جواد رضا
سينيئر رڪن
دهشت گردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي صدر جو نالو ڪيس مان خارج ڪرڻ جي ايف آءِ اي واري درخواست رد ڪري ڇڏي
بينظير قتل ڪيس ۾ مشرف جا گرفتاري وارنٽ جاري، ڇنڇر تي طلب
راولپنڊي(اي پي پي/م ڊ) دهشت گردي جي انت واري خاص عدالت بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ مشرف کي گرفتار ڪري 19 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو. عدالت جي جج رانا نثار احمد خان ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر چوڏري ذوالفقار جي درخواست سان اتفاق ڪيو جنهن ۾هن ڄاڻايو آهي ته پرويز مشرف کي جاچ جي عمل ۾ سهڪار نه ڪرڻ سبب روپوش قرار ڏنو وڃي ۽ کيس عبوري چالان ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدارن ۾ شامل ڪيو وڃي.عدالت برگيڊيئر (ر) جاويد اقبال چيمه ۽ انٽيليجنس بيورو جي اڳوڻي سربراهه اعجاز شاهه جي بيانن تي پڻ غور ڪيو جن ۾ انهن مشرف جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر عدالت تي زور ڀريو ته جاچ جي عمل ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي مشرف خلاف ايڪشن کنيو وڃي. ڄاڻايل عدالت ڪيس جي شنوائي پنجن شڪي جوابدارن تي اڍيالا جيل ۾ هلائي رهي آهي جن ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جا مبينا ڪارڪن پڻ شامل آهن جن تي الزام آهي ته انهن محترمه بي نظير ڀٽو جي قتل جو منصوبو تيار ڪيو.عبوري چالان ۾ مشرف خلاف 12 الزام هنيا ويا آهن. ايف آءِ اي جي عملدارن مطابق پرويز مشرف کي اڳ ۾ ئي خبر هئي ته بي نظير ڀٽو کي تحريڪ طالبان پاڪستان جي اڳواڻ بيت الله محسود هٿان قتل ڪيو ويندو پر هن اها اهم ڄاڻ لڪائي.ايف آءِ اي جي عملدارن وڌيڪ چيو ته حاصل ٿيل ثبوتن ۽ شاهدين جي آڌار تي اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پرويز مشرف پنهنجي حڪومت ۾ بي نظير ڀٽو جي قتل جي سازش ۾ برابر جو شريڪ هو ۽ هو محترمه بي نظير ڀٽو کي گهربل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ۽ سندس قتل جي عدالتي جاچ ڪرائڻ کان پڻ انڪار ڪيو.عبوري چالان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته محترمه بي نظير ڀٽو کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ٻن اڳوڻن پوليس آفيسرن سعود عزيز ۽ خرم شهزاد پڻ مشرف جي هدايتن جي پوئواري ڪئي. ڄاڻايل پوليس آفيسرن تي اهو پڻ الزام آهي ته انهن واردات واري هنڌ کي ڌوئاري ڇڏيو هو جنهن سبب اتان اهم شاهديون گم ٿي ويون. عبوري چالان ۾ بي نظير ڀٽو جي هڪ بليڪ بيري موبائل جو فورينزڪ تجزيو پڻ شامل ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن واري اداري طرفان محترمه بي نظير ڀٽو جي قتل جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن پڻ مشرف کي ئي بي نظير ڀٽو کي جوڳي سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو هو. ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته ڊي آءِ جي واجد ضياءَ کي بينظير قتل ڪيس جي جاچ ٽيم جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. سرڪاري وڪيل چوڌري ذوالفقار علي عدالت کي ٻڌايو ته ان ڪيس جي اڃا تائين جاچ ۾ ان ڪري اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي ڇو ته اڳوڻو فوجي صدر باربار گهرائڻ باوجود جاچ ٽيم آڏو پيش نه ٿيو. بينظير ڀٽو جو قتل ڪو حادثو نه هو بلڪه سازش تحت کيس قتل ڪيو ويو ۽ مشرف قتل جي ان سازش جو حصو هو، جڏهن ته عدالت ان ڪيس ۾ مشرف جو نالو ڪڍڻ متعلق ايف آءِ اي جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.
مشرف جا گرفتاري وارنٽ بلڪل درست فيصلو آهي: اطهر من الله
راولپنڊي (م ڊ): مشهرو قانون دان اطهر من الله چيو آهي ته تاريخ اسان کي اهو ٻڌائي ٿي آمر هميشه ڀڄي ويندا آهن، پر هاڻي قانون پرويز مشرف جو پيڇو ڪري رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته قانون مطابق سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ بلڪل درست آهي. مشرف لاءِ ضروري آهي ته هو خود عدالت ۾ پيش ٿئي. ٻي صورت ۾ عدالت وٽ گهڻا رستا موجود آهن.
مون کي مشرف جو نالو ڪڍڻ جو چيو ويو: ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر
راولپنڊي (م ڊ): بينظير قتل ڪيس بابت ايف آءِ اي جي وڪيل چوڌري ذوالفقار چيو آهي ته مون مرده ڪيس ۾ جان وڌي، مون کي چيو ويو ته بينظير ڪيس مان مشرف جو نالو واپس وٺ، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عدالت ايف آءِ اي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. مون کي هٽائڻ جو باضابطا اطلاع ناهي مليو، جيڪڏهن مون کي هٽايو ويو ته ميڊيا کي ڪيس جا تفصيل ٻڌائيندس. جڏهن ته امڪان آهن ته حڪومت جاچ ٽيم جي سربراهه کان پوءِ ايف آءِ اي جي چيف پراسيڪيوٽر کي هٽائي ڇڏيندي.