پر پريشان آهيان

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
پر پريشان آهيان



نه خوش نه حيران پر پريشان آهيان
بس سوچ آهي ڇا مسلمان آهيان؟

ڪنهن کي چوان ڪو ڪا ڪري ٿو
پنهنجي حال جو پاڻ نگهبان آهيان

جنت کي ڇا ڪندس جي ناهي سڪون
ڏسان ٿو ڪئي گناهن جو قبرستان آهيان

سجدن ۾ سڪون ناهي اندر آزريل آهي
رياءَ ڪاري جو سدائين سلطان آهيان

آزر جا بت ڪن ٿا مون اڳيان آزيون
شبيھ شرعي، پر شاطر شيطان آهيان

سڀ ٿا سمجهن ڏاڏل ڏاڍو ڏاهو آهي
سمجهايان ڪاڄ کي نڀاڳو نادان آهيان​
 
جواب: پر پريشان آهيان

سائين ڏاڏل ۔۔۔ الله رحم ڪري ۔۔۔ پنهنجي يا اسانجي يا انسانيت جي تڪليفده حالت بيان ڪئي اٿوَ ۔۔۔

الله ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن

حساس انسان جڏهن انسانيت تي ڏاهپ سان سوچي ٿو ته آخر ۾ ڏاڏل جهڙي حالت ٿئي ٿي يا لطيف جو مٿيون بيت ياد اچي ٿو ۔۔۔

لک ٿورا دوست ۔۔۔ ڏاهپ ڀريا ٻول
 
جواب: پر پريشان آهيان

ادا ڏاڏل شينو۔۔ اوهان جي شاعري سچ ۽ فقط سچ جي جذبي سان لکيل آهي، اهڙي ڪوششن کي جاري رکو۔۔۔
 
Back
Top