بهار آندا پٽن جا لاشا
نسيم بخاري
روزانه عوامي آواز تان ورتل
نسيم بخاري
هڪ دفعو وري سنڌ جي مادي علمي لهوءَ تي لال ٿي آهي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ تعليم جا خواب کڻي ايندڙ هڪ ڳڀرو نوجوان جو قتل ٿيو آهي، بابر عباس سنديلي جي ڪک ۾ لڳل گولي سنڌ جي ساڃاهه، سنڌ جي ضمير ۽ سنڌ جي سُرت جي سيني ۾ لڳل گولي آهي، اخبارن هن واقعي تي وڏا باڪس ٺاهي هلايا آهن، اسان جي ٽي وي چئنلز ان واردات کي پڻ اهم جاءِ ڏني آهي، اهو واقعو اهو عمل ۽ ان جا اثر واقعي به ايڏا وڏا ۽ سنگين آهن جو ان کي اها اهميت ملڻ کپندي هئي، اڃا به ايئن چئون ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا هن معاملي کي جيتري گهڻي ڪوريج ڏني آهي اهو معاملو اڃا به وڌيڪ تحقيقي رپورٽنگ جو گهرجائو هو.
پاڻ ان بحث ۾ نه ٿا پئون ته هن واقعي ۾ ڪنهن ڪنهن جو هٿ آهي، پر جنهن جنهن جو به هٿ آهي انهن جي ساک ۽ ڪردار داءَ تي آهي، اسان جي سياسي پارٽين ۾ جيڪا هڪ ٻئي خلاف نفرت، چڙ، ساڙ، بغض ۽ ڪينو توڙي ڪروڌ جڳن کان موجود رهندو آيو آهي تنهن ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ پنهنجي اندر جي باهه ماري آهي.
زيرو پوائنٽ وٽ ڪالهه جيڪو واقعو پيش آيو آهي، تنهن رڳو هڪ فرد جو ساهه نه ڪڍيو آهي پر سڄي سنڌ کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جن مائٽن جي اولاد سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهي ٿي سي وڏي ٻڏ تر جو شڪار آهن، انهن جي اندر ۾ انيڪ قسمن جا امڪاني خطرا ويهجي ويا آهن ۽ خود علم پرائيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ذهني ۽ نفسياتي ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل آهن. هنن جي ذهنن ۽ دلين ۾ هڪ ئي سوال وري وري اُڀري ٿو ته ڇا اسان جو آئيندو محفوظ آهي؟ يا اسان مان به ڪڏهن ڪنهن کي ڪا گولي ايئن ڳڙڪائي ويندي، جيئن بابر عباس سنديلي جو انت ٿيو آهي. بابر ڪمپيوٽر سائنس جي ٻئي سال جو شاگرد هو پر هاڻ هو احمد پور لڳ پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفن آهي، اهو هڪ بابر دفن ناهي پر ان جا سمورا خواب سندس خاندان جون سڄيون اميدون دفن آهن، سنڌ جو شعور اهو سوچي ٿو ته اسان کي هي آخر ڪهڙي قسم جي تباهي ۽ بربادي جي طرف ڌڪيو پيو وڃي؟ اسان ڪهڙي ڪُن ۾ ڦاسندا پيا وڃون؟ اسان ڪهڙي ڌٻڻ طرف ڌڪجي رهيا آهيون؟ سنڌ يونيورسٽي هن واقعي کان پوءِ باهه جي گولي جهڙو ڏيک ڏئي رهي آهي، ان سميت مهراڻ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ٿيو آهي، شاگرد ۽ شاگردياڻيون امڪاني خطري ۽ خوف کان گهٻرائجي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا آهن، ڄام شوري ۾ دڪانن تي پٿراءُ رپورٽ ٿيو آهي، سنڌ يونيورستي جي مختلف ڊپارٽمينٽس ۾ ڀڃ ڊاهه ٿي آهي، هن واقعي جو ڪيس ڄام شوري پوليس داخل ڪري هڪ جوابدار گرفتار به ڪيو آهي، جڏهن ته شڪ جي بنياد تي 35 ڄڻا گرفتار ٿيا آهن، جن کي مانجهند جي مختلف ٿاڻن تي رکيو ويو آهي.
ڪمپيوٽر سائنس شعبي ٻاهران سي آر شپ ۽ نياز جي چندي واري معاملي تان جهيڙو ٿيو هجي يا ڪنهن ٻئي ڳالهه تان معاملو ڪهڙو به هجي ۽ ان جي نوعيت ڪهڙي به هجي پر ان جو جيڪو رد عمل آڏو آيو آهي سنڌ جي سيني تي اهو بدنما داغ آهي، قاتل ڪير به هجي، گوليون ڪنهن به هلايون هجن پر هن واقعي سان جيڪا ڇڪتاڻ پيدا ٿي آهي، سا هڪ اڌ ڏينهن ۾ ٿڌي ٿيڻ واري ناهي ۽ ڪافي ماڻهو ۽ ڌريون اهڙيون آهن، جيڪي ٻرنديءَ تي تيل هارينديون آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ گهربل اُپاءَ ورتا وڃن ۽ هر طرح سان مادر علمي کي هٿيارن کان پاڪ ٿيڻ گهرجي، هٿيار جنهن جي هٿن ۾ هوندو آهي ان جي ئي طاقت بڻبو آهي، ايئن ناهي ته سنڌ يونيورسٽي جي تاريخ ۾ هي ڪو پهريون مقتول آهي، سنڌ يونيورسٽي ۽ اسان جا ٻيا ادارا اسان جي ڪيترن ئي ڳڀرو پٽن جي رت سان رنگيل آهن ۽ ان ئي پس منظر ۾ حليم باغي جون اهي سٽون ياد اچي رهيون آهن ته:
سنڌ يونيورسٽي ۾ جيڪا رتو ڇاڻ ٿي آهي ان جي لپيٽ ۾ واٽهڙو به آيا آهن، سنڌ جي سمورين سياسي تنظيمن ۽ پارٽين جي اها ذميواري آهي ته اهي خاص ڪري تعليمي ادارن اندر پنهنجي صفن ۾ خود احتسابي جي مهم شروع ڪن، اسان وٽ ٿيندو ايئن آيو آهي ته پنهنجي ماڻهوءَ جي هر جائز، ناجائز عمل جي اکيون ٻوٽي حمايت ڪئي ويندي آهي ۽ رد عمل اهو ٿيندو آهي جو نتيجا اهڙا ايندا آهن جيڪي سماج کي اڃا وڌيڪ بگاڙيندا آهن، اسان جي سنڌ جي تنظيم هونئن ئي تباهه ۽ برباد آهي، هي جيڪا قتل ۽ غارت واري صورت حال يا رجحان آهي اهو اڃا گهڻي ڀينگ ڪندو، اسان جي سياست جو محور ساڃاهه بدران اخلاقي زوال ٿي چڪو آهي، درس گاهن ۾ اسان جون دليون روشن ٿيڻ بدران جهالت جي جهنگ طرف وڌن ٿيون، ها ويڙهاند، هي جهيڙا ۽ هي تون –تون، مان-مان، آخر اهو ڪلچر ڪهڙي فضيلت جو فصل پوکي رهيو آهي. سنڌ پنهنجن پراين جي ظلمن ۽ زيادتين جي هڪ ڊگهي تاريخ رکي ٿي پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي آجپي، ترقي ۽ خوشحاليءَ جو واحد سهارو اسان جا تعليمي ادارا ته ڪنهن به ڏوهه ۽ ڇڪتاڻ کان پاڪ هئڻ گهرجن، هي جيڪا فضا جڙي آهي يا جهڙو ماحول جوڙيو پيو وڃي، اهو سنڌ جو ساهه گهٽي ٿو، ان ۾ ڪا به آڪسيجن ناهي، اڄ سڄي سنڌ ۾ مقتول شاگرد جي سوڳ ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا رپورٽ ٿيا آهن پر سوال اهو آهي ته ماحول سڌارڻ جن جي هٿ وس آهي، تن جون دليون به ڌوئڻيون آهن؟ انهن کي به ڪو ڌوڏو يا لوڏو آيو آهي...؟؟؟

اسان جي نگري سندين ڇتين تي،
لٽيل صبح جا اداس پاڇا،
گلن جي موسم ڪليون نه ٽيڙيون،
بهار آندا پٽن جا لاشا.