ان سميت مهراڻ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ٿيو آهي، شاگرد ۽ شاگردياڻيون امڪاني خطري ۽ خوف کان گهٻرائجي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا آهن، ڄام شوري ۾ دڪانن تي پٿراءُ رپورٽ ٿيو آهي، سنڌ يونيورستي جي مختلف ڊپارٽمينٽس ۾ ڀڃ ڊاهه ٿي آهي، هن واقعي جو ڪيس ڄام شوري پوليس داخل ڪري هڪ جوابدار گرفتار به ڪيو آهي، جڏهن ته شڪ جي بنياد تي 35 ڄڻا گرفتار ٿيا آهن، جن کي مانجهند جي مختلف ٿاڻن تي رکيو ويو آهي.

    ڪمپيوٽر سائنس شعبي ٻاهران سي آر شپ ۽ نياز جي چندي واري معاملي تان جهيڙو ٿيو هجي يا ڪنهن ٻئي ڳالهه تان معاملو ڪهڙو به هجي ۽ ان جي نوعيت ڪهڙي به هجي پر ان جو جيڪو رد عمل آڏو آيو آهي سنڌ جي سيني تي اهو بدنما داغ آهي، قاتل ڪير به هجي، گوليون ڪنهن به هلايون هجن پر هن واقعي سان جيڪا ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي، سا هڪ اڌ ڏينهن ۾ ٿڌي ٿيڻ واري ناهي ۽ ڪافي ماڻهو ۽ ڌريون اهڙيون آهن، جيڪي ٻرنديءَ تي تيل هارينديون آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ گهربل اُپاءَ ورتا وڃن ۽ هر طرح سان مادر علمي کي هٿيارن کان پاڪ ٿيڻ گهرجي، هٿيار جنهن جي هٿن ۾ هوندو آهي ان جي ئي طاقت بڻبو آهي، ايئن ناهي ته سنڌ يونيورسٽي جي تاريخ ۾ هي ڪو پهريون مقتول آهي، سنڌ يونيورسٽي ۽ اسان جا ٻيا ادارا اسان جي ڪيترن ئي ڳڀرو پٽن جي رت سان رنگيل آهن ۽ ان ئي پس منظر ۾ حليم باغي جون اهي سٽون ياد اچي رهيون آهن ته:

    اسان جي نگري سندين ڇتين تي،
    لٽيل صبح جا اداس پاڇا،
    گلن جي موسم ڪليون نه ٽيڙيون،
    بهار آندا پٽن جا لاشا.​


    سنڌ يونيورسٽي ۾ جيڪا رتو ڇاڻ ٿي آهي ان جي لپيٽ ۾ واٽهڙو به آيا آهن، سنڌ جي سمورين سياسي تنظيمن ۽ پارٽين جي اها ذميواري آهي ته اهي خاص ڪري تعليمي ادارن اندر پنهنجي صفن ۾ خود احتسابي جي مهم شروع ڪن، اسان وٽ ٿيندو ايئن آيو آهي ته پنهنجي ماڻهوءَ جي هر جائز، ناجائز عمل جي اکيون ٻوٽي حمايت ڪئي ويندي آهي ۽ رد عمل اهو ٿيندو آهي جو نتيجا اهڙا ايندا آهن جيڪي سماج کي اڃا وڌيڪ بگاڙيندا آهن، اسان جي سنڌ جي تنظيم هونئن ئي تباهه ۽ برباد آهي، هي جيڪا قتل ۽ غارت واري صورت حال يا رجحان آهي اهو اڃا گهڻي ڀينگ ڪندو، اسان جي سياست جو محور ساڃاهه بدران اخلاقي زوال ٿي چڪو آهي، درس گاهن ۾ اسان جون دليون روشن ٿيڻ بدران جهالت جي جهنگ طرف وڌن ٿيون، ها ويڙهاند، هي جهيڙا ۽ هي تون –تون، مان-مان، آخر اهو ڪلچر ڪهڙي فضيلت جو فصل پوکي رهيو آهي. سنڌ پنهنجن پراين جي ظلمن ۽ زيادتين جي هڪ ڊگهي تاريخ رکي ٿي پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي آجپي، ترقي ۽ خوشحاليءَ جو واحد سهارو اسان جا تعليمي ادارا ته ڪنهن به ڏوهه ۽ ڇڪتاڻ کان پاڪ هئڻ گهرجن، هي جيڪا فضا جڙي آهي يا جهڙو ماحول جوڙيو پيو وڃي، اهو سنڌ جو ساهه گهٽي ٿو، ان ۾ ڪا به آڪسيجن ناهي، اڄ سڄي سنڌ ۾ مقتول شاگرد جي سوڳ ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا رپورٽ ٿيا آهن پر سوال اهو آهي ته ماحول سڌارڻ جن جي هٿ وس آهي، تن جون دليون به ڌوئڻيون آهن؟ انهن کي به ڪو ڌوڏو يا لوڏو آيو آهي...؟؟؟[/justify]

    روزانه عوامي آواز تان ورتل
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: بهار آندا پٽن جا لاشا

    سائين وساڻ صاحب اوهان جي ذڪر ڪيل واقعي تي جيترو به ڏک جو اظهار ڪجي سو گهٽ آهي ۔ اسان کي جي ترقي ۽ ترويج ڏي وڌڻو آهي ته سڀ کان پهريان ان مافيا کي وئکو ڪرڻ جي ضرورت آهي ميڊيا تي پڻ ڪئي سوال آهن هي ميڊيا جي واقعي گهري ٿي ته هن ملڪ ۾ تبديلي اچي ته ان کي انٿڪ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔ ان گهر ۾ ڇا هوندو جنهن جي ماءُ ان جي لاءِ معاشري ۾ خواب ڏٺا هوندا۔ ۽ انهن ادان کي به گهرجي جي هن تعليمي ادارن ۾ اچن ٿا ڪنهن اهڙي سياسي پارٽي جي پٺڀرائي کان پاسو ڪن جن هن وقت تقئين بس اسان جي شاگردن توڙي اٻوجھ عوام جي خونن تي سياسيت ڪئي آهي ۔ الله اسان جي انهن رت ۾ رتيل جوانن جي جواننين جو درد دل ۾ جاڳائي ته جيئن انقلاب جي بنياد پوي ۽ انهن جو خون رائيگان نه وڃي۔ آمين
    وسلام
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بهار آندا پٽن جا لاشا

    سائين ڏاڏل مهرباني اوهان جي راء ڏيڻ جي

    سچ پڇو منهنجي دل رت روئندي آهي جڏهن اسان جي مادر علمين ۾ اهڙا واقعا ٿيندا آهن۔ جڏهن اسان جي تعليم وئي ته سمجهو اسان جاهل ئي رهجي وينداسون۔ خبر ناهي اسان جا سياسي دوست ڪڏهن سياسي بالغ ٿيندا ؟؟

    سنڌ تباهيء جي ڪناري اچي پهتي آهي ۽ اسان پنهنجو پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهيون
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: بهار آندا پٽن جا لاشا

    اسان جي ڊپارٽمينٽ (آءِ‌ آءِ‌ سي ٽي) ۾ ان وقت استادن جي ڊائريڪٽر ۽ ڊين سان ميٽنگ ختم ٿي هئي جنهن مهل دوستن جا ايس ايم ايس مون کي پهتا ته ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمنٽ جو هڪ شاگرد قتل ٿيو آهي۔۔۔ پهرين ته يقين نه آيو، پر ڪالن ۽ ميسجن جي وٺ پڪڙ کان پوءِ ڊپارٽمنٽ مان ۽ دوستن کان ڪنفرم ٿيو ته هي واقعو ٿيو آهي ۽ بابر سنديلو نالي شاگرد قتل ٿيو آهي۔۔ مون کي ميسج ملڻ ساڻ هڪ ٻي پريشاني وٺجي وئي هئي۔۔ ڇو ته ڪمپيوٽر سائنس جي ٻئين سال جي اندر منهنجو هڪ ڀاءُ پڻ‌پڙهندو آهي پر اهو خير سان ان ڏينهن ڪلاسن جي بائيڪاٽ سبب سوير گهر هليو ويو هو ۽ مان پاڻ اتان واقعي کان اڌ ڪلاڪ پهرين گذريو هئس۔۔۔۔
    ڪئمپس جي حدن ۾ ته فائرنگ معمول جي ڳالهه آهي جنهن ڪري اهڙي واقعن جو هر وقت خطرو هوندو آهي۔۔۔ الله خير ڪري
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: بهار آندا پٽن جا لاشا



    سائين اها ته پڪ رکو ته هي سياسي ٻار ڪڏهن بالغ ناهن ٿيڻ وارا باقي دعا ڪيو ته ڪو سياسي ٻار پيدا ٿئي ۽ اهو ڪو بالغ ٿئي باقي هنن ترن ۾ تيل ڪونهي هي ته بيضمير ٽولا آهن هنن جي ضمير تي حُٻِ دنيا جا تالا لڳل آهن هنن کي ڇا جي ڪو مري تباھ ٿئي يا ذليل ٿئي ڇو جو اهي سڀ سوال ڪنهن باضمير لاءِ حيثيت رکن ٿا۔
    وسلام
     
  6. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: بهار آندا پٽن جا لاشا

    الله سائين اسان کي سياسي بصيرت عطا ڪري ۽ حڪمرانن کي مفت جي مصلحتن کان پري ڪري جئين سمورو ملڪ خاص طور تي علمي مراڪز آزادي سان پنهنجو مقصد پورو ڪري سگهن۔
     
  7. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: بهار آندا پٽن جا لاشا

    ادا وساڻ انتهائي درد وارا لفظ ۽ درد واري ڪهاڻي پڙهي تمام ڊل کي گهڻي تڪليف پهتي ادا پنهنجي ديس جون واڳون هميشه مانگر مڇ جي وات ۾ رهيون آهن افسوس جي ڳالهه اهيا آهي جتي اسين پڙهي علادرجن تي پهچون ۽ علا مقام حاصل ڪريون پر اتي ئي اسان کي هٿيارن جي پريڪٽس ڏني وڃي ٿي جنهن ۾ اسين يان ته ٻيو ڪو هٿيارن جو خاڄ بنجي وڃي ٿو آخر هي يونيورسٽي جو عملو ڪهڙي مصروفيتن جي ور چڙهيل آهي جيڪو هتي ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن جنهن تي اڃا نظر ثاني نه ٿي آهي آخر هي راند ڪيستائي هلندي ؟هلندي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو